سنڌي انسائيڪلوپيڊيا جي ڪمپيوٽنگ واري حصي ۾ رهجي ويل اهم ڄاڻ

'سنڌي ڪمپيوٽنگ' فورم ۾ مظهر علي ڏوتيو طرفان آندل موضوعَ ‏16 نومبر 2018۔

  1. مظهر علي ڏوتيو

    مظهر علي ڏوتيو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏9 جنوري 2016
    تحريرون:
    20
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    ڌنڌو:
    پروفيسر
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو ۽ ڪراچي
    مظهر علي ڏوتيو

    سنڌي ٻولي دنيا جي پراڻين ۽ اصلي ٻولين مان هڪ ٻولي آهي جيڪا سموري دنيا ۾ لکي، ڳالهائي ۽ پڙهي وڃي پئي. سماجي رابطن جي ويبسائيٽس تي به سنڌي ٻولي جو استعمال ڪيو وڃي پيو. جنهن سان دنيا جي تحقيق ڪندڙن، ڄاڻ حاصل ڪندڙن ۽ ٻولي تي تجزيو ڪندڙن وٽ سنڌي ٻولي جي لفظن جو ڀنڊار يا ڪارپس ايندو وڃي ٿو. ڪمپيوٽر سائنس ۾ ٻولين تي مختلف حوالن سان ڪم ٿي رهيو آهي جيڪو سنڌي ٻولي تي به ٿي رهيو آهي. مثال طور، هن وقت سنڌي ٻولي جا ڪيترن ئي ڪتابن کي ڪمپيوٽر جي سوفٽويئر ذريعي ڪمپيوٽرائزڊ ڪيو ويو آهي، جنهن ذريعي ڪوبه ماڻهو پنهنجي موبائيل فون يا ڪمپيوٽر ذريعي ڪٿي به اهي ڪتاب پڙهي سگهي ٿو. ان کانپوءِ سنڌ جي تفريحي ۽ تاريخي ماڳن جون تصويرون ڪڍي يا وڊيو ٺاهي انهن کي آن لائين ڪيو وڃي پيو يا انهن ماڳن کي گوگل ميپس تي آڻي دنيا آڏو آندو وڃي ٿو ته جيئن دنيا سنڌ جا ماڳ ڏسي سگهي. اهڙي طرح اهو عمل سير و تفريح ڪندڙن کي سهولت فراهم ڪري ٿو. جڏهن ته پروگرامر وري مختلف قسم جا پروگرامس ۽ فونٽس ٺآهي سنڌي لکڻي بهتر بڻائڻ سان گڏ مخلتف ڪمپيوٽر پليٽ فارمس تي سنڌي کي آڻي رهيا آهن.

    انهن سڀني ڪمن سان گڏ سنڌي ٻولي تي هڪ ٻيو به ڪم ٿي رهيو آهي جيڪو هن وقت دنيا لاءِ تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. ان ڪم کي نيچرل لينگوئجز پروسس ۽ ڪمپيوٽيشنل لسانيات چون ٿا. هي ٻه اهڙيون فيلڊس آهن جيڪي دنيا ۾ ڳالهائيندڙ ٻولين کي بين الاقوامي ٻولين جي سٿ ۾ شامل ڪرڻ سان گڏ ترجمي ۽ ڄاڻ جي حاصلات ۾ به مدد ڪن ٿيون. انهن فيلڊس جي ڪري ئي ڪنهن به ٻولي جو خاص ترجمي ڪرڻ جو هڪ نظام ٺاهي سگهجي ۽ ٻولين جي متن يا ڪارپس ۾ لڪل ڄاڻ ۽ احساسن کي سمجهي ۽ حاصل ڪري سگهجي ٿو. سنڌي ٻولي تي اهو ڪم مون ڪيو آهي جنهن سان سنڌي سنڌي ٻولي جي لفظن جي ڀنڊار يا ڪارپس کي مشين لرننگ ذريعي يا ڊيپ لرننگ ذريعي سمجهي سگهجي ٿو، ان جو تجزيو ڪري سگهجي، سنڌي ٻولي کي دنيا جي ڪنهن به ٻولي ۾ ترجمو ڪري سگهجي، سنڌي جملن کي عالمي گرام ۽ سنڌي گرامر مطابق ٽڪرا ڪرڻ سان گڏ انهن لفظن، نشانين کي ظاهر ڪري سگهجي ٿو. سنڌي متن مان ليما ڪڍي سگهجن ٿا ۽ انهن لفظن جا اشتقاق ڪري سگهجن ٿا. انهيءَ کان سواءِ ماڻهن جي راين مان احساس ڳولهي سگهجن ٿا ۽ انهن جو تجزيو ڪري سگهجي ٿو. اسان جي ان ڪم ڪرڻ جي ڪري دنيا ۾ سنڌي ٻولي تي تحقيق شروع ٿي چڪي آهي پر افسوس ان ڪم کي اسان جي ادارن طرفان نظر انداز ڪيو وڃي پيو جڏهن ته اهو هڪ تاريخي ڪم آهي جيڪو اڳم ان سطح تي ڪڏهن به ڪون ٿيو آهي.

    سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري طرفان سنڌي انسائيڪلوپيڊيا پڌرو ڪيو ويو آهي جيڪو هڪ بهترين عمل آهي جنهنجي ساراھ ڪرڻ کان سواءِ نٿو رهي سگهجي پر افسوس جو ان سنڌي انسائيڪلو پيڊيا جي هڪ حصي سنڌي ڪمپيوٽنگ کي لکڻ وقت اهي اهم موضوع رهايا ويا آهن. جڏهن ته انهن موضوعن کي سنڌي ڪمپيوٽنگ ۾ شامل ڪرڻ تمام ضروري هيو. اهو ڪم انٽرنيٽ تي موجود آهي جنهن کي استعمال ڪندي تمام گهڻو تحقيقي ڪم ٿي رهيو آهي. اسان جي ان ڪم کي پوري دنيا مڃيو آهي پر ان ڪم کي سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري طرفان نظرانداز ڪيو ويو آهي. ان ڪم کي نظرانداز ڪرڻ جو مقصد سنڌي ٻولي تي ٿيندڙ تحقيق کي لڪائڻ آهي. جنهن سان سنڌي ٻولي جو نقصان آهي. هي ڪم اڄ نه ته سڀاڻي ضرور ظاهر ٿيندو جڏهن سنڌي ٻولي دنيا جي تحقيق جو موضوع ٿي ويندي. اهڙي طرح اسان جي ڪم جو حوالو ڏنو ويندو ته سڀ کان پهريان اهو ڪم مظهر علي ڏوتيو ڪيو.

    ماجد ڀرگڙي صاحب سنڌ ٻولي کي ڪمپيوٽرائزيد ڪري تمام وڏو احسان ڪيو آهي جنهنڪري سنڌي اخبارون، ڪتاب، ويب سائيٽس، بلاگس وغيره وجود ۾ آيا ايتري تائين جو سنڌي ڪمپيوٽيشنل لسانيات تي ڪم ٿي سگهيو. هن وقت دنيا ۾ ٻولين جي حوالي سان ڪمپيوٽيشنل لسانيات ۽ نيچرل لينگوئجز پروسس تي تمام گهڻو ڪم ٿي رهيو آهي جنهنڪري دنيا جون ڪيتريون ئي ٻوليون بين الاقوامي سطح تي اچي چڪيون آهن ۽ اسان سنڌي خوشنيصيب آهيون جو سنڌي ٻولي به ان سٿ ۾ اچي چڪي آهي پر افسوس سان سان لکڻو پوي ٿو ته سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري ان وڏي ڪم کي، جيڪو ماجد ڀرڳڙي جي ڪم کان پوءِ وڏي حيثيت رکي ٿو، نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي.

    ان ڪم کي آن لائين ڏسڻ لاءِ هيٺين ويب سائيٽ کولي ڏسي سگهو ٿا

    http://www.sindhinlp.com/
     
    عبيد ٿھيم ۽ محمد راشد شر هيء پسند ڪيو آهي
  2. محمد راشد شر

    محمد راشد شر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2015
    تحريرون:
    214
    ورتل پسنديدگيون:
    279
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ڌنڌو:
    لکپڙه
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ادا توهان ڪم ته سٺو ڪيو آهي پر ان ٽول کي استعمال ڪيئن ڪجي؟ توهان پنهنجي ويبسائيٽ تي ٽول کي استعمال ڪرڻ جو طريقو ناهي ٻڌايو. جيڪڏهن ٿي سگھي ته ان جو واڌارو ڪيو.
    مهرباني
     
  3. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي

    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ سنڌي ڪمپيوٽنگ موضوع ۾ ته سنڌسلامت جو ذڪر ئي ناهي، حالانڪه اهو موضوع 2016ع ۾ جوڙيو ويو هو.. جڏهن سنڌسلامت پنهنجي عروج تي هُئي.. پر پوءِ به سنڌسلامت کي نظرانداز ڪيو ويو.. ڇا چئجي! اقربا پروري آهي..
     
  4. مظهر علي ڏوتيو

    مظهر علي ڏوتيو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏9 جنوري 2016
    تحريرون:
    20
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    ڌنڌو:
    پروفيسر
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو ۽ ڪراچي
    ان سان سنڌي ٻولي جو نقصان آهي. دنيا وارا اسان تي کلندا ته هيڏي ترقي واري دور ۾ سنڌي قوم ڪيتري پٺي آهي. تنهنڪري سنڌي انسائيڪلوپيڊيا سنڌي ڪمپيوٽنگ جي حوالي سان اپڊيٽ هجڻ گهرجي
     
    فهد ميمڻ ۽ عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي
  5. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    سائين ان ۾ ڪھڙي اپڊيٽ ڪجيس؟ لکي موڪليوم... ايڊمن مان ئي آھيان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو