غزل. مجيب سنڌي تنهنجي ئي پيار ۾ دل ڦٽيل آ پرين تنهنجو مون کان مگر منهن مٽيل آ پرين ڏينهن ٿي ويا گهڻا پاڻ ناهيون مليا رابطو ڇو سندءِ ائين ڪٽيل آ پرين ھيءَ جدائي ڏئي درد مون کي نه ڏي دل اڳ ئي دکن جي سٽيل آ پرين خيال هڪڙو ڪيان، ٿي ٻيو ٿو وڃي سوچ جي ڄڻ ته مکڙي پٽيل آ پرين تون ٿو نفرت ڪرين پو به تو لئه پرين منهنجي من ۾ محبت ڇٽيل آ پرين هي ڪرڻ پيار سولو نه آهي صفا هر طرف پاڻ لئہ کڏ پٽيل آ پرين گهاء تنهنجا سهي ڪو نہ سگهندو "مجيب" تنهنجي دردن اڳ ئي ڏٽيل آ پرين.