فيس بوڪ جو درست استعمال

'فيس بوڪ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏29 آگسٽ 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    فيس بوڪ جو درست استعمال

    عباس ڪوريجو


    [​IMG]


    1. پروفائيل اڪائونٽ
    پروفائيل اڪائونٽ زندھ ماڻهن جو ٿيندو آهي، جيڪو 99 سيڪڙو اهي پاڻ ئي استعمال ڪندا آهن. مري ويل شخص، اداري، تنظيم، عمارت، ويب سائيٽ، فورم يا ٻين شين لاءِ پيج ٺاهي هلايا ويندا آهن ۽ اهي پڻ واسطيدار ماڻهن ۽ ادارن جو ڪم آهي. ان ڪري وتايو فقير، سچل سرمست، شاہ لطيف، جي ايم سيد، قائد اعظم، ذوالفقار ڀٽو ۽ ٻين نالن سان پروفائيل اڪائونٽ ٺاهڻ نہ فقط غلط آهي پر قانونن ڏوھ پڻ آهي.

    2. ٽئگ جو درست استعمال ڪرڻ گهرجي.
    ٽئگ مان قطعن اها مراد ناهي تہ اوهان ان عمل سان ٻين جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي رهيا آهيو. پر اوهان ڪا اهڙي پوسٽ يا ڦوٽو رکي رهيا آهيو، جنهن ۾ اوهان سان گڏ اوهان جو ڪو دوست شامل آهي ته فقط ۽ فقط ان ئي دوست کي ان ۾ ان جي چهري تي ڪلڪ ڪندي ٽئگ ڪجي. ٻين جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ هئش ٽئگ جو استعمال ڪريو، جيڪا # نشاني سان شروع ٿيندي آهي. مثال مون هڪ پوسٽ رکي آهي جيڪا موهن جي دڙي جي باري ۾ آهي ته مان #mohenjodaro لکي ڇڏيندم. ڪنهن شخص جو ڌيان ڇڪائڻ ۽ ساڻس ان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ کيس مينشن mention ڪريو. ان جي پروفائيل واري نالي جو پهريون اکر ڪيپيٽل ۾ لکو يا پورو نالو لکو. مثال طور Sarang Sindhi غلط ٽئگ ڪرڻ سان سڀاڻي فيس بوڪ جي ڊيٽابيس ۾ اوهان غلط ڄاڻ شامل ٿي ويندي. ممڪن آهي سڀاڻي اوهان جو نالو ڳولڻ سان ڪنهن جانور جو ڦوٽو اچي وڃي.

    3. فيڪ اڪائونٽ ٺاهڻ ۽ جنس مٽائڻ.
    فيس بوڪ تي ڪوبہ اڪائونٽ بنا اي ميل يا موبائيل نمبر جي رجسٽر ناهي ٿيندو. يعني سڀ فيڪ اڪائونٽ پڻ ڪنهن نہ ڪنهن اي ميل يا موبائيل نمبر تي رجسٽرڊ هوندا آهن، اوهان ڀلي اهي ڪنهن عارضي يا جڳاڙي طريقي سان ٺاهي بہ وٺو پر ياد رکو اهو اڪائونٽ هلائڻ لاءِ اوهان کي انٽرنيٽ ڪنيڪشن جي ضرورت پوندي، اهو ڪنيڪشن اوهان جي سم يا فون وسيلي ئي ڳنڍجي سگهي ٿو. ان ڪري اوهان تائين پهچ بلڪل آسان آهي. جيڪڏهن اوهان پنهنجي اصلي اڪائونٽ تان سچ نٿا چئي / لکي سگهو تہ اوهان جي لکڻ يا چوڻ سان ڪو فرق ناهي پوڻو ڇو تہ منافق ماڻهو سچ نٿو ڳالهائي سگهي. جعلي اڪائونٽ کي سڃاڻڻ بلڪل آسان آهي، ان جي پوسٽن، ذاتي معلومات ۽ دوستن جي تعداد مان ئي سڀ پڌرو ٿي وڃي ٿو. اڄ ڪلهه اهڙين انگريزياڻين جا پروفائيل پڻ ڏسي سگهجن ٿا جن تعليم سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪئي آهي، دوست سڀ سنڌي اٿن ۽ اڪائونٽ يوفون جي سم تي کليل اٿن.

    4. لائيڪ، شيئر، ڪلڪ ۽ شيئرنگ بابت.
    لائيڪ بٽڻ مان مراد اها آهي ته جيڪا شيءِ يا ڳالھ اوهان کي پسند اچي تہ ان جو اظهار ڪرڻ لاءِ ان بٽڻ کي دٻايو وڃي. اگر ڪوئي دوست ڏک جي خبر شيئر ڪري رهيو آهي تہ هرگز لائيڪ بٽڻ نہ دٻايو وڃي. اڪثر سنگتي سندن پوسٽن کي لائيڪ يا انهن تي ڪمينٽس نہ ڪرڻ تي ڪاوڙجي ان باڪس ۾ يا اسٽيٽس ۾ لکندا آهن تہ اگر انهن جي پوسٽن کي لائيڪ يا انهن تي ڪمينٽ نہ ڪيو ويو تہ اهي انفرينڊ يا بلاڪ ڪري ڇڏيندا. اوهان جي پسند ڪرڻ، شيئر ڪرڻ مان جديد رائج ٽرينڊ جي خبر پوندي آهي ۽ فيس بوڪ وارا اهڙي ڊيٽا وڪرو ڪري ڪمائيندا آهن. مثال اوهان ڪهڙي موبائيل فون، گاڏي يا سامان کي پسند ڪريو ٿا. اوهان جي ان پسنديدگي جي ڊيٽا فيس بڪ وارا ڪمپنين کي وڪڻي ڏيندا ۽ اهي ڪمپنيون اوهان جي پسند جي حساب سان اوهان جي ايريا ۾ پروڊڪٽ وڪڻڻ لاءِ موڪلينديون. سوچيو اوهان جا غلط يا بي ڌياني ۾ ڪيل لائيڪ ۽ شيئرنگ ڪيترو نقصانڪار ٿي سگهن ٿا.
     
    فياض ساگر ٻرڙو ۽ چنچل راج هيء پسند ڪيو آهي
  2. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    بلڪل صحيح آهي...
     
  3. فياض ساگر ٻرڙو

    فياض ساگر ٻرڙو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏10 جون 2017
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    51
  4. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    اڄ ڪلهه اهڙين انگريزياڻين جا پروفائيل پڻ ڏسي سگهجن ٿا جن تعليم سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪئي آهي، دوست سڀ سنڌي اٿن ۽ اڪائونٽ يوفون جي سم تي کليل اٿن.
    هاهاهاهاهاهاهاهاهاهاهاهاهاهاهاهاهاهاهاهاهاهاهاهاهاهاهاهاهاهاهاهاهاهاهاهاهاهاهاهاهاهاهاهاهاهاهاهاهاهاهاهاهاهاهاهاهاهاهاهاهاهاها
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو