ڇھ سالن کانپوءِ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ منير احمد لُنڊ طرفان آندل موضوعَ ‏23 مئي 2015۔

  1. منير احمد لُنڊ

    منير احمد لُنڊ
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏1 مئي 2015
    تحريرون:
    40
    ورتل پسنديدگيون:
    49
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ٽنڊو محمد خان
    منير احمد لُنڊ
    ڇھ سالن کانپوءِ

    ٻه هزار نو ۾ سريلنڪن ٽيم تي ٿيل حملي کانپوءِ پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪيٽ جا دروازا ڇھ سالن تائين بند رهيا جنهن سبب پاڪستان پنهنجي هوم سيريز متحده عرب امارات ۾ کيڏندو رهيو جيڪا ڳاله هر پاڪستاني لاءِ ڪنهن صدمي کان گهٽ نه هئي.
    پاڪستان جي هوم سيريز پاڪستان ۾ ڪرائڻ لاءِ شھريار خان جون ڪيل ڪوششون قابل تعريف آهن، پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي بحاليءَ لاءِ ورتل حڪومتي ڪوششون به واکاڻ لائق آھن، پر سڀني کان وڌيڪ آھي زمبابوي ڪرڪيٽ بورڊ جو کنيل بهادري وارو قدم جنهن جي جيتري تعريف ڪجي سا گهٽ آهي زمبابوين حڪومت جي انڪار باوجود هنن پاڪستان جو ساٿ ڏنو ۽ پنهنجي ڪيل زبان کي پاڻي ڏنو ان لاءِ ٽيم سميت پوري مينيجمنٽ کي واپس وڃي حڪومت کي جواب پڻ ڏيڻو آھي
    ڇھ سالن جي طويل عرصي کانپوءِ پاڪستان ۾ ٿيل پهريون ٽِي ٽوئنٽي پڻ ڏسڻ وٽان هو جنهن ۾ تاشاين جو جوش ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جو جذبو به قابل داد هو جيڪي هر خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ سينو تاڻي بيٺا هئا، پر ان باوجود آئي سي سي جو سڪيورٽي خدشات ڄاڻائي پنهنجا آفيشلز پاڪستان نه موڪلڻ وارو فيصلو سمجھ کان مٿي آھي، جيڪڏھن فيفا پنهنجا آفيشلز بغير ڪي خدشات ڄاڻائڻ جي پاڪستان موڪلي سگهي ٿو ته پوءِ آئي سي سي ڇو نه؟ آئي سي سي جو اهو ٻٽو رويو پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام لاءِ تڪليف جو سبب آھي.

    منير احمد لُنڊ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو