عورت بـ برابري جي حقدار آھي

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ عاشق علي چانڊيو طرفان آندل موضوعَ ‏8 مارچ 2019۔

  1. عاشق علي چانڊيو

    عاشق علي چانڊيو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2019
    تحريرون:
    27
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ماڳ:
    وارھ
    عاشق چانڊيو

    ڪالھ 08 مارچ جو ڏھاڙو عورتن جو عالمي ڏينھن طور ملھايو ويو پر آءٔ ان بابت نـ لکيو ھو پر اڄ ڪجھ خيال اوھان سان ونڊيون پيا.عورتن جو ھي عالمي ڏھاڙو 1909ع ۾ آمريڪا ۾ پھريون ڀيرو ملھايو ويو.ھي ڏھاڙو عورتن کي برابري ۽ حق ڏيارڻ لاء ملھايو ويندو آھي.ھونئن بـ سال جي ڪئلينڊر ۾ ايترا کوڙ ڏھاڙا ملھايا ويندا آھن پر اھي ڏينھن صرف ملھايا ويندا آھن باقي ان جي مقصد تي ڪو عمل ٿيندي نظر نـ ايندو آھي.سال جي شروعات ۾ پھرين جنوري کان ڏينھن ملھائجڻ شروع ٿي ويندا آھن جڏھن تـ عمل ڪرڻ جو ڪم زيرو ھوندو آھي.پھرين جنوري تي سنڌ جي سرتاج شاعر شاھ عبدالطيف جي سالگرھ جو ڏھاڙو ملھائيندا آھيون پر ان جي ڏنل امن جي پيغام تي عمل ڪونـ ڪندا آھيون جڏھن تـ ان جو پيغام بـ امن ۽ برابري جو پيغام ھوندو آھي.ان کان بعد 14 فيبروري ويلنٽائن ڊي محبتن جو عالمي ڏينھن ملھائيندا تـ آھيون پر مور جو ڪنھن سان محبت جي وائي ڪريون ۽ ڪالھ وري بـ عورتن جو عالمي ڏينھن تـ ملھايوسين پر خدا ڪري جو ان جي ڳالھين تي بـ عمل ڪيو وڃي.ڏٺو وڃي تـ دنيا ۾ عورتن کي آزادي ۽ حق ڏنا وڃن ٿا پر ان جي ڀيٽ ۾ ڪو 30 سيڪڙو ئي اسان جي ملڪ ۾ عورتن کي حق ملن ٿا.آءٔ ائين ڪونـ پيو چوان تـ اسان جي ملڪ جي سڀئي عورتون قيد آھن پر عورت جي گھڻائي پنھنجي حقن کان محروم آھي جڏھن تـ اسان جو ھي ملڪ اسلامي ملڪ آھي ۽ اسلام عورتن کي پورا پورا حق ڏيڻ جو حڪم ڏئي ٿو.ان عورت کي ھن سماج ۾ ڇو برابري حالت ل ناھي جيڪا عورت ھڪ ماء آھي,جنھن عورت جي پيرن ھيٺان جنت آھي,جيڪا عورت ھڪ ڀيڻ آھي,جيڪا عورت ھڪ زال آھي ۽ جيڪا عورت حساس دل رکندڙ آھي ان حساس دل سان ڇو بربيتون آھن.ھونئن تـ سوشل ميڊيا تي نظر وجھبي تـ ڪيترن ئي معصوم نياڻين جو ناحق خون جون خبرون پڌريون ٿيل ھونديون پر باقي عورتون بـ جبر ھونديون آھن.انھن عورتن کي جسماني طور اگر تشدد نـ ڪيو ويندو آھي تـ انھن کي ذھني طور جبر ھيٺ آندو ويندو آھي.انھن کي ٻي سزا نـ ڏني ويندي آھي تـ ان کي قلم جھڙي طاقت کان محروم رکيو ويندو آھي.
    اسلام کان اڳ ۾ عورتن سان بربريتون ڪيون وينديون ھيون,انھن کي زندھ دفن ڪيو ويندو ھو,انھن کي برابري جا حق نـ ڏنا ويندا ھئا پر اسلام جي روشني ھن اونداھي سماج کي اھو سيکاريو تـ عورت ھن سماج جو اڌ حصو آھي ۽ انھن جو ايترو ئي حق جيترو اوھان مردن جو آھي.تاريخ ٻڌائي ٿي تـ عورتن بـ ھڪڙي پنھنجي تاريخ رقم ڪئي آھي.عورت ھر موڙ تي پنھنجو فرض اھڙي ريت نڀايو آھي جو شايد ڪو مرد بـ نڀائي سگھي.مارئي اھڙي تاريخ رقم ڪئي آھي جيڪا اڄ تائين تاريخ جي ورقن ۾ سونن اکرن سان لکيل آھي.ھن ملڪ سان,پنھنجي ملير سان اھڙو نينھن نڀائي پاڻ تاريخ بڻجي ڏيکاريو آھي.سسئي جيڪا بـ ھڪ عورت آھي ان بـ تاريخ بڻجي ڏيکاريو آھي ۽ ڏونگر کان بـ ڏاڍا اراد رکي ھن سماج کي سيکاريو آھي تـ ھيئن منزلون ماڻبيون آھن.ھن اھو سبق ڏنو آھي تـ ڪيئن رڪاوٽن کي ٽوڙي,تڪليفون سھي اگر جبل آڏو اچي تـ بـ ھن کي ڌمڪي ڏئي تـ"ڏونگر آڏو ٽر,مٿان روھ رتيون ٿئي"ڪري ان کي ھٽائي پر جيڪڏھن اڃان بـ نـ تـ پوء وري اھو چوڻ تـ "تون جي پھڻ پٻ جو تـ لڱ منھنجا بـ لوھ"جھڙيون اثرائتا پيغام ڏئي ھن سماج جي انھن فردن کي سيکاريو آھي,جيڪي فرد عورت کي ڪمزور چوندا آھن ۽ پاڻ بـ ڪجھ نـ ڪري سگھندا آھن.سسئي جو انھن کي جواب آھي تـ اسين ڪمزور نـ بلڪ "لڱ منھنجا بـ لوھ"چئي ٻڌايو آھي تـ اسين ڏونگر کان بـ ڏاڍيون آھيون.ھي تـ سنڌ جو ڪردار عورتون آھن پر دنيا جي تاريخ بـ اھڙين عورتن جي نالن سان ڀري پئي آھي.ھيلن ڪيلر بـ اھو ثابت ڪيو آھي تـ جيڪر آءٔ انڌي,ٻوڙي ۽ گونگي آھيان تـ ڪھڙو فرق پوي ٿو تـ آءٔ دنيا کي ڏيکاريندس تـ آءٔ عورت ھوندي ۽ توڙي جو انڌي,گونگي ۽ ٻوڙي ھوندي بـ اوھان سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي ھلنديس ۽ ھن جي اھڙن اٽل ارادن کي ڏسي اڪريل اکرن وارا ڪتاب ڇاپيا ويا ۽ ھيلن ڪيلر پنھنجي مھربانن استاد جي مدد سان علم جھڙو زيور پرايو.ياد رھي تـ اھا مھربان استاد بـ ھڪ عورت ھئي.دنيا ني تاريخ اھو بـ ٻڌايو آھي تـ عظيم شخصيتن جي پوئواري انھن عورتن ئي ڪئي آھي جنھن کي ھي سماج ڪمزور سڏيندو آھي.قائداعظم محمد علي جناح سان بـ پنھنجي ڀيڻ ٻانھن ٻيلي ھئي,ذولفقار علي ڀٽو جي پارٽي کي بجاء ان جي پٽن (مردن) ھڪ عورت (بينظير ڀٽو) اڳتي وڌايو ھو.ھي نياڻي بـ سنڌ جو ڪردار آھي ۽ ھن بـ ھڪ تاريخ رقم ڪئي آھي ۽ دنيا جي مسلمان ملڪن ۾ پھرين عورت وزيراعظم جو اعزاز حاصل ڪيو آھي.گانڌي جي فھم کي بـ ھڪ نياڻي انڌرا گانڌي اڳتي وڌايو آھي مطلب تاريخ شاھد آھي تـ عورتن اھو ثابت ڪيو آھي تـ اسين ڪنھن کان گھٽ ڪونـ آھيون ۽ ھاڻي انھن کي ڪمزور ڪوٺڻ ۽ انھن کي پنھنجا حق نـ ڏيڻ جھالت جي انتھا ھوندي تنھن ڪري نياڻين کي تعليم جي زيور سان سرشار ڪريو ۽ "متان ڌئ پڙھائين جو غيرت نـ رھندئي اڙي ڪمزور ايڏا جي ايمان ٿيندا تـ ڇو ڪونـ نسلن جا نقصان ٿيندا".اھڙن عملن کي جيڪر ڪتب آندو ويندو تـ نسلن جا نقصان تـ ٿيندا نـ ۽ اسين ايندڙ نسل جا معياري ٿي پونداسين ڇو جو ھنن کي بھتر معيار ۽ ماحول ڏيڻ اسان جي ذميواري آھي.
    (عورتن جي عالمي ڏينھن جي حوالي سان)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو