دلڪش بدن سمندر انداز عورتن جا

'سنڌي شاعري' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏11 آڪٽوبر 2017۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    دلڪش بدن، سمندر انداز عورتن جا
    حسن درس​

    دلڪش بدن، سمندر انداز عورتن جا
    چمڪن چٽا ڪنارا، ديدار ۽ نظارا
    پاڻي مٿان جسم جو ترندو رهي ترنم
    چپڙن تي چاهه تنهنجو ترسي پيل تبسم
    مٺڙامڌرت آهن جي تون وڄائي ڄاڻين
    سڀ ساز عورتن جا
    دلڪش بدن، سمندر انداز عورتن جا
    هيءَ اس ۾ اگھاڙپ ڪيڏي حسين آهي
    ڇولين جي ڦيڻ، ڇورين ڇاتي نشين آهي
    عريان آسمان ۽ هيٺان زمين آهي
    پل جو رهيو نه پردو پاڻيءَ ڪيا پي پڌرا
    رنگ راز عورتن جا
    دلڪش بدن، سمندر انداز عورتن جا
    واري به واسجي پئي، ريتي به رنگجي پئي
    جيڪا اچي ڇُهي ٿي ڇولي سا ڏنگجي پئي
    هي زهر آ ضرورت
    ڪيڏو مٺو نشو آ
    جنهن جنهن به هي ڏٺو آ
    سو ئي سگھي ٿو سمجھي
    سڀ ناز عورتن جا
    دلڪش بدن، سمندر انداز عورتن جا
    ناريل جي وڻن کي آهي ڏسڻ جي عادت
    ۽ مرد کي مصيبت آهي ڇُهڻ جي عادت
    ۽ ڇوڪرين ڇِتين کي آهي ڪُهڻ جي عادت
    ڪنهن تي نه پَون ڪڙڪي
    سي مرد سڀ مري ويا ناراض عورتن جا
    دلڪش بدن، سمندر انداز عورتن جا
    هي مياڻ جي وڳن مان تلوار جسم نڪتا
    ۽ واءَ کي وڍڻ لاءِ خنجر جا قسم نڪتا
    ننگي خزان به نڪتي ۽ وڻ ٿيا اُگھاڙا اي بي لباس موسم
    ننگا ٻڌا سئاسون آواز عورتن جا
    دلڪش بدن، سمندر انداز عورتن جا
    هي جسم خود وڳو آ پنهنجو اسان کي پاتل
    هي راز آ هي ڄاتل
    هي جسم خود پراڻو ، آهي لباس لاٿل
    پائي بدن جو بيٺيون، ته سائل کي سمجھه آئي
    انجام عِشقَ تُنهنجو آغاز عورتن جا
    دلڪش بدن، سمندر انداز عورتن جا!

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو