سال ساڳيو آ

'سنڌي شاعري' فورم ۾ عبدالرحمان مڱڻيجو طرفان آندل موضوعَ ‏22 مارچ 2019۔

  1. عبدالرحمان مڱڻيجو

    عبدالرحمان مڱڻيجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    40
    ورتل پسنديدگيون:
    33
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    جي حال پنهنجو ساڳيو آ
    ته سمجهوسال ساڳيو آ
    اڃا ڪا شي مٽي ناهي
    اڃا آفت گهٽي ناهي
    اهڙي ڪا رات ڪانهي ڪا
    اسان جاڳي ڪٽي ناهي
    ڇا بدليو جاگيراڻي
    اها ساڳئي ڪهاڻي آ
    نه رستا روڊ بهتر ٿيا
    نه بجلي گئس پاڻي آ
    وسيلن جي آھي ڦرلٽ
    اڃا ساڳي آهي غربت
    اهڙو ڪو ماڻھو ڇو ڪونهي
    ڪري جو قوم جي خدمت
    پنهنجو جي سوال ساڳيو آ
    ته سمجهو سال ساڳيو آ
    نياڻيون پار رستن جي
    ڄڻين ٿيون ٻار رستن تي
    بيهن پوتيون ڪري پردو
    اديون ڪي چار رستن تي
    آ حالت اسپتالن ۾
    مريض ڪيئي ٽالين ۾
    ريڙھي تي پيا آھن
    پسيل پٽيون رومالن ۾
    وڻن ۾ آ ٽنگيل ٿيلهي
    روئان ٿو مان ڏسي ڊيلي
    جي هي جنجال ساڳيو آ
    ته سمجهو سال ساڳيو آ
    ساڳئي بيروزگاري آ
    مهانگائي ته زاري آ
    ھئي جا موٽر سيئيڪلڙي
    کپائڻ جي تياري آ
    پنهنجو ڪو ڍول ڪونهي ڪو
    مايا جو مول ڪونهي ڪو
    ڪڏهن سي اين جي بند آ
    ڪڏهن پيٽرول ڪونهي ڪو
    وڏي آ خلق گسن ۾
    ڏاڍي آ رش بسن ۾
    اخبارن ۾ اچن ڦوٽو
    ڦاهو لٽڪيل رسن ۾
    خوشي جو خال ساڳيو آ
    ته سمجهو سال ساڳيو آ
    گڏه گهوڙو لڳو پيو آ
    ماڻھو ٻوڙو لڳو پيو آ
    پنهنجي تعليم صحت کي
    رڳو روڙو لڳو پيو آ
    پوڙھو پي به ڪمائي ٿو
    ۽ ڌي لا ڏاج به ٺاهي ٿو
    ۽ انجو ڀاء پڙھي پو به
    اڃا ڇولا کپائي ٿو
    مٽن ۾ چاھ ڪونهي ڪو
    ڀاء جو ڀاء ڪونهي ڪو
    آ ھر گهر ۾ رڳو جهيڙو
    چڱائي چاھ ڪونهي ڪو
    قرب جو ڪال ساڳيو آ
    ته سمجهو سال ساڳيو آ
    ادا عزت رلي ٿي پئي
    دلالي اڄ کلي ٿي پئي
    شرابن واري بوتل مان
    ماکي هاڻي ملي ٿي پئي
    خالص ته کير به ڪونهي ڪو
    پنهنجو ڪو پير به ڪونهي ڪو
    ڪرائي ٺاه ڌرين ۾
    اهڙو ڪو مير به ڪونهي ڪو
    خبر ناهي پيارن جي
    رڳو آ لوڌ ڌارين جي
    فصل کي اگھ ڪونهي ڪو
    وڏي حالت آ هارين جي
    بکن ۾ پاھ نڪري ويا
    ڪري سڀ ڊاھ نڪري ويا
    وٺي ويا ووٽ واعدن تي
    اسان جا لاه نڪري ويا
    ٻيلي ٻائيتال ساڳيو آ
    ته سمجهو سال ساڳيو آ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو