هڪڙو هئو بادشاهه

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ قريشي شبير احمد طرفان آندل موضوعَ ‏29 مئي 2017۔

  1. قريشي شبير احمد

    قريشي شبير احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    97
    ورتل پسنديدگيون:
    216
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    هڪڙو هو بادشاهه.
    اڳين قسط ۾ هندوستان جي هڪ مسلم رنگيلي بادشاهه جو ذڪر ڪيو هئم...... ان سلسلي ۾ هڪ ٻئي عياش خلجي خاندان جو تفصيل کان اوهان کي آگاه ڪندو هلان، هي افغاني نسل حاڪم دهلي جي تخت تي 1290 کان 1329 ع تائين قابض رهيا.
    علاؤالدین خلجي اهو حاڪم آهي جيڪو چنيسر سومري جي سڏ تي لشڪر وٺي سنڌ تي هلان ڪري آيو، جنهن ۾ بهادر دودو شهيد ٿي ويو. چنيسر کي حاڪم ڪرڻ جي بجاءِ پاڻ قابض ٿي ويو.
    هي ظالم بادشاه، قوم لوط جي ڪم (هم جنس پرستي) بد فعلی لاءِ مشهور هئو، ملڪ ڪافور ھزار دیناری نالي ھندو نوجوان جي عشق ۾ اهڙو ته مبتلا ٿيو جو پنهنجي قتل ٿيڻ تائين ھم جنس پرستی ۾ دنیا ۽ آخرت برباد ڪندو رهيو. ان ڇوڪري کي پنهنجو وزير خاص به مقرر ڪيائين.علاؤالدین شدید بیمار ٿيو ته هن لونڊي بادشاهه کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ ان جي خاندان جو خاتمو ڪيو. ايندڙ بادشاہ قطب الدين مبارڪ خلجي به ساڳي عادت ۾ مبتلا هئو. هڪ سهڻي هندو ڇوڪري خسرو ملڪ سان هم جنس پرستی ڪندو هو ۔ ابن بطوطہ به پنهنجي ڪتاب ۾ ان جي عادت جو ذڪر ڪيو آهي۔ مشهور تاریخی ڪتاب تاریخ فیروز شاھی کے موجب قطب الدین خلجي، خسرو ملڪ جو ايڏو ديوانو هو جو ان کي وڏي مرتبي جو خاص وزير مقرر ڪيائين.بادشاه هئو ته مذھباً مسلمان پر برائي، بي هودگي ۾ سڀ ليڪا لتاڙي ويو هي مڪ مڪا (مفاهمت) جو ماهر هو. هن ملڪ جي سڀني اهم ماڻهن کي خطاب‘ اعزازات‘ جاگيرون ۽ وزارتون ڏئي پاڻ سان ملائي ڇڏيو هو. ملڪ جي تمام حق گو، ایماندار ۽ بااثر ماڻهن کي هڪ هڪ ڪري مارائي ڇڏيائين ملڪ جو ڪو به ماڻهو جيڪڏهن بادشاهه کي چیلنج ڪندو هو ته دولت ذريعي ان کي خريد ڪري ڇڏيندو هو. معاملات ايستائين هجن هان ته به صحيح هو ڇو جو هر بادشاهه وقت ائين ڪندو آهي. پر هي فطرتاً هڪ مڪروه ڪردار هو، هم جنس پرست هو . گجرات ڪاٺياواڙ جي هڪ لونڊي تي عاشق ٿيو ان کي پنهنجي حوالي ڪري، خسرو خان جو خطاب ڏئي وزير ٺاهي، ان سان زال مڙس وانگر رهڻ لڳو. بادشاہ سلامت ھرروز خسرو خان سان شادی ڪندو هو. خسرو خان جو گهوٽ بڻبو باقاعدہ ڄڃ ايندي مُلڪ جا سڀ عمائدین لباس فاخرہ پائي شريڪ ٿيندا. شامیانا لڳندا، باراتي کاڌو کائيندا قاضی صاحب ايندو باقاعدي نڪاح ٿيندو ڏولی ۾ رخصتي ٿيندي، ٻئي ڏينهن وري خسرو خان گهوٽ ٿيندو ۽ بادشاہ سلامت قطب الدین مبارڪ شاہ خلجی ڪنوار جي ڪپڙن ۾ ايندو ساڳي تقريب ساڳيا ماڻهو نڪاح، وليمه رخصتي..... بادشاہ سلامت جي طرفان ملڪ ۾ حسن فروشی ۽ شراب نوشی جي کلي اجازت ڏنل هئي، پنھنجي محلات جا دروازا سستی بازاري عورتن لاءِ کليل ھوندا هئس. پاڻ به درٻار ۾ سرعام اگهاڙو ٿي ويندو هو ۽ درٻارين کي اطاعت جو حڪم ڏيندو هو. بادشاہ سلامت درٻار ۾ زنانہ ڪپڙا ۽ زیورات پائي ايندو هو ۽ درٻاري هن جي حسن و جمال جي تعريف ڪندا هئا ۔ قطب الدین مبارڪ شاہ خلجي هندوستان تي چار سال، چار ماہ حڪومت ڪئي. خسرو خان بادشاهه جي ڪمزوری بڻجي ويو ۽ ان ڪمزوري جو فائدو وٺندي، خسرو خان، بادشاہ جا ڪن ڀريا، آہستہ آہستہ ان جا تمام وفادار ساٿي قتل ڪرائي ڇڏيا، عزیز رشتي دارن کي جيلن ۾ وجهرائي ڇڏيو. محل و درٻار ۾ پنهنجي برادري جي ماڻهن کي لڳائي هڪ ڏينهن وجهه وٺي بادشاهه کي عين ان وقت قتل ڪيو، جڏهن هو زنانه ڪپڙا پائي خسرو خان جي پويان پويان پئي ڀڳو. بادشاہ جو مٿو محل کان ٻاهر اڇلائي ڇڏيو. اهڙي طرح خواجہ سرا خسرو خان ھندوستان جو بادشاہ بڻجي ويو. خسرو خان اقتدار سنڀاليندي ئي محل ۾ موجود قرآن مجید گڏ ڪري (نعوذباللہ) انهن کي ڪرسيون ٺاهي مسلمان عمائدین کي ان تي ويهڻ جو حڪم ڏنو، بي ضمير ماڻهو پيسي جا پٽ ان تي ويهندا به رهيا. نئون بادشاہ درٻار ۾ درٻارين تي پیشاب به ڪندو هو. هن خبيث خسرو جون حرڪتون ايتريقدر وڌيون جو ماڻهو ﷲ رسول جا واسطا ڏئي سلطان غیاث الدین تغلق کي وٺي آيا جنهن خسرو خان ۽ ان جي ساٿين کي قتل ڪيو ۽ دهلي تي پنهنجي حڪومت قائم ڪئي ۔
     
    امتياز شيخ ۽ نثارابڙو هيء پسند ڪيو آهي
  2. جمیل احمد لوھارانی برفت

    جمیل احمد لوھارانی برفت
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏3 جون 2017
    تحريرون:
    56
    ورتل پسنديدگيون:
    30
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ڪوهستان کيرٿر جبل
    تمام :( بھترین
     
    قريشي شبير احمد هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    محترم سائين شبير احمد قريشي صاجب ... اوهانکي سنڌ سلامت تي ڏسي خوشي ٿي ... پاڻ ڪجهه ڏينهن کان آرامي هياسون ... سليمان وساڻ جي حڪم تي بسترو کڻي اچي سنڌ سلامت جي اوطاق تي رکرايو آهي ... سوپا ... ته ڪبا پر اوهان جهڙن دوستن کي ڏسي وري جاڳبو ۽ وري سوپا هڻبا ... لک قرب
    عرض ته سنڌ سلامت تي ليک جي نسبت سان مختلف گهرڙا ٺهيل آهن ... ان حساب سان ليک ونڊ ٿيندا ته گهرڙن جي سونهن وڌندي ...
    هيءَ مختصر ۽ تاريخي ڪهاڻي پڙهڻ وٽان آهي ... ۽ تاريخ جي دريءَ مان رنگيلي ۽ خلجي جي بدڪرداري ڏسي، ٿو ٿو ڪرڻ تي دل پئي ڪري ... اڄ به اهڙا حڪمراني ڪردار ته آهن پر مختلف لباسن ۾ ... جن کي اسين ڀوڳيون ويٺا ...
    سدا سرها رهو ...
    ٿورا ناهن ٿورا ...
     
  4. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    مطلب ته سنڌ تي سڀني هلان ڪئي آهي
     
  5. امتياز شيخ

    امتياز شيخ
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 مارچ 2018
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    تما سٺي تحقيق ڪئي آهي
     
  6. Illahi Bux Chachar

    Illahi Bux Chachar
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 فيبروري 2011
    تحريرون:
    24
    ورتل پسنديدگيون:
    30
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    Kashmore

هن صفحي کي مشهور ڪريو