مون ساريندي سپرين ڪتاب جو سرجڻهار وفا صالح راڄپر

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ اظهر امر طرفان آندل موضوعَ ‏26 مئي 2019۔

  1. اظهر امر

    اظهر امر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 جنوري 2019
    تحريرون:
    36
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    48
    مون ساريندي سپرين جو سرجڻهار وفا صالح راڄپر

    اظهر امر

    هر ليکڪ هر شاعر هڪ سٺو تخليقڪار تڏهن ٿيندو آھي جڏھن ٻئي شخص جي تخليق جو مطالعو ڪري مان به انهن اڻڳڻين تخليقڪار مان هڪ آھيان. جن کي هميشه ٻئين شاعر جي تخليق کي پڙھڻ جو شوق به آھي ته پاڻ کي لکڻ جو شوق به انهي ٻنهي شوقن مان مون کي پڙھڻ توڙي لکڻ جو به تمام گهڻو شوق آھي خير اڄ جنھن تخليقڪار تي لکي رهيو آھيان اُهو مون روبرو ڪڏهن ناهي ڏٺو نه وري سندس تخليق ڪٿي ڪنھن اخبار وغيره ۾ پڙھي اٿم نه سوشل ميڊيا تي هن کي ڏٺو اٿم

    انهي تخليقڪار تي ڪجھه لکڻ کان اڳ مان سندس تعارف ضرور ڪرائيندو هلان ڇو هن کي نوجوان ٽهي جا لکندڙ اڪثر گهٽ سڃاڻ هوئين ته هو پنھنجو مٽ پاڻ آھي.
    جنھن شخص جو آئون اوهان سان ذڪر ڪيان پيو اُهو آھي وفا صالح راڄپر جنھن جو تعلق تعلقه ڏوڪري ضلع لاڙڪاڻي سان آھي. ياد رهي اڳ به لاڙڪاڻي ضلع ڪيترين ئي انمول شخصيتن کي جنم ڏنو آھي. وفا صالح تمام سٺو تخليقڪار آھي هن شاعري ۽ نثر ۾ پاڻ مڃرايو آھي. سندس مضمون ۽ خاڪن تي مشتمل هڪ انمول ڪتاب "مون ساريندي سپرين" منھنجي هٿن ۾ آھي جنھن ڪتاب ۾ هن مختلف شخصيت تي لکيل خاڪن سميت ٻيا به ڪارائتا مضمون شامل ڪيا آھن.

    هوئين ته وفا صالح راڄپر ڪهاڻي جو ديوانو آھي يعني بنيادي طور هو هڪ ڪهاڻيڪار آهي جنھن کان پوء هن کي سٺو شاعر به ڪوٺي سگهجي ٿو. وفا صالح راڄپر جو ڪتاب "مون ساريندي سپرين" بيحد منفرد ڪتاب آھي جنھن ۾ وفا صالح راڄپر سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز سميت سنڌ جي انمول ڪردار تي تاثراتي مضمون ۽ مختلف ڪتابن تي رايا ۽ ٻيا اهم مضمون شامل ڪيا آھن.

    وفا صالح راڄپر جو شيخ اياز تي لکيل مضمون به ڪتاب جي سونهن بڻيل آھي جنھن ۾ وفا ڀيٽا طور لکيل مضمون ۾ لکي ٿو تي اياز جيڪو پنھنجي شاعري وسيلي جيڪو پيغام جيڪو فڪر ڏنو اُھو وقت حالات جي دز ڪڏھن به لٽي نٿي سگهي اياز ڪالھه به امر هيو اياز اڄ به امر آھي اياز رهڻو به امر آھي. شيخ اياز سنڌ ڌرتيء جو مهان ڪوي هيو سنڌي ٻولي سميت سندس ڏنل خدمتون ڪڏهن نٿون وساري سگهبيون.
    سنڌي ڪهاڻي کي جيئدان ڏيندڙ محمد صديق منگيو تي لکيل مضمون به پڙھڻ وٽان آھي جنھن ۾ وفا محمد صديق منگيو جي ڪتابن جو جائزو پيش ڪيو آھي.
    تنھن کانسواء راجن مڱريو جي ڪهاڻين جي ڪتاب "روين جو چهرو" تي تنقيدي جائزو پڻ پيش ڪيو آھي جنھن تي وفا راجن مڱريو جي ڪهاڻين ۾ فني ۽ فڪري پهلوء تي پنھنجي راء ڏني آھي.
    يوسف سنڌي جي شخصيت تي لکيل خاڪو به تمام سٺو آھي اڪثر ڪري ڪنھن شخص جي شخصيت تي لکڻ تمام ڏکيو ڪم هوندو آھي يوسف سنڌي واقعي ۾ به گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ آھي جنھن تي وفا جو لکيل مضمون به دلچسپ آھي.
    مشتاق ڀرڳڙي تي لکيل خاڪو به پڙھڻ وٽان آھي. مشتاق جو تعلق منھنجي محبوبه جي شهر سان آھي خطن ۾ مون کي ڳولجان جهڙي بهترين عنوان سان مشتاق تي لکيل خاڪو به بهترين آھي. وفا ۽ مشتاق پاڻ ۾ ڄڻ سڳن ڀائرن وانگر هئا اُھو اندازو مون کي وفا جي لکيل خاڪي مان محسوس ٿيو هنن جو پاڻ ۾ وڏو عشق هيو. جتي مشتاق جو ذڪر ٿيو اُتي ڪجھه ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تان خبر پئي تي عامر خان جي مشهور فلم پي ڪي مشتاق ڀرڳڙي جي ڪهاڻي مسٽر پي ڪي ۽ اسلام کي پڙھي ڪري فلم رڪاڊ ڪئي وئي آھي.
    ذوالفقار گاڏهي جي شاعري تي لکيل مضمون به سٺو آھي جنھن وفا ذوالفقار کي سنڌي شاعري جو روشن ڏيئو به ڪوٺي ٿو سندس شاعري تي پنھنجا ويچار به لکي ٿو.

    فياض چنڊ ڪليري جي جنم ڏڻ جي حوالي سان لکيل مضمون به مون ساريندي سپرين ڪتاب جو حصو آھي. فياض چنڊ ڪليري جو جنم ڀومي نواب شاھه آھي وفا اخر ۾ لکي ٿو نواب شاھه واسي وڏا خوش نصيب آھن جو فياض چنڊ ڪليري جو جنم نواب شاھه ۾ ٿيو 29 اپريل نواب شاھه جي ماڻهن لاء تاريخي ڏينھن آھي.
    غمزده سومرو جي شخصيت ۽ سندس شاعري تي لکيل مضمون به بهترين مضمون آھي غمزده جو تعلق شهيدن جي شهر لاڙڪاڻي سان آھي لاڙڪاڻي ضلع کوڙ انمول شخصيتن کي جنم ڏنو آھي تن مان ڪهڙن جا نالا کڻي ڪهڙن جا کڻا جنھن جو نانء کڻندس اُھو شخص پنھنجي پاڻ هڪ الڳ مقام رکي ٿو. غمزده جو تعلق به ساڳين شهر سان آھي ساڳين طرح وفا صالح جو تعلق به لاڙڪاڻي ضلع سان آھي غمزده جي شخصيت توڙي غمزده جي شاعري تي لکيل مضمون ٻين مضمون کان منفرد آھي.
    لاڙڪاڻي ضلع جي بيباڪ صحافي ۽ سُٺڙي شاعر شان ڏهر جي قتل تي لکيل مضمون پڙهڻ لائق آھي مون جڏهن پڙهيو اکين مان لڙڪ لڙي پيا شان تي تعزيتي مضمون پڙھي ائين محسوس ٿيو اسان جي نوجوان جي ائين مري وڃڻ ڄڻ ڪنھن لاء ڪو مسئلو ئي ناهي.
    تنھن کانسواء سنڌ ڌرتيء جي ٻين به انمول ڪردارن تي بيحد ئي منفرد مضمون پيش ڪيا آھن جيڪي پڙھڻ واٽان آھن. وفا صالح راڄپر جو نثر به تمام پڪو ۽ پختو آھي سندس ڪهاڻيون توڙي ڪالم تبصرا وغيره بيحد منفرد آھن سندس ڪتاب "مون ساريندي سپرين" بيحد منفرد ڪتاب آھي جنھن ۾ شامل خاڪا ۽ مضمون دلچسپ آھن.

    اڪثر ڪري هر ليکڪ جو پنھنجي لکڻ جو هڪ انداز هوندو آھي ڪو ليکڪ ڪيئن ٿو لکي تي ڪو وري ڪيئن ٿو لکي انهي ليکڪن جيان وفا صالح راڄپر جو به لکڻ جو هڪ الڳ انداز آھي هو پنھنجي قلم سان اھڙا تي احساس لکي ٿو جو پڙھندڙ پڙھندو ئي رهجي وڃي ٿو.

    مضمون ۽ خاڪن سان سينگاريل وفا جو هي ڪتاب جڏھن منھنجي هٿن تائين پهتو مون کي به دلي اتساھه اُڀري نروار ٿيو ته مان به ڪو مضمون ۽ خاڪن تي ڪتاب آڻيان جيڪو ادبي ميدان ۾ منھنجو پهرين ادبي پورهيو هجي. برحال نيٺ ڪڏھن اُھا اميد به پوري ٿي ويندي.

    ڪتاب مون ساريندي سپرين جو مهاڳ معشوق ڌاريجو پنھنجي پاران وفا صالح راڄپر فليپر حبيب ساجد ۽ عيسي ميمڻ ۽ بئڪ ٽائيٽل معصوم بخاري لکيو آھي هن ڪتاب جي ارپنا وفا صالح راڄپر سندس والد محمد عثمان ۽ پنھنجي ڀائرن محمد طاهر, الله بخش, ۽ رجب علي جي نانء ڪئي آھي. هي ڪتاب سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري طوفان ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو آھي.
     
  2. مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    61
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو
    بهترين تبصرو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو