مان ڏوئي آن (شيخ اياز جي نظم ”مان ڏوھي ھان“ جي پيروڊي) شمشيرالحيدري

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ شاهنواز ٽالپر طرفان آندل موضوعَ ‏7 فيبروري 2017۔

  1. شاهنواز ٽالپر

    شاهنواز ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    114
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    173
    ڌنڌو:
    ڊسٽرڪٽ فيلڊ آفيسر
    ماڳ:
    بدين
    مان ڏوئي آن، مان ڏوئي آن،

    مون ڪيئي ڀت رڌيا آھن . . .


    ھن گھر جي گدلي رڌڻي ۾،

    ھيءَ پيڄ جي پاٽِ به ڏوھي آ،

    ۽ ٻارڙو ڪوئي کچڻيءَ لئه

    جي روئي ٿو ته دروھي آ،

    ھي ڏوھ نه آھي، ماڻھو لئه،

    مون ديڳ جي دلڙي موھي آ‑

    مان ڏوئي آن. . .


    تو دانگيءَ سان وھنوار رکيو،

    مون ھڪ ھٽي سا ٽوڙي آ،

    مون بريانيءَ جي خوشبو سان،

    ڪئي اڦراٽن جي موڙي آ‑

    مان ڏوئي آن. . .


    ھيءَ ڳاڙھي چٽڻي مرچن جي،

    ھيءَ سائي ڀاڄي مٽرن جي،

    مون لاءِ ٻنھي ۾ ڦير نه آ،

    دل راس رھي بس جوڳيءَ جي:

    ھن گوشت مڇيءَ جي دوکي ۾،

    ٿي دال ڳري سڀ ٺوڳيءَ جي‑

    مان ڏوئي آن. . . .


    جنھن وقت بکن ۾ باھ ٿيل،

    انسان گھرن ڏانھن موٽن ٿا،

    جنھن وقت ڇَنن ۾ ڳاھ ٿيل

    سڀ جوان جنبوڙا جوٽن ٿا،

    مان ديڳين کي کڙڪايان ٿي،

    سڀ يار ڏندن کي کوٽن ٿا‑

    مان ڏوئي آن .. .


    مون آزاديءَ جي سئن ھنئي،

    مون لاٿا ڍڪڻ ھَنڊين جا،

    سي پيٽ ھئا يا پاٽوڙا،

    مون ڀڀ ڀريا پرديسن جا:

    سڀ داڻو داڻو چونڊن ٿا،

    ڪو ڀوڳ ڏسي ھي سيٺين جا‑

    مان ڏوئي آن. . .

    مون ڏات انوکي آندي آ،

    ٿو ڀت وڙھي اڦراٽن سان،

    ھر ٻوڙ جي لذت پنھنجي آ،

    مٽرن سان، آلو ٽماٽن سان:

    ٿو تنھنجو ڀاري پيٽ ڏڪي،

    ڪئين دالين جي سُرٻاٽن سان‑

    مان ڏوئي آن. . .


    تون مون کي باھ ۾ ساڙيندين،

    مان توکان مور نه مرڻي آن:

    جو سئو سئو ڏوئيون روز گَھڙي،

    تنھن ڊکڻ سان مان پرڻي آن:

    جا آڌيءَ مانجھيءَ ٻوڙ رڌي،

    جا مرڻِي پرڻي ڀت رڌي:

    مان ورڻي آن، مان ورڻي آن‑

    مان ڏوئي آن، مان ڏوئي آن،

    مون ڪيئي ڀت رڌيا آھن!

    ھفتيوار ”اعلان حق“ بدين 6.1.1992
     
    عبدالرسول ۽ اشوڪ ڪمار کتري هيء پسند ڪيو آهي
  2. اشوڪ ڪمار کتري

    اشوڪ ڪمار کتري
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 فيبروري 2017
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ڌنڌو:
    اسسٽنٽ پروفيسر
    ماڳ:
    لاهور
    واه سائين واه مزو اچي ويو.
     
    شاهنواز ٽالپر هيء پسند ڪيو آهي.
  3. شاهنواز ٽالپر

    شاهنواز ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    114
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    173
    ڌنڌو:
    ڊسٽرڪٽ فيلڊ آفيسر
    ماڳ:
    بدين
    ھي شمشيرصاحب جو ڪتاب تمام جلد مڪمل اپلوڊ ڪيو ويندو سنڌ سلامت ڪتاب گھر تي
     
  4. عبدالرسول

    عبدالرسول
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 مئي 2017
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    تمام بهترین.
     
  5. علي اڪبر جلباڻي

    علي اڪبر جلباڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 آگسٽ 2013
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    363
    تمام زبردست پيروڊي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو