ناول عشق اونداهو سج تي تبصرو جعفر شاهاڻي

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ جعفر شاهاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏16 فيبروري 2019۔

  1. جعفر شاهاڻي

    جعفر شاهاڻي
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏15 فيبروري 2019
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ماڳ:
    تعلقو ۽ ضلعو: عمرڪوٽ
    ناول عشق اونداهو سج تي تبصرو
    جعفر شاهاڻي
    انسان ازل کان فطرت جو محتاج رهندو پيو اچي پوءِ وقت کڻي انهيءَ کي ڪيڏو به اُلجهائي، پر هڪ سچو آرٽسٽ هڪ ڏينهن فطري آرٽ ڏانهن اَوس موٽندو آهي. ساڳئي ڪيفيتون، حالتون، لهواريون اوڀاريون ”عاشق بلوچ“ سان به لاڳاپيل رهيون آهن. جنهن کي آئون هڪ ئي ڳوٺ ۾ رهندي شعوري اکيون کلڻ وقت کان سڃاڻيندو پيو اچان، جنهن ڪارڻ ڪيتريون ئي ساروڻيون منهنجي دل ۾ پڻ آهن جيڪي ھت نٿو ڪريان ۽ اچان ٿو سندس تخليقي پورهئي طرف.
    جيتوڻيڪ ناول ۽ ڪهاڻيءَ جي جوڙجڪ ۽ فني حوالي سان ٿوري ڦيرڦار، ننڍ وڏائي جي فرق کي سامهون رکي 1853ع ۾ انگزيرن جي ڪرم نوازين سان سنڌي الفابيٽ جُڙڻ کانپوءِ سنڌي ساهت ۾ انهن نثري صنفن جو آغاز ٿيو. اڳتي هلي انهن متعلق ڪيترائي انومانَ سامهون آيا جنهن لاءِ انهن ٻنهي صنفن جي تاريخي پسمنظر ۾ وڃي قلب ۾ هٿ وجهبو ته، نه رڳو ڳالهه ڳچ ٿي ويندي پر ڪيترن ئي سوالن جو جنم پڻ اڻٽر ٿي پوندو، جنهن ڪري انهي قصيءَ کي به اتي ئي ڇڏيان ٿو.
    جيئن ڪنهن قوم جا رسمي طور طريقا، سماجي اُٿا ويٺي هوندي آهي، ائين دنيا جي ڪاروهنوارُ جا به پنهنجا قاعدا قانون هوندا آهن جن جي دنيا صدين کان پيروڪار آهي. اهو قانون قدرت به آهي، ته نظام جي بهتري ۽ پاڻ کي دنيا ۾ اجاگر ڪرڻ جو اعليٰ نمونو به آهي، پر ڪو انهي قاعدن کان هٽي ڪري به ڪنهن رانگ طريقي سان وڏي مقام تي پهتي ٿو ان جو قطعي اهو مقصد ناهي ته اهي طور طريقا، قاعدا قانون غلط يا اجايا آهن. اصل ۾ اهي سڀ ڳالهيون منهنجي خيال ۾ آرٽ جي زمري ۾ آڻجن ته به غلط نه ٿيندو، جن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن جو فيصلو تاريخ ۽ وقت کي ڪرڻو پوندو آهي جنهن جا ڪيترائي ڀيانڪ مثال مون ۽ اوهان سامهون آهن. ان داستان ڦلهورڻ جو مقصد ته ڪوبه ڪم ڪجي ته انهن ڳالهين کي مدنظر رکي ڪجي جيئن نام ۽ گام ٻنهيءَ جو نالو روشن ٿئي.
    جيتوڻيڪ ناول ۽ ڪهاڻيءَ جون بنيادي فني گهرجون تقريبن ساڳئي آهن، سواءِ طوالت جي. ڪهاڻيءَ جو پلاٽ هڪ واقعي جي گرد ڦرندو آهي، جڏهن ته ناول جي پلاٽ مک ڪردارن سان ڪيترن ئي واقعن کي سلهاڙي سگهجي ٿو. باقي ڪردارن جي ڳانداپي، پلاٽ جي ترتيب، گهاڙيٽي، ڊائلاگ، تشبيهون، دلچسپي، تجسس، پڄاڻي سميت سڀئي فني خوبيون ۽ فن ساڳيو آهي.
    تازو انهي دوست عاشق بلوچ جو ”عشق اونداهو سج“ ناول پڌرو ٿي ويو آهي. ٻهراڙيءَ جي ماحول ۽ ڪردارن کان شروعات ٿيندڙ انهي ناول جا مک ڪردار پلاٽ جي تربيب سان منڍ ۾ جن رستن تي، گهٽين ۾ رُسندي پرچندي، چرچا ڀوڳ ڪندي، پيار جي پيچرن تي هلندا نظر اچن ٿا اُتي پنهنجي فطري لاڙي جو عڪس به ظاهر ڪن ٿا. جڏهن اهي مک ڪردار ٻهراڙيءَ جي انهن گهٽين ۾ پنهنجو پيار پروان چڙهندي محسوس ڪن ٿا ته حادثاتي طور تي سندن رشتو ٽٽڻ جا امڪان هوندي به بچي پوي ٿو ۽ ساجد سنبل کان دل جي گهراين سان اجازت وٺي يونيورسٽي وڃي وسائي ٿو. اُتي بظاهر پڙهندڙ جي ذهن ۾ صرف رومانوي خاڪو جڙڻ جا وڌيڪ امڪان محسوس ٿين ٿا پر عاشق سُهڻي اسلوب سان نه صرف رومانس واري تاثر کان پڙهندڙ کي انهي جهنجهٽ مان آجو ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي پر وڇوڙي جي وڍن کان بچائيندو تسلسل ۽ دلچسپي کي به برقرار رکيو اٿس. جيتوڻيڪ ڪتابي صورت ۾ عاشق بلوچ جو هيءُ پهريون قلمي پورهيو آهي، جنهن ۾ ٻن پيار ڪندڙن جو داستان به آهي ته، لفظن جي ساحري سندس مطالعي جي گواهي به ڏئي ٿي. خاص طور تي يونيورسٽيءَ ۾ ٿيندڙ شاگردن جي ننڍن وڏن مسئلن کي ظاهر ڪرڻ سان گڏوگڏ سماج ۾ ٿيندڙ ستمن جي جهلڪ، تهذيبي عڪس، تشبيهن، ٻوليءَ سان پيار، ڳنڍيل واقعن جي ترتيب، طرزِ گفتگو، دلچسپي ۽ تجسس سان به ڀرپور نموني نڀايو اٿس.
    سنڌي ساهت جي پرگهور لهندڙ نالي چڙهيا اديب کڻي عاشق جي هِن ناول کي ڪهڙي به نظر سان ڏسن پر ”عشق اونداهو سج“ مونکي ليکڪ جي روشن ادبي شناس واري علامت ضرور محسوس ٿيو آهي.
    جيتوڻيڪ عاشق جنهن منزل جو مسافر آهي، ان جو اڃا پنڌ گهڻو پري آهي تنهن ڪري کيس پوئتي ناهي جانچڻو ۽ مسلسل مطالعي، مشاهدي ۽ دل لڳيءَ سان پنهنجي منزل ڏانهن سفر جاري رکڻو آهي.
    مون کي ويساھ آهي جيئن پکي جي پهرين پرواز هُن جي حوصلي جي ضامن هوندي آهي، ائين عاشق بلوچ جو هيءُ قلمي پورهيو نوجوان ضرور پسند ڪندا.
    سمبارا پبليڪيشن طرفان پڌرو ٿيل هِن ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي محترم ڊاڪٽر فياض لطيف ۽ مئڊم ڊاڪٽر ريحانه جي راين ساڻ احساس سمون، جعفر شاهاڻي (مون)، شهاب نهڙيو ۽ ناشاد رضوان رايا پڻ شامل آهن.

    (2 جنوري 2019ع تي سنڌ ايڪسپريس ۾ ڇپيل تبصرو)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو