ترن جو فصل ۽ ان مان فائدا

'سنڌ سلامت زراعت' فورم ۾ Talib hussain solangi طرفان آندل موضوعَ ‏10 مئي 2019۔

  1. Talib hussain solangi

    Talib hussain solangi
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مئي 2019
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    دادو
    سنڌ جي اڪثر علائقن ۾، تيلي فصل گهڻي تعداد ۾ پوکيا وڃن ٿا۔ تن ۾ تر، سرنهن، ڄانڀو، توريو، ڪينولا ، بوهي چڻا، بوهي مڱ، السي ۽ سورج مکي ۔
    هي فصل ٻين عام فصلن جي ڀيٽ ۾ تمام سهنجا ٿين ٿا۔

    هي فصل عام طور تي انهن علائقن لاء هڪ نعمت وارا فصل سمجهيا وڃن ٿا، جتي هلڪيون زمينون ۽ زرعي پاڻي جي کوٽ ھوندي آھي، ڇاڪاڻ تہ تيلي فصل ٿوري گهڻي، هلڪي ڦلڪي برسات وسيلي بہ ٿيو وڃن، هي فصل ٻين فصلن جي ڀيٽ ۾ کاڌ خوراڪ يعني ڪيميڪل ڀاڻ ۽ پاڻي گهٽ وٺن ٿا، انڪري هي فصل گهٽ خرچ سان وڌيڪ فائدو ڏين ٿا۔
    تيلي فصل تہ سڀ اهميت ۽ فائدي وارا آھن، پر هتي آءۡ ٗ ذڪر ڪندس ترن جي فصل جو۔
    هيءۡ فصل تمام آڳاٽن فصلن ۾ شمار ٿئي ٿو، ۽ پاڪستان سميت دنيا جي گهڻن ئي ملڪن ۾ پڻ پوکيو وڃي ٿو۔
    پاڪستان، چائنا، ڪوريا، آمريڪا، ميڪسيڪو، هندستان، آفريڪا، ۽ جاپان جي گرم، ۽ خشڪ علائقن ۾ خريف جي فصل طور پوکيو وڃي ٿو ۔
    جيڪڏھن، رڳو سنڌ صوبي جي ڳالھہ ڪجي تہ، هيءۡ فصل هتان جو تمام آڳاٽو فصل آھي، ۽ گهڻو وقت اڳ سنڌ مان ترن جو تيل يورپي ملڪن ڏانهن واپاري سطح تي پڻ موڪليو ويندو هيو۔!

    جيتوڻيڪ ڳرن فصل کي چار کان پنج پاڻي ڏنا ويندا آھن، پر هيءۡ فصل ڪٿي برسات جي پاڻي تي تہ وري ڪٿي هن فصل کي دير دير سان ٻہ کان ٽي ڏنا ويندا آھن ۔
    سٺي ۽ سگهاري زمين ۾ ھيءۡ فصل بغير ڀاڻ جي ئي سٺي پيداوار ڏئي ٿو، پر ڪمزوري ۽ وچولي زمين ۾ ھن فصل کي ٻہ ٻوريون نائٽروفاس پوکي وقت ۽ اڌ ٻوري يوريا پهرئين پاڻي تي ڏني ويندي آھي۔
    ترن جي فصل جي پوکائي جو وقت هيٺاهين سنڌ ۾ مئي کان جۡون تائين ڪري سگهجي ٿي، ٿر ۽ ڪوهستان ۾ 15 جولائي کان 15 آگسٽ تائين ڪري سگهجي ٿي ۔
    ترن جي پوکائي جا ڪيترائي مختلف طريقا ٿين ٿا، پر تن ۾ ناڙي ۽ ڇٽ وڌيڪ جٽادار آھن ۔
    هن فصل جي ناڙي ۾ ھڪ ڪلو کان ڏيڍ ڪلو في ايڪڙ کي ڏنو وڃي ٿو، ۽ ڇٽ جي صورت ۾ في ايڪڙ کي ڏيڍ کان ٻہ ڪلو ٻج ڏئي سگهجي ٿو ۔

    هيءۡ فصل تمام نازڪ قسم جو ٿئي ٿو، گهڻي برسات جي صورت ۾، يا پاڻي فصل ۾ پاڻي بيهي وڃڻ جي ڪري هن فصل تي ناڪارا اثر پئجي سگهن ٿا۔
    برسات جي مند ۾ ھن فصل مان پاڻي نيڪالي جو بندوبست ڪرڻ گهرجي، تہ جيئن هن فصل ۾ گهڻو پاڻي گهڻي دير تائين نہ بيهي سگهي ۔
    پاڻي بيهڻ جي صورت ۾ ھن فصل کي پاڙ ڪني جو مرض لڳندو آھي، ۽ ٻوٽا سڙڻ شروع ڪندا آھن ۔
    گل ٻاٽي جي مند ۾ گهٽ ۽ ٻوسٽ وارن ڏينهن ۾ ھن فصل تي نقصانڪار جيتن جو حملو ٿئي ٿو، تن ۾ رس چوسيندڙ جيت، ۽ پن مروڙ جيت Sesame Leaf Roller جو حملو ٿئي ٿو ، ان لاء ان وقت جيت مار دوائن جو ڦوهارو ڪرڻ گهرجي۔
    ترن جي فصل ڏھن کان ٻارهن مڻ في ايڪڙ پيداوار سولائي سان حاصل ڪري سگهجي ٿي۔

    ترن جي نج ٻج مان کاڌي جون ڪيتريون ئي شيون ٺاهيون وڃن ٿيون، ۽ ترن جو ٻج کاڌي جي مختلف شين ۾ ڪتب آندو وڃي ٿو، ايتري قدر جو هن جو ٻج دوائن ٺاهڻ ۾ بہ ڪتب آندو ويندو آھي ۔!
    ترن جي ٻج مان تيل نڪري ٿو ، جيڪو پڻ کاڌو تيار ڪرڻ لاء بہ ڪتب آندو وڃي ٿو، ۽ وارن کي پڻ لڳايو ويندو آھي۔
    تر تيار ٿيڻ کان پوء مارڪيٽ ۾ ٻارهن هزارن کان پندرهن هزار روپيا في مڻ تائين وڪرو ٿيندا آھن، جڏھن تہ ڪافي آبادگار تر وڪرو ڪرڻ بجاء انهن مان تيل ڪڍي وڪرو ڪن ٿا، جنهن سان هو وڌيڪ منافعو ڪمائين ٿا ۔!
    سنڌ ۾ ڪافي هنڌن تي هن فصل کي گوار جيان جانورن جي چاري طور بہ پوکيو ويندو آھي، جنهن سان جانورن جي صحت تي پڻ ڪارائتا اثر پون ٿا۔!

    انهيء ڪري سنڌ جي آبادگارن کي گهرجي تہ هو پنهنجي هلڪي ۽ زرعي پاڻي جي اڻاٺ وارين زمينن ۾ تر پوکن ۽ گهٽ خرچ سان ججهو فائدو حاصل ڪن ۔
    Talib Hussain Solangi. Dadu
     
    اظهر امر هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو