محرم جي مھيني ۾ روزا رکڻ

'مذهب' فورم ۾ ابوعمير طرفان آندل موضوعَ ‏28 سيپٽمبر 2017۔

  1. ابوعمير

    ابوعمير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جنوري 2011
    تحريرون:
    104
    ورتل پسنديدگيون:
    25
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    محرم مھیني ۾ روزن جي فضیلت

    (1) رسول الله صلی اللہ علیہ وسلم جن فرمایو رمضان کان پوء سڀني مھینن مان وڌیڪ فضیلت وارا روزا اللہ تعاليٰ جي مھیني محرم جا آھن (صحیح مسلم 1163)

    (2) نبي ڪريم صلی اللہ علیہ وسلم فرمایو: عاشوري (10 محرم ) جي روزی رکڻ سان اللہ تعالیٰ گذریل ھڪ سال (یعنی 360 ڏینھن) جا گناھ معاف فرمائي ڇڏي ٿو ۔ (صحیح مسلم 1162. جامع ترمذي 752)

    (3) ٻي حدیث ۾ آھي تہ پاڻ صلي الله عليه وسلم فرمایو : جیڪڏھن آؤن ایندڙ سال تائین زندھ رھیس تہ(محرم جي) نائین تاریخ جو روزو بہ رکندس ۔ پر ٻئي محرم کان پھرین سندن وفات ٿي وئي (صحيح مسلم 1134)

    (4) سیدنا عبدالله بن عباس رضی اللہ عنھما اھا فتویٰ ڏیندا ھئا تہ نائین ۽ ڏھین تاریخ جا ٻہ (2) روزا رکیا وڃن ۔(مصنف عبدالزاق ٢٨٧/٤ رقم ٧٨٣٩ سندہ صحیح )

    دعا آھي تہ اللہ تعالیٰ اسان کي محرم جا اھي روزا رکڻ جي توفیق عطا فرمائي ۔ آمين.
     
    محمد ايوب ھڪڙو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو