آڊيو، وڊيو ۽ تصويرن سميت سڀني فائلز جي ميموري (سائيز) گهٽ ڪريو..

'سافٽويئر' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏29 اپريل 2015۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    السلام عليڪم سنڌسلامت جا دوستو! اميد ته ٺيڪ ٺاڪ هوندا.
    وقت سان گڏوگڏ جتي انٽرنيٽ جي رفتار ۾ اضافو ٿيو آهي اُتي فائلز جي سائيز ۾ به گهڻو اضافو ٿيو آهي. تصويرن کان وٺي ڊاڪيومينٽس، گانن کان وٺي فلمن ۽ وڊيوز جي سائيز ڪٿي کان ڪٿي وڃي پهتي آهي!. انٽرنيٽ جي رفتار تيز هئڻ باوجود ڪابه فائل ايميل يا ڪٿي اپلوڊ ڪرڻ ۾ تمام گهڻي مشڪل پيش اچي ٿي، ان جو سبب وڏي سائيز ئي آهي. جيڪڏهن تصوير ننڍي سائيز ۾ به موڪلي وڃي ته ڪو مسئلو نٿو ٿئي، پر ان جي سائيز ڪيئن گھٽ ڪجي؟ اها اسان کي خبر ناهي هوندي. ان لاءِ اسان وڏي سائيز ۾ ئي تصويرون موڪليندا آهيون ۽ ان لاءِ گهڻو پريشان به ٿيڻو پوندو آهي. :( . اها ته ننڍي ڳالهه آهي پر اها توهان جي انٽرنيٽ جي بينڊوٿ تي اثر ڪري ٿي.

    تصويرن جي سائيز گھٽ ڪرڻ ته اڪثر ماڻهن کي اچي ٿي پر ان کان علاوه ڊاڪيومينٽس ۽ وڊيوز وغيره جي سائيز گھٽ ڪرڻ بابت ڪنهن کي به خبر ناهي هوندي. تقريباً سڀني فارميٽس جي فائلز کي آپٽمائيز ڪرڻ لاءِ صرف هڪ ئي پروگرام ڪافي آهي ۽ ان پروگرام جو نالو آهي ”فائل آپٽمائيزر“.

    [​IMG]

    هن پروگرام جي خاص ڳالهه آهي ته هن ۾ توهان جي ضرورت جي تقريبن سڀني فارميٽس جي سپورٽ موجود آهي. گانا، وڊيوز، تصويرون ۽ ڊاڪيومينٽس وغيره جي مشهور فارميٽس جي سپورٽ هن ۾ موجود آهي.

    ياد رکو ته هي فائل کي آپٽمائيز ڪري ٿو يعني ان جو وزن گھٽائي ٿو . جيڪڏهن تصوير جي ڳالهه ڪئي وڃي ته ان ۾ موجود معلومات جنهنکي ميٽا ڊيٽا چون ٿا، ان ۾ موجود فالتو پگزلس وغيره کي ڊليٽ ڪري ان جو وزن گھٽائي ٿو . فائل آپٽمائيزر فائل جي ڪوالٽي متاثر ڪري ڪم ڪري ٿو، ان جي سائيز يعني ويڪر يا ڊيگھ گھٽ نٿو ڪري، بلڪه فائل کي هلڪو ڦلڪو ڪري ٿو پر جيترو ممڪن هُجي. اهڙي طرح اها فائل توهان جي لاءِ ايميل ڪرڻ يا ڪٿي اپلوڊ ڪرڻ انتهائي آسان ٿي وڃي ٿي.

    [​IMG]

    هن جي سڀ کان وڏي خوبي هن جو سڀني فارميٽس کي سپورٽ ڪرڻ آهي، اهڙي طرح ڪابه فائل هُجي ان لاءِ توهان کي الڳ پروگرام انسٽال ڪرڻو نه پوندو. جن فائلز جي سائيز گھٽ ڪرڻي هُجي انهن کي ڊريگ ۽ ڊراپ سان ان ۾ شامل ڪريو ، آپٽمائيز ڪرڻ کان پوءِ هي توهان کي ڏيکاريندو ته آپٽمائيزيشن کان پهرين سائيز ڪيتري هُئي ۽ آپٽمائيزيشن کان پوءِ هن جي ڪيتري سائيز آهي. جڏهن ته هِن ۾ توهان ڪوالٽي ڏِسندا ته ساڳي ئي هوندي جيڪا اڳ ۾ فائل جي هُئي.
    موبائل فون ذريعي وڊيوز ، تصويرون شيئر ڪرڻ کان پهرين هن پروگرام کان مدد وٺڻ وڏي ڪم اچي سگھي ٿو ڇو ته ڪوالٽي متاثر ڪرڻ کان بغير فائل جي وزن کي گھٽ ڪرڻ ان جي شيئرنگ کي آسان بڻائي ٿو. ان کان علاوه جيڪڏهن توهان ويب ڊيولپر آهيو ته پنهنجي فائلز هِن جي ذريعي آپٽمائيز ڪري انهن کي تمام هلڪو ڦلڪو ڪري سگھو ٿا ، جنهن سان ويبسائيٽ لوڊنگ ۾ پڻ گھٽ وقت وٺندي.
    فائل آپٽمائيزر سافٽويئر اوپن سورس تحت بلڪل مفت ۾ موجود آهي ، ڊيولپر دوستن لاءِ هِن جو سورس ڪوڊ پڻ هِن جي ويبسائيٽ تي ڊائونلوڊنگ لاءِ موجود آهي.

     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺو ... اهڙن ئي ٽپس جي ضرورت آهي اسانکي، جن کان اسان با خبر ناهيون ۽ پريشان رهون ٿا
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    اُميد ته ذيشان رشيد به هاڻي سنڌسلامت جي اپگريڊيشن وقت ان جو فائدو وٺندو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو