ايف ايم ريڊيو جي دنيا...!

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏4 جولائي 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    ايف ايم ريڊيو چينل اچڻ سان هڪڙو فائدو ضرور ٿيو آهي جو ڇوڪريون ويچاريون جيڪي گھرن ۾ ويٺيون رهنديون هيون ۽ ماء پيء جي ڊپ وچان ڪنهن غير مرد سان ڳالهه ٻولهه ئي نه ڪنديون هيون هاڻي رات سڪون سان ڪنهن ”ادي جنيد“ سان آن ايئر ڳالهيون به ڪن ٿيون،سندس آواز جي تعريف به ڪن ٿيون ۽ پنهنجي پسند جو گانو به ٻڌي وٺن ٿيون.”ادو جنيد“ به پنهنجي آواز کي وڌيڪ پرخمار بڻائي پندرهن سو روپين ۾ رات جو ٻن ڪلاڪن تائين آهون ڀريندو رهندو آهي ۽ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ پوريء طرح ڪامياب ويندو آهي ته هو ڪنهن ”رومانٽڪ “ شخصيت جو مالڪ آهي ۽ ساغر صديقيء کان ناصر ڪاظميء تائين هن جا نهايت ئي ويجھا لاڳاپا رهيا آهن.رات جي ميزبانن کي وحيد مراد ۽ ڏينهن جي ميزبانن کي شوخ ۽ لاپرواهه شاه رخ بنجڻ جو جنون هوندو آهي. ڏينهن جو اهي مائيڪ وات جي اندر وجھي اهڙي ته خوش خوش ۽ تيز گفتگو ڪندا آهن جو ڪو ماء جو لال اندازو نه ڪري سگھندو ته ويهه منٽ پهرين اهو ڍالي ۾ لٽڪي اسٽوڊيو پهتو آهي.ڪيترين ئي ميزبان ڇوڪرين جي ته ڳالهه ڳالهه تي ايتري کل نڪري ويندي آهي جو ريڊيو ٻڌندڙ ڏند پيهي سندس زال کي پٽڻ لڳندو آهي.انهن مان گھڻيون اهي هونديون آهن جن جون شڪليون سندن آواز جي بلڪل ابتڙ هونديون آهن.گھر ۾ مڙس انهن سان ڊڄندي ۽ هٻڪندي ٿوري به پيار جي ڪا ڳالهه ڪري ته مٺيون ڀڪوڙي سندس پويان پئجيو وڃن پر آن ايئر اهڙي ته محبت سان فون ڪالس جو جواب ڏينديون آهن جو ”چوهڙ جي زبير“ جي هڪ دفعو به ڪال ملي وڃي ته سڄو ڏينهن پنهنجي پان جي مانڊڻيء تي ويٺو حسين خيالن ۾ گم رهندو آهي.ايف ايم ريڊيو سبب حڪيمن جي به چاندي ٿي ويئي آهي.حڪيمن پورا پورا پروگرام نشر ڪرڻ شروع ڪري ڏنا آهن ۽ انهن ”حڪيمي پروگرامن“ ۾ اڪثر حڪيم صاحب ۽ ”صائما جي“ پري پري جي ”مايوس“ مريضن کي نه رڳو دوائون پارسل ڪندا آهن پر انشاءالله انشاءالله چوندي بواسير کان هارٽ اٽيڪ تائين جو آن ايئر علاج به تجويز ڪري وٺندا آهن.صائما جي پاڻ به حڪيم صاحب کان گھڻو متاثر نظر ايندي آهي.وقت بوقت سندس بيمارين جو علاج به پڇندي رهندي آهي ۽ جذبات کان متاثر ٿي بار بار اعتراف به ڪندي آهي ته حڪيم صاحب تو منهنجو مسئلو ئي حل ڪري ڇڏيو.ايف ايم ريڊيو سبب هاڻي گاڏين ۾ ٽيپ جي بدران ريڊيو گھڻو ٻڌو وڃي ٿو،گانا به سٺا لڳندا آهن پر حرام آهي جو ڪوبه گانو پورو ٻڌايو وڃي.اڌ کان مٿي گاني ۾ ميزبان سندس انٽري وجھي گاني جي ستيا ناس ڪري ڇڏيندا آهن.ڪيترا ئي شوقين قسم جا ميزبان ته گاني سان گڏ پنهنجي گلوