سنگت کي سڪ ڀريو سلام

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏24 جنوري 2018۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ٿورا ناهن ٿورا، مونتي ماروئڙن جا،
    ڀلايـون ۽ ڀــيرا، ڳڻــي ڳــڻبا ڪيترا.
    شاه
    سليمان وساڻ جو حڪم ته سنڌ سلامت کي ڪجهه وقت ڏيو ... دوستن جا حڪم، اکين تي ۽ سر تريءَ تي ...
    جيتوڻيڪ سنڌ سلامت منهنجي پنهنجي اوطاق آهي .. منهنجن دوستن جو ديرو آهي ... جنهن تي ڪنهن دعوت جي ضرورت ته ڪون هئي پر گهڻي عرصي کان ڀيرو نه ڀڃڻ سبب دوست سليمان دعوت ڏئي منجهائي به نه شرمائي وڌو ...
    اصل ۾ جڏهن سنڌ سلامت کي ماڻهن جي ضرورت هئي ته پاڻ به مڙس ٿي منهن ڏنوسون ... پر جڏهن نوجوان دوستن جي موجودگي وڌندي وئي ۽ سنڌ سلامت جي اڱڻ تي ڄاڻو ۽ معتبر دوستن جي اچ وڃ ٿي ته پاڻ ڍرا ٿيندا وياسون ... هڪ ٻيو مسئلو هيو وقت جو ... جڏهن سعودي عرب ۾ هياسون ته آفيس ۾ ڪمپيوٽر موجود هيو ۽ وقت به گهڻو ملي ويندو هو ... پر جڏهن سعوديءَ کي خئير آباد چئي سنڌ اچڻ ٿيو ته سمجهو ٻه ٽنگا ڦاٿاسون ... روزگار جي چنتا، اٿ ويهه ۽ گهرو مسئلن سبب وقت جي ڪمي ...
    بس پوءِ سنڌ سلامت جي اوطاق تان گم ٿيڻ لڳاسون ...
    بهانا ۽ مجبوريون کوڙ پر پوءِ به قصور وار جو سنڌ سلامت جو دروازو کڙڪائي نه سگهياسون ... دوستن کان معافي ...
    اڳ سنڌ سلامت جي درياه ۾ ترڻ سکي ويا هياسون ۽ هاڻ وري نئين سري سان پاڻيءَ ۾ گهڙيو آهيان ... همٿ ڪبي ته وري سنڌ سلامت ۾ ترڻ سکي وٺبو ...

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت

    منهنجي مداين جي ڪل پريان پيئي،
    ڪڏهن ڪوسا ڪون ٿيا ڏوراپا ڏيئي،
    ساجن سڀيئي، ڍڪج ڍول ڍلايون.
    شاه
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڀليڪار اوهان کي پنهنجي محبوب فورم تي ....

    سنڌ سلامت ذريعي ئي اوهان دوستن سان پيچ اڙيو ۽ اها اميد ته سڀ پراڻا ساٿي ٿورو گهڻو وقت ڏئي فورم ۽ اوطاق جي آبياري ڪندا رهندا.
     
  4. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    محترم ڀائرو سچ پڇو ته مان پاڻ به شرمسار آهيان جو سنڌ سلامت تي ڀيرو نٿو ڀريان مگر مونسان به سائين نثار احمد ابڙو وارِي ساڳي ئي ڪيفيت آهي جنهنجو صحيح معنی ۾ مان پاڻ ئي اندازو لڳائي سگهانٿو! بحرحال وقت سر ڪوشش ڪبي ته ڀيرو پيا ڀرينداسين
     
    سليمان وساڻ ۽ نثارابڙو هيء پسند ڪيو آهي
  5. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    توهان جي اچڻ سان اسان جهڙن جي همت افزائي ٿيندي
     
    نثارابڙو هيء پسند ڪيو آهي.
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ۽ جي اوهان جهڙا پريا مڙس هوندا ته اسان جهڙن کي به اچڻ ۾ مزو ملندو ... اوطاق جي رونق بحال ٿيندي ... لک قرب
     
    Dawood Mirbahar ۽ عرس پريو هيء پسند ڪيو آهي
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    فورم تي واڍن جو هجڻ ضروري آهي.
     
    نثارابڙو هيء پسند ڪيو آهي.
  8. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ادا واڍن جي به ڪڏهن ڪڏهن ضرورت پئجي ٿي وڃي
     
    نثارابڙو هيء پسند ڪيو آهي.
  9. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    هي واڍو هاڻ درين ٺاهڻ بجاءِ در ٿو ٺاهي ... سو هن واڍي جا ڪم وڌي ويا آهن .... ۽ ضرورت به ...
     
  10. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    توهانجي پنهنجي اڱڻ تي توهانکي ڏِسي دل باغ بهار ٿي وئي :) چوندا آهن ته اوطاق ميزبان سان سونهي ٿِي ۽ هاڻ اوطاق ۾ رونق نظر اچي پئي..

    توڻي جو آئون سنڌسلامت تي توهانکان پوءِ آيو آهيان پر تَرڻ سکي ورتم :) هن علم جي درياھ ۾ ترڻ (ايڪٽِو رهڻ) ايترو ڏکيو ناهي، جيڪي تارو آهن اُهي ته آساني سان رهي سگهن ٿا.. ۽ توهان ته اسانکان سينيئر آهيو..
     
    نثارابڙو ۽ سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي
  11. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    يار عبيد، جڏهن پاڻيءَ ۾ گهريا آهيون ته ترڻ به سکي وٺنداسون ... پر پوءِ به سچ پڇو ته اوهانجهڙن ساٿين جي هوندي سنڌ سلامت کي مالڪيءَ وارو سمجهندو آهيان ... ۽ اسين آهيون ڪراڙا جيئن گهر ۾ وڏڙا ... جڏهن اولاد جواڻ جماڻ هوندي آهي ته گهر جا پوڙها آرام ڪندا آهن ... سو پاڻ به گهر جي پوڙهن جيئان اوهانجي آسري تي آرامي آهيون ...
    سليمان وساڻ گهران کٽولو کڻائي اچي اوطاق تي رکيو آهي سو ويٺا کنگهون ۽ کڙڪون ... باقي اوهين جوان آهيو سو ڪم کي سنڀاليو پيا ۽ اميد ته سنڀاليندا رهندا ...
    اسانجو آڇيرواد اوهان سان گڏ ... سنڌي ٻوليءَ کي اوهان جهڙي جوان جذبي جي ضرورت آهي ۽ رهندي ... سلامت رهو سنڌ جا دوستو..!!!
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.
  12. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    توهان جو پيارُ ۽ شفقت اسان مٿان رهي ته انشا الله ٻيڙي کي ڪاهيندا هلنداسين..
    وڏا وڙ
     
    نثارابڙو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو