ٽيون وجود : امر جليل

'ڪهاڻيون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏28 اپريل 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]



    سنڌ جي برک ليکڪ ، ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار امر جليل جي ڪهاڻين جو ڪتاب ”ٽيون وجود“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب ڪيئي دفعا ڇپيو آهي ۽ هن مجموعي ۾ شامل ڪهاڻيون پنهنجي دور جون لازوال ڪهاڻيون آهن جهڙوڪ، منهنجو پُٽ مهدي، پنجين موسم، ٽيون وجود ۽ ٻيون ڪهاڻيون. هن ڪتاب جي ثقافت کاتي پاران ڇپايل ايڊيشن اسڪين ڪري اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.

    منهنجو پُٽ مهدي جي هڪ ڊائلاگ ۾ هڪ هنڌ امر جليل لکي ٿو:

    مهدي منهنجي ٻانهن ۾ ڦٿڪيو، وسامندڙ اکيون منهنجي اکين ۾ وجهي ڇڏيائين. مون پنهنجو منهن سندس ننڍڙي سيني تي آهستي رکيو. سندس ساهه جو ابابيل هڏڙين جي قفس مان اڏامڻ لاءِ پرڙا هڻي رهيو هو. مهديءَ ٻڏندڙ آواز ۾ ڇيو، ”مون کي پگهر جو پورهيو کاراءِ. بابا، خيرات جو ڀَتُ کائيندس ته اڦٽ مري ويندس“.



     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. محمد راشد شر

    محمد راشد شر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2015
    تحريرون:
    214
    ورتل پسنديدگيون:
    279
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ڌنڌو:
    لکپڙه
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    امرجليل جي تحريرن جي جيتري تعريف ڪجي اها گهٽ آهي. سندس جي تحريرن ۾ ڇا ته لفظن جو استعمال آهي. هن ڪتاب جي هڪ ڪهاڻي “هڪ دل جي اڪيلائي” کي آ بار بار پڙهندو آهيان پر ڪجهه وقت اڳ اهو ڪتاب ڪو دوست کڻي ويو جنهن وري واپس ئي نه ڪيو ۽ اڄ وري سنڌ سلامت تان ملي ويو وڏي مهرباني..
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. آصف فريد ڀٽو

    آصف فريد ڀٽو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    17
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تعلقو اوٻاوڙو ضلعو گهوٽڪي
    تمام بهترين ڪتاب آهي ۽ سائين امر جليل هڪ نامور هستي آهي الله پاڪ سائيجن کي هميشه خوش ۽ آباد رکي.. آمين.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. صاحبڏنو شيخ

    صاحبڏنو شيخ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    41
    ورتل پسنديدگيون:
    84
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    [​IMG]
    امرجليل صاحب اسانجو انمول سرمايو آهي سندس ڪهاڻين جا خيال ڊائيلاگ روح کي راحت بخشين ٿا سندس تحرير ڪيل ڪهاڻيون جن ۾ سنڌ جي حقيقي ڪردارن جي نشاندهي ٿيل اسان لا باعث فخر ادبي خزانو آهن مون سندس ڪهاڻيون " آدم جي ما " کان وٺي "ٽيون وجود تائين پڙهيون آهن جيڪي اڄ به هر لحاظ کان نڪور تحريرون لڳن ٿيون امر جليل صاحب جي ان ڏات کي اسين سلام پيش ڪندي سنڌ سلامت جي ساٿين جا انتهائي ٿورائتا آهيون جن جي محنت سان هن جديد دور ۾ جڏهن ڪتابن جو مطالعو نه ڪرڻ جي برابر آهي ان ڪمپييوٽر واري دور ۾ اسان جي عظيم شخصيتن جون تحريرون نيٽ تي رکي نئين نسل کي انهن جي لکڻين کان متعارف ڪرائي اهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي جنهن جي تعريف ڪرڻ لا اسان وٽ لفظ ناهن .
    امرجليل صاحب اسان جو محسن ۽ سنڌي ٻولي جو عظيم ڪهاڻيڪار آهي اسين پنهنجي نئين نسل کي گُذارش ڪنداسين ته سندس ڪهاڻيون اهي به بار بار پڙهن ۽ بهترين خيالن توڙي ڊائيلاگن مان لُطف اندوز ٿين پر ٻين کي به اهو مواد پڙهڻ لا شيئر ڪن.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. صاحبڏنو شيخ

    صاحبڏنو شيخ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    41
    ورتل پسنديدگيون:
    84
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    قُرب سائين وساڻ صاحب
    سنڌي ٻولي لا اوهان جون خدمتون قابلِ تعريف آهن
    سدائين خوش هجو !
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. منظور احمد ڪلوئي

    منظور احمد ڪلوئي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2016
    تحريرون:
    27
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    پرائويٽ استاد نيو غزالي گرامر پبلڪ اسڪول پيارو
    ماڳ:
    تعلقو ۽ ضلعو دادو پوسٽ آفس پيارو اسٽيشن
    امر جليل هڪ بهترين ليکڪ ۽ بهترين شخص
    ناول نيٺ گونگي ڳالهايو
    ته ڪمال جو لکيو اٿائين.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو