ڪپتان کي ميڊيا کان ڪهڙي تڪليف آهي؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏3 فيبروري 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    هڪ خبر موجب ڪپتان حڪومت نيٺ ميڊيا جي رستي ۾ رنڊڪون اڀيون ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو آهي.گذريل خميس تي ٿيندڙ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ان تجويز ڪيل بل جو مسودو پيش ڪري ڪابينا ۾ ان جي منظوري حاصل ڪئي ويئي آهي ۽ هاڻي اهو بل اسيمبليء يا آرڊيننس ذريعي نافذ ڪرڻ جو پڪو امڪان آهي پر سوال اهو آهي ته اڳ ئي ڪيترن مسئلن ۽ مونجھارن ۾ ڦاٿل حڪومت ميڊيا سان ايڏو وڏو ٽڪراء پيدا ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آهي ۽ اهو سوال به ته آخر پي ٽي آئي حڪومت کي ماضيء جي حڪومتن جيان ميڊيا سان مهاڏو اٽڪائڻ جي ڪهڙي ضرورت پيش آئي آهي؟جيڪر عمران خان جي سياسي ميدان کان اقٿداري ايوانن تائين پهچڻ واري سفر جو تجزيو ڪيو وڃي ته ان ۾ شڪ ناهي ته عمران خان جي پنهنجي ٻاويهه سالا لاڳيتي ۽ مستقل جدوجهد ان جو پهريون فيڪٽر آهي پر ٻئي نمبر تي ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ره گڏيل طور تي ميڊيا جي هڪ وڏي حصي عمران خان جي ان جدوجهد ۾ سندس ڀرپور ساٿ ڏنو آهي.ان جو هڪڙو سبب ماضيء جي حڪومتن جي ڪرپشن،خراب حڪمراني ۽ سندن ميڊيا سان غلط رويو به هو جنهن ڪري ميڊيا ۽ صحافتي برادري گّريل حڪومتن جي ناراضگين باوجود ڪپتان سان نه رڳو پوريء طرح ساٿ نڀايو پر حڪومت جي ڪارن چٺن کي منظر عام تي آڻي عمران خان کي شاندار موقعو مهيا ڪيو ته هو انهن حڪمرانن جي ڪرتوتن کي عوام ۽ دنيا سامهون وائکو ڪري ۽ سندس جماعت جي موقف کي وڌيڪ وزندار بنائي سگھي.عمران خان يا سندس پارٽي جيڪي به قانوني ۽ احتسابي معاملا گذريل حڪمرانن خلاف سامهون آندا يا عدالتن تائين پهڄايا اهي سڀ تحقيقاتي صحافت جو ئي ڪارنامو آهن نه ته عمران خان انهن معاملن تائين ڪيئن پهچي سگھي ها.عمران خان جڏهن اقتفار حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ هو ته هن پاڻ ميڊيا جي ان مثبت ۽ بنيادي ڪردار کي تسليم ڪيو هو ۽ هر وقت ميڊيا جي تعريف ڪندو رهيو پر چوندا آهن ته اقتدار جي پنهنجي مستي ۽ پنهنجي نفسيات ٿيندي آهي.خاص طور تي پاڪستان جهڙي ملڪ م جتي حڪمران هر وقت پنهنجن اختيارن جون حدون اورانگھڻ ۾ ئي فخر محسوس ڪندا آهن اتي انهن مان ڪنهن کي به هڪ آزاد ۽ غير جانبدار ميڊيا هرگز ڀانء نٿي پوي.اهي جائز تنقيد سهڻ جي صلاحيت کان گھڻو محروم ٿين ٿا ۽ رڳو اهي زبانون ۽ قلم ئي کين وڻڻدا آهن جيڪي نه رڳو سندن تعريفون ڪن پر کين خوشامدن ذريعي آسمان جي بلندين تائين پهچائي کين ڪنهن مقدس مخلوق جو درجو به ڏين.پاڪستان ۾ هر دور جي حڪمرانن ميڊيا سان هميشه نهايت ئي برو سلوڪ ڪيو آهي ۽ هاڻي شايد انهيء سلسلي ۾ وري ڪنهن ڪاري دور جو اضافو ٿيندي يا گھٽ ۾ گھٽ ڪوشش ٿيندي نظر اچي ٿي.بدقسمتيء سان اسان جا حڪمران ڪڏهن اهو سوچڻ جي تڪليف نٿا ڪن ته ڪنهن به سياسي نظام ۾ ميڊيا ۽ عدالتون ڪنهن سيفٽي والو واري حيثيت رکنديون آهن ۽ انهن سان ڪنهن به قسم جي محاذ آرائي نه رڳو وقت جي حڪمرانن کي نقصان پهچائي سگھي پر رياست جي لاء به سلامتيء جا مسئلا پيدا ٿي ويندا آهن.وچ اوڀر ۾ اٿندڙ سياسي بهار واري تحريڪ جو وڏي ۾ وڏو سبب اتي جي عوام کي اظهار راء جي آزادي نه ڏيڻ ۽ عدالتن کي مرضيء سان فيصلن جي صلاحيت کان محروم ڪرڻ هو جنهن ڪري عوام اندر حڪمرانن ۽ سندن غلط پاليسين سبب جيڪو انتهائي غصو ۽ بي چيني پيدا ٿي هئي اها انارڪي ۽ انتشار جي صورت ۾ ظاهر ٿي جنهن جي نتيجي ۾ انهن ملڪن مان ڪيترن جا ته نقشا ئي بدلجي ويا.جديد جمهوريت ۾ هڪ آزاد ۽ غيرجانبدار ميڊيا جي وجود سواء رياست جو تصور ئي مڪمل نٿو سمجھيو وڃي.رياست جي ڪنهن به شهريء کي سندس راء جي اظهار جي بنيادي حق کي ڪهڙِء طرح کسي سگھجي ٿو.اهو صحيح آهي ته هر وقت سماج جي ٻين شعبن جيان ميڊيا ۾ به سڌاري ۽ بهتريء جي ضرورت رهي ٿي،وڌيڪ ذميداري ءٌ جوابداري جي احساس جي به گھرج آهي پر اها ڪهڙي دانشمندي آهي ته جيڪي اوهان کي اوهان جون غلطيون ٻڌائين ٿا ۽ اوهان جي حڪومتن جي غلط پاليسين جي نشاندهي ڪن يا حڪومت جي ڪارڪردگي بهتر بنائڻ ۾ اوهان جي مدد ڪن انهن جي نڙيء تي ننهن ڏنو وڃي.اهو ته ڪنهن ملڪ ۽ سماج کي واپس ماضيء جي ڪنهن آمريت يا بادشاهت طرف ڌڪڻ برابر آهي.موجوده حڪومت جا جيڪي به وزير ۽ مشير عمران خان کي ميڊيا کي پابند ڪرڻ جون صلاحون ڏيئي رهيا آهن اهي نه رڳو خود عمران خان کي هڪ نئين بحران ۾ ڌڪو ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر اهي ترقي پسند ڌريون جيڪي هن وقت حڪومت سان گڏ بيٺل نظر اچن ٿيون انهن کي حڪومت مخالف رويو اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪري رهيون آهن.حڪمران ڪير به هجن اهي بهرحال انسان ئي ٿين ٿا ۽ ٻين انسانن جيان ئي غلطيون ڪن ٿا.اهي ڪا آسماني مخلوق ناهن هوندا يا نعوذ بالله نبي يا پيغمبر ناهن هوندا جن تي تنقيد ڪري نٿي سگھجي.جنهن وٽ موثر دليل ۽ مناسب ڪارڪردگي هوندي آهي اهو تنقيد کان هرگز پريشان ناهي ٿيندو ۽ جنهن وٽ ڪردار هوندو آهي انهن کي ٻين جون فضول ڳالهيون ڪيرائي نه سگھنديون آهن.عوام جي گڏيل دانش تي به اعتماد هئڻ گهرجي جو هاڻي ماڻهو هر شيء غور سان ڏسن ٿا.اهو زمانو ويو جو ڪو واحد سرڪاري ٽي وي سچ کي ڪوڙ ۽ ڪوڙ کي سچ ثابت ڪري وٺندو هو.هاڻي ته عام ميڊيا سان گڏ هڪ متوازي ميڊيا جنهنکي سوشل ميڊيا چيو وڃي ٿو سا تمام گھڻي طاقتور آهي ۽ انهيء کي مڪلمل طور تي ڪنٽرول ۾ آڻي سگھجي ممڪن ئي ناهي.سمجھه ۾ نٿو اچي ته هاڻوڪي حڪومت جيڪا عوام سان سندن بنيادي مسئلا حل ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ بنيادي تبديليون آڻڻ جو جيڪو پروگرام پاڻ سان کڻي آئي هئي اها ڪهڙن معاملن ۽ مسئلن ۾ پنهنجو پاڻ کي ڦاسائيندي ۽ وڌيڪ منجھائيندي ٿي وڃي.مزي جي ڳالهه اها ته ميڊيا متعلق تجويز ڪيل ان ڊرافٽ تي لاڳاپيل اخباري،صحافتي تنظيمن ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرن سان ڪابه ٻولهه نه ڪئي ويئي آهي ۽ ڪابينا ۾ منظوري بعد هاڻي چيو پيو وڄي ته سمورين ڌرين کي ان تي اعتماد ۾ ورتو ويندو.اهو ته طيء آهي ته هاڻوڪين حالتن ۾ حڪومت ڪيترو به چاهي ميڊيا کي پنهنجي مرضيء موجب پابند بنائي نه سگھندي.اهڙا تجربا ماضيء جي طاقتور ترين ڊڪٽيٽرن به ڪيا پر اهي سڀ ناڪام ويا سو هيء حڪومت جيڪا پاڻ کي عوامي حڪومت سڏائڻ جي دعويدار آهي اها هڪ اهڙو داغ اجايو پنهنجي منهن تي ملڻ جي ڪوشش ڪندي جنهن سان کيس سواء شرمندگيء جي ٻيو ڪجهه به حاصل ناهي ٿيڻو.وزير اعظم کي گھرجي ته هو عقل ۽ دانش جو مظاهرو ڪندي اهڙين سازشن کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪري جيڪي سندس ۽ سندس حڪومت خلاف چاڻي واڻي يا اڻ ڄاڻائيء ۾ ڪيون پييون وڃن.
     
    عرس پريو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو