جلال چانڊيو منھنجي دلبر کي مڳي ڪيڏي نہ آ

'ٻول' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏11 جنوري 2019۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    لوڏي ھلي ٿو ٻانھن، منھنجو دلرُبا!
    جدي ۾ جان محمد چئي، پئجي ويا پڙلاء
    سونھن تي صفا، مڳي آ محبوب کي.

    ===
    منھنجي دلبر کي مڳي ڪيڏي نہ آ
    ھُن سان مُنھنجي دل لڳي ڪيڏي نہ آ

    ناز ۽ انداز سان نظرون کڻي
    اک کٻِي مون تي ڀڳي ڪيڏي نہ آ

    چيلھہ چوٽو ڏِسي ڇاڇا چوان؟
    ھُن جي ذلفن ۾ سڳِي ڪيڏي نہ آ

    درد جو يڪتارو آھي دل اندر
    تند سُورن جي وَڳِي ڪيڏي نہ آ

    ھُن اداسيءَ کي ماري پاڻ خُوش
    دل کسڻ جِي ھِي ٺَڳِي ڪيڏي نہ آ.
    ====

    آواز : جلال چانڊيو
    شاعر: اميربخش لُنڊ ”اداسي“

     
  2. "محمد امين ڀٽي"

    "محمد امين ڀٽي"
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 اپريل 2014
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    سرڪاري مُلازم
    ماڳ:
    ڪراچي
    اک کٻي مون تي ڀڳي ڪيڏي نه آ

    چئي ٿو کٻي پاسي واري اک ٿو ڀڃي
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    مھربانيون، ترميم ڪري ڇڏي آھي..
     
  4. "محمد امين ڀٽي"

    "محمد امين ڀٽي"
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 اپريل 2014
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    سرڪاري مُلازم
    ماڳ:
    ڪراچي


    هن ڪلام جا ٻول بلڪل به سمجھه ۾ نٿا اچن، شاعر به الائي ڪير اٿس.
    هن جا ٻول ته لکي ڏيو.
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    اھا مولوي احمد ملاح جي شاعري آھي.

    آءُ نہ گڏيس پرينءَ کي، تون ٿو لھين سج
    آءُ جي ڏيانءِ سنيھا، وڃين پرينءَ کي ڏج
    ھاڻي ڪيچ وڃي چئج، اڄ ويچاري واٽ مُئي

    __

    سج سڄڻ ٻئي آمهون سامهون گلبدن گُل ڪير وَڌ؟
    چيلهہ چھبڪ، نڪ نيلوفر، دِيد سُمبل ڪير وڌ؟

    ھار پائي ھِير ٺاھي، حُسن جا ھيرا ھزار
    يار گل، رخسار گل، گلزار گُل، گُل ڪير وڌ؟

    (آلاپ دوھيڙي جا)
    روز ڪُسڻ ڪار اُنھان دِي، جھڙا پرديس تي اکڙيان وڃ لائي
    پل وچ مردا، پل وچ جيئندا ٻيٺا دم دم دُکڙي کائي

    ديس اُنھين ديان تانگهان هنديان، او ٻيٺا پنڌ پُڇاوي
    شاھ جمن سڀ سُور ويندي جڏھان يار ديدار ڪراوي


    تِرڪڻو تَر ۾ گهڻو، پر ۾ گهڻو ناڻو گهڻو،
    ملڪ ڏنائين مُلهہ ڪري، مال يا مُلھ ڪير وڌ؟

    حسن ڪنھن کي ھيڪڙي ۾، حسن ڪي ڳائن ھزار
    حسن بابت بيت احمد، بات بُلبل ڪير وڌ؟
     
    "محمد امين ڀٽي" هيء پسند ڪيو آهي.
  6. "محمد امين ڀٽي"

    "محمد امين ڀٽي"
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 اپريل 2014
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    سرڪاري مُلازم
    ماڳ:
    ڪراچي
    مهربانيون قرب
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.
  7. "محمد امين ڀٽي"

    "محمد امين ڀٽي"
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 اپريل 2014
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    سرڪاري مُلازم
    ماڳ:
    ڪراچي
    ديس اُنھين ديان تانگهان هنديان، او ٻيٺا پنڌ پُڇاوي

    ديس ڏي انهي جون تانگهون آهن ۽ پنڌ پيو پڇائي.
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو