ڪتاب تي تبصرو

'سنڌي ادب' فورم ۾ khadim ghirano طرفان آندل موضوعَ ‏4 فيبروري 2019۔

  1. khadim ghirano

    khadim ghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    118
    ورتل پسنديدگيون:
    118
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور سنڌ
    سڙيا مٿي سچ خادم گھراڻو
    آزد ابپ بڪر جو ڇٽو هي ڪتاب جيڪو شهيد خالد محمود سومرو جي زندهي تي لکيل آهي جنهن ۾ هڪ جامع تحقيق ڪئي ويئي آهي اهو ڪتاب اداره رهبر شريعت حيدرآباد وارن ڇپايو آهي مهاڳ ۾ ابو بڪر ڇٽو سنڌ جي تاريخ کي هڪ هنڌ سميٽيو آهي شروع کان وٺي هن وقت تائين سنڌ بابت لکيو آهي سنڌين جي همت تي لکيو آهي سنڌ سان جيڪي قهر ٿيا انهن تي لکيو آهي سنڌ جي هيرن تي لکيو آهي جيڪا هڪ جامع معلومات آهي ان کان پوءِ هن سومري صاحب جي خانداني پس منظر تي لکيو آهي هڪ هنڌ لکي ٿو حضرت علي محمد حقاني چون ٿا ته بهترين عالم اهو آهي جنهن جي در تي حاڪم خود اچن . هن خالد محمود سومرو جي تعليم تربيت تي به بهترين نموني لکيو آهي هي لکي ٿو کين چئني صوبن ۾ اعلى خطيب ڪري مڃيو ويندو هو ۽ ٻين ملڪن ۾ به سندن مڃتا هيئي سندن لقب خطيب الايشيا هو هي لکي ٿو ته پاڻ جيڪا به ڳالهه ڪند اتڪي توري ڪندا هئا جتي به ويا اتي صداقت سچائي جي خوشبوءَ ايندي هئي . ابو بڪر آزاد لکي ٿو هيءُ جمعيت جو پهريون سينيٽر هو هي لکي ٿو ته هن جي خطبي ۾ بلاغت ۽ فصاحت هئي جيڪي گھٽ مقررن وٽ هوندي آهي .. ليکڪ لکيو آهي ته پاڻ زندگي ۾ ڪيترائي عمرا ڪيا پر حج صرف ٽي ڪيا هن دنيا جي ٻاويهه ملڪن جو سفر ڪيو . اهو به بيان آهي ته اقوام متحده ۾ هي اڪيلو هو جنهن خطاب کي ڪتابي صورت ۾ ڇپائي هال ۾ ورهايو ويو هڪ آمريڪي چيو ته آئون آمريڪا نمائندو ضرور آهيان پر باراڪ اوباما جو نه آهيان ليکڪ مختلف عظيم هستين سان سهيد خالد محمود سومرو جر ڀيٽا ڪئي آهي هي لکي تو ته شهيد علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو ۽ شاھ عنايت شهيد هڪ ئي فڪر جا پوئلڳ هئا .هڪ مضمون ۾ جيڪو ڪالا باغ ڊئم بابت آهي ان ۾ آهي ته پنجاب جا ٽي درياءُ 1962ع ۾ انڊيا کي وڪرو ڪيا ويا ان وقت پنجابي ننڊ ستل هئا انهن جون اکيون کليون سنڌو مان پاڻي کڻڻ جو ترڪيبون سوچڻ لڳا علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قرآن شريف جي تفسيرن کي سامهون رکي قراآن شريف جو تفسير لکيو هي سنڌ ڌرتي جو حلالي فرزند هو جنهن چيو ته سنڌ هوندي ته اسان به هونداسين سنڌ نه هوندي ته اسان جو جيئڻ فضول آهي ڊاڪٽر صاحب سنڌ جي هارين مزدورن پورهيتن جي جيڪا ڳالهه ڪئي آهي اها هن ڪتاب ۾ درج ٿيل آهي هڪ هنڌ شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جو بيان مصنف درج ڪيو آهي ته جيڪي مهاجر 1947 ع ۾ سنڌ ۾ آيا انهن کي نه وڻي ته سنڌي ٻولي نه وڻي سومرو صاحب سنڌ جي سڪ هو سپمرو صاحب سنڌ جي سچائي هو سومرو صاحب سنڌ جي سورهيائي هو هن ڪتاب ۾ مختلف ماڻهن ڊاڪٽر صاحب جي باري ۾ جيڪي ويچار ونڊيا آهن انهن جو بيان به آيل آهي ليکڪ هڪ هنڌ لکيو آهي ته سومرو ضاحب کي شهيد ڪرن وارا قاتل شمر جا مريد ۽ شيطان جا پٽ آهن هن ڪتاب ۾ سومرو صاحب کي ساعرن جيڪا ڀيٽا ڏني آهي اها شاعري به آهي ٻاهرين ملڪن ۾ ٿيل تعزيتي اجلاسن جو به بيان آهي هي هڪ بهترين ڪتاب آهي جنهن جو ملهه ڄاڻايل نه آهي اهو وٺي پڙهڻ گھرجي لائبرري ۾ هڪ بهترين ڪتاب جو اضافو ڪرڻ گھرجي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو