جسي ۾ جبار جو، خفي خيمو کوڙ. جلي تون زبان سين، چارئي پهر جوڙ، فڪر سين فرقان ۾، اِسم اعظم ڏور، ٻيا در وڃي م ووڙ، اِي امل اِئائين سپجي.
راه شريعت هليا، تفڪر طريقون، حال حقيقت رسيا، معرفت ماڳون، ناسوت، ملڪوت، جبروت، اِي اِنعام لڌون، پس لاهوت لنگھيون، هاهوت مٿي هليا.
شريعت جي شوق کي رک من اندر مظبوط ترار کڻي طريقت جي ڪر تن وڍي تابوت حقيقت جي حڪمت سين ٿي سر ڳنڍي ثابوت پوء يڪدم لهين ياقوت معرفت وارو مسڪين چئي
ٿي سگهي ٿو جيئن ته اسانوٽ شاھ سائين ڏانهن منسوب کوڙ سارا بيت آهن ۽ مون وانگر هر ماڻهون سموري رسالي جي سڀني سرن جو حافظ ڪونهي . مگر پوء به تحقيق ٿي سگهي ٿي اوهانکي التجا ٿي ڪجي ته توهان به هن بيت جي تحقيق ڪندا مان به ڪوشش ڪندس
مُونا جن محراب جُسو جامع تن جو قبلي نُما قلب ڪري تنهن کي ڪيائون طواف تنين ڪهڙو ڏوھ ثواب هادي جهين حال ٿيو