بلاول جو بيان تحريڪ انصاف ۽ اصولن جو جنازو.

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏6 جنوري 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    جناب بلاول ڀٽو زرداري فرمايو آهي ته جيڪر صدر زرداري اجازت ڏئي ته هو نه رڳوڪپتان جي وفاقي حڪومت ڪيرائي سگھي ٿو پر هاڻوڪن حڪمرانن کي جيل به موڪلي سگھي ٿو.ڪم ته ٻئي ڀلا آهن جيڪي هو ڪرڻ گھري ٿو پر مجبوري اها جو هن کي اهي ڪم ڪرڻ لاء وڏي زرداري صاحب جي منظوري گھربل آهي.پهرين ڳالهه ته اها سمجھه ۾ نه ويٺي ته بلاول صاحب پاڻ پاڪستان پيپلز پارٽيء جو چيئرمين آهي ته پوء کيس ڪو چيئرمين کان اجازت گھرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟البت جيڪر هو اهو چئي ها ته جيڪر پارٽي اجازت ڏئي ته هو اهو ڪم ڪري سگھي ٿو ته اها ڳالهه سمجھه ۾ اچڻ جهڙي هئي.ان جو مطلب اهو ٿيو ته بلاول کي پاڻ به خوب پتو آهي ته فيصلي جي اصل طاقت نه ته هن وٽ ۽ نه ئي سندس پارٽيء وٽ آهي.بلاول ڀٽو کي جڏهن سياسي ميدان ۾ لاٿو ويو هو ته سياسي تجزيي نگارن کي منجھائس وڏيون اميدون هيون ته هو پنهنجي ناني ۽ والده جي سياسي ليگسي کي کڻي اڳتي وڌندو ۽ پارٽيء کي وري نظرياتي بنيادن تي منظم ،مرتب ۽ متحد ڪندو ۽ ملڪي سياست ۾ جيڪو خال موجود آهي ان کي ڀرڻ جي ڪوشش ڪندو پر جلد ئي انهن تجزيا نگارن کي پنهنجي راء تبديل ڪرڻي پئجي ويئي جو بلاول زرداري به ان روايتي سياسي ڪلچر جو حصو بڻجي ويو جنهن ڪلچر سندس پارٽيء کي پوري ملڪ کان ڪٽي رڳو سنڌ جي ٻهراڙين تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي.اهو ڪيئن ممڪن آهي ته بلاول کي سندس پارٽيء ۾ آيل ناڪاري اٿل پٿل جو ڪو پتو ئي نه هجي،سندس پارٽيء جي وزيرن مشيرن جي ناقص ڪارڪردگيء جي ڪا خبر ئي نه هجي ۽ سندس حڪومتي صفن ۾ جيڪا دولت جي راند ڪئي پئي ويئي ان کان بلڪل بي خبر هجي.سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن جي برباديء کان بي خبر هجي ۽ سنڌ جو عوام گذريل ڏهن سالن کان سندن حڪومت ۾ جيڪي عذاب ڀوڳيندو رهيو آهي ان کان اڻ واقف هجي.ان جي هوندي به جيڪر هو پنهن جي پارٽي توڙي حڪومت جي ڪارڪردگيء تي بلڪل مطئمن نظر اچي ٿو ته چئبو ته هو پاڻ به ان ڪلچر جو حصو بڻجي چڪو آهي جنهن ڪلچر ۾ حڪومت حاصل ڪرڻ يا سياست۾ لهڻ جو مقصد رڳو پئسو گڏ ڪرڻ هوندو آهي.هاڻي اچون ٿا ان سوال جي طرف ته هو ڪپتان جي حڪومت ڇو ڪيرائڻ گھري ٿو ۽ ڇا واقعي اها ڪيرائي به سگھي ٿو؟فرض ڪيو ته اها حڪومت ڪري به وڃي ته بلاول يا سندس پارٽيء کي ڪهڙو فائدو پهچندو؟پهرين ڳالهه اها ته هن وقت پي پي پي جا ڪجهه اڳواڻ ڪجهه ان قسم جا بيان ڏيئي رهيا آهن جن مان اهو تاثر ملي ٿو ڄڻ ته موجوده عمران حڪومت قائم ئي سندن رحم ڪرم سان آهي جيڪو تاثر بلڪل غلط آهي.عمران خان کي وزير اعظم جي حيثيت ۾ باقي سمورين سياسي پارٽين خاص طور تي ٻنهي وڏين جماعتن نه ڪڏهن اڳ قبول ڪيو هو ۽ نه ئي هاڻي ڪنهن به قيمت تي قبول ڪرڻ لاء تيار آهن.انهن جو ڪجهه به وس هلي ها ته اهي هيستائين حڪومت جي تڏا ويڙهه ڪرائي چڪا هجن ها پر اڃا تائين به هو ان پوزيشن ۾ ناهن جو ايئن ڪري سگھن.انهن ٻنهي وڏين سياسي پارٽين جو اصل مسئلو ڇا آهي؟ ڪرپشن جا ڪيس ۽ امڪاني سزائون. سو اهي هر حالت ۾ رليف گھرن ٿا جيڪر اهو رليف ڪنهن به صورت ۾ عمران حڪومت ڏيئي سگھي ته ”عظيم قومي مفاهمت“ جي عمل هيٺ جمهوريت جي جوڀن لاء هڪ ڊگھي عرصي لاء به خاموشيء جو روزو رکي سگھجي ٿو.