وزيراعظم تي الزامن لاءِ ڪميشن جوڙي وئي آهي ته منهنجي مٿان لڳل الزامن لاءِ به ڪميشن جوڙي وڃي

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ Salma Naz طرفان آندل موضوعَ ‏9 اپريل 2016۔

  1. Salma Naz

    Salma Naz
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏19 آگسٽ 2015
    تحريرون:
    32
    ورتل پسنديدگيون:
    50
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڌنڌو:
    نيوز ڪاسٽر
    [​IMG]
    ڪراچي : ڪراچي جي احتساب عدالت ڪرپشن ۽ زمينن تي قبضن سميت 5 ريفرنسز ۾ ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ واري ڪارروائي هڪ ڀيرو ٻيهر 25 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ڊاڪٽر عاصم چيو آهي ته هو بيگناهه آهي، کيس نه ڪيل گناهن جي سزا ڏني پئي وڃي. ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ گئس جي ٺيڪن ۾ ڪرپشن ۽ زمينن تي قبضن سميت پنجن ريفرنسز جي ٻڌڻي دوران ڊاڪٽر عاصم حسين، اعجاز چوڌري ۽ صفدر حسين کي پيش ڪيو ويو. ٻڌڻي دوران ڊاڪٽر عاصم حسين جي وڪيل انور منصور خان دليل ڏنا ته اعجاز چوڌري ۽ صفدر حسين عبوري ضمانت تي آهن، جڏهن ته عبدالحميد مفرور آهي. ڊاڪٽر عاصم جي وڪيل دليل ۾ چيو ته فرد جرم کان اڳ سندن اعتراض ختم ڪيا وڃن، نيب چيئرمين پنهنجي جاري ڪيل حڪم ۾ سبب نه ڄاڻايو آهي. ڊاڪٽر عاصم حسين جي وڪيل جا دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ عدالت ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ ٻين جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو ڪرڻ واري ڪارروائي 25 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻڌڻي جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر عاصم حسين چيو ته مٿس داخل سمورا ڪيس ڪوڙا آهن، جڏهن ته ڪو گواهه موجود نه هئڻ باوجود کيس ڪيل گناهن جي سزا ڏني پئي وڃي. هن چيو ته وزيراعظم تي الزامن لاءِ ڪميشن قائم ڪئي وئي آهي ته پوءِ منهنجي مٿان لڳل الزامن لاءِ به ڪميشن قائم ڪئي وڃي. واضح رهي ته ڊاڪٽر عاصم حسين مٿان ٽرسٽ جي زمين جي غلط استعمال، مني لانڊرنگ سميت 460 ارب رپين کان وڌيڪ ڪرپشن جو الزام
    آهي
    مزيد خبرن لاءِ وزٽ ڪيو sindhi news
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو