هت ڪوڙ آهي ٺٽ ۾

'ڊزائين ڪيل شاعري' فورم ۾ سيد احسان علي شاهه طرفان آندل موضوعَ ‏24 جولائي 2015۔

  1. سيد احسان علي شاهه

    سيد احسان علي شاهه
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جولائي 2015
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ڪم
    ماڳ:
    حيدرآباد

    [​IMG]

    هت ڪوڙ آهي ٺٽ ۾


    هت ڪوڙ آهي ٺٽ ۾ سورن ۾ آهي سچ
    ۽ حق سندي خليل لئه مچندو رهي ٿو مچ

    هر ڪو ٿيو غلام آ دنيا جي امر جو
    وسري ويو زماني کي قرآن آهي ڳچ

    پئسن تي پهرين ايندا ها ناچو ۽ ناچڻيون
    هاڻي ته مفت ۾ ئي تون ٻارين ٻچي پيو نچ

    ممڪن ئي نه هو غير ڪو گهر جو اڱڻ ٽپي
    هي دور غير کي ٿو چئي وچ ۾ ويهه اچ

    انسان ٻئي کي خوش ڏسي هرگز نه خوش ٿيو
    هن آڳ حسد واري ۾ پيو منهنجو پاڻ پچ

    پنهنجن سان رب جو حڪم ٿيو ناتا نه ٽوڙجن
    تون پاڻ تن سان پرچي پئو رت سان رجهي تون رچ

    ايڏي نه تيز هلائي تون گاڏي بريڪ هڻ
    ڪر زيست جو تبديل گيئر هڪدم هڻي ڪلچ

    ڌرتيءَ جو جهنگ ساڙي تون ايندڙ نه وقت ساڙ
    حب جي هڙي هڻي تون دل جي ته ديهه ۾ اچ

    احسان ڏکيا ڏنگ ٿئي ڏاڍن جي ڏيهه جا
    هن ٻه منهين بلا کان جي بچڻو اٿئي ته بچ

    احسان شاه هاشمي
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    حقيقت تي مبني سهڻا خيال . لک قرب سائين
     
  3. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    احسان ڏکيا ڏنگ ٿئي ڏاڍن جي ڏيهه جا
    هن ٻه منهين بلا کان جي بچڻو اٿئي ته بچ

    شل نه ڪو مسڪين ٻه منهين بلا جي وات ۾ اچي پوءِ بچڻ ڏاڍو مشڪل اٿس.
     
  4. MUHAMMAD ASIF BROHI

    MUHAMMAD ASIF BROHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 مارچ 2013
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    323
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    173
    ڌنڌو:
    زمينداري
    ماڳ:
    سرهاري،شهدادپور ضلع سانگهڙ

هن صفحي کي مشهور ڪريو