پر سوال اهو ته ڇا عمران حڪومت انهن کي اهو رليف ڏيڻ جي پوزيشن ۾ آهي؟ ان جو جواب في الحال نه ۾ آهي.ان جو مطلب اهو هرگز ڪونهي ته عمران حڪومت اصولن تي سوديبازي نه ڪندي يا انهن کي واقعي ڪنهن صاف ۽ شفاف احتساب سان ڪا ڪمٽمينٽ آهي پر سبب اهو جو جن احتساب جو جن بوتل مان ٻاهر ڪڍيو آهي اهي ان کي واپس بوتل ۾ وڃڻ نه ڏيندا.ڪافي شيون پهرين کان رياستي سطح تي سالن کان طيء ٿي چڪيون آهن جن سان عمران حڪومت به ڇيڙ ڇاڙ ڪري نٿي سگھي.انهن مان خود سندن حڪومت جي ڪيترن ئي وزيرن ۽ مشيرن جا فائيل تيار پيا آهن ۽ ڪنهن به وقت ٻاهر اچي سگھن ٿا.سو عمران حڪومت ڪرپشن بابت ايتريون ته رڙيون ۽ گوڙ گھمسان ڪرڻ جي پاليسيء تي عمل پيرا آهي جو سندن وزيرن ۽ مشيرن جي ڪرتوتن ڏانهن ڪنهنجو ڌيان نه وڃي سگهي پر اهو ٻهارو جيڪو ڦري رهيو آهي ان جو آخري نشانو خود موجوده حڪومت ئي بڻجڻ واري آهي.ٻنهي وڏين سياسي پارٽين جي پريشاني ،بي چيني ۽ ڪاوڙ ته سمجھه ۾ ايندڙ ڳالهه آهي ۽ سندن ڪجهه اڳواڻ جيڪي عجيب ۽ غريب بيان ڏيئي رهيا آهن انهن تي به ڪو تعجب نه هئڻ گھرجي .”ڪجهه“ اڳواڻن جو مطلب اهو ته ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن ۽ ميمبرن جي اڪثريت ان سموري صورتحال تي خاموش تماشائيء وارو ڪردار ادا ڪري رهي آهي سواء چند اڳواڻن جي جيڪي بار بار ميڊيا تي اچي سندن قيادت تي ٿيل ظلمن جا داستان ٻڌائين ٿا،ڌمڪيون به ڏين ٿا ته ساڳئي وقت لڪيل لفظن ۾ مفاهمت جو پيغام به پهچائي رهيا آهن پر” اصل طرف “ کان قبرستان واري خاموشي ڇانئيل آهي.رهي ڳالهه عمران حڪومت جي ڦوڪن ۽ بيانن جي ته انهن وٽ بيان بازيء سواء ٻيو ڪجهه آهي به ڪونه.ٿورڙي عرصي ۾ انهن جيڪو پنهنجي ئي اعليٰ اصولن جو جنازو ڪڍيو آهي اهو ئي کين بڇڙو ڪرڻ لاء ڪافي آهي.اصولن جي سياست جي دعويدارن ۽ جمهوري روايتن جي علمبردارن جهڙيء طرح سنڌ ۾ اقتدار حاصل ڪرڻ لئي سڀ اخلاقي ليڪا لتاڙي ۽ جمهوري حدون اورانگهي جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ اڃا به ڪري رهيا آهن انهيء مان ثابت ٿيو آهي ته هنن وٽ اصول نه پر اصولن جي لاشن جا مينار آهن.حقيقت اها آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت پنهنجن ڪريل حرڪتن سان نه رڳو احتساب جي پوري عمل کي ئي وڌيڪ تڪراري بڻائي ڇڏيو آهي پر خود انهن ٻنهي پارٽين جي قيادت جيڪا سندن مبينا ڪرپشن سبب عوام جي دلين ۾ ڪا همدردي پيدا ڪرڻ ۾ ناڪام ويئي هئي تحريڪ انصاف جي ”عقلمند“ قيادت انهن جي بيانيي کي هٿي ڏيندي عوام جي دلين ۾ انهن لاء همدرديء جو جذبو پيدا ڪري ڇڏيو آهي ۽ ماڻهن ۾ اهو تاثر قائم ڪيو آهي ته هيء سموري جنگ رڳو اختيارن جي جنگ آهي جيڪا احتساب جي اوٽ ۾ وڙهي پيئي وڃي.حيرت ٿئي ٿي ته هي ئي اهي ماڻهو آهن جيڪي هارس ٽريڊنگ تي لعنتون وجھندا هئا،فلور ڪراسنگ کي سياسي رشوت سان تعبير ڪندا هئا،گورنر راڄ کي جمهوريت سان مذاق قرار ڏيندا هئا،محلاتي سازشن ذريعي حڪومتون ڪيرائڻ کي حرام سمجھندا هئا،وفاداريون بدلائڻ کي ناقابل معافي ڏوهه قرار ڏيندا هئا،اڄ اهي سڀ ساڳيا ڪم ڪندي ذرو به هٻڪ محسوس نٿا ڪن.سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگيء تي سوين سوال اڀا ڪري سگھجن ٿا پر ان حڪومت کي ڪيرائڻ لاء هر قسم جا غير جمهوري ۽ غير اخلاقي هٿڪنڊا استعمال ڪرڻ تحريڪ انصاف جي حڪومت لاء اهڙو ڪارو داغ آهي جنهن کي ڌوئڻ لاء شايد انهن وٽ ڪو ڊٽرجنٽ ڪونهي!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو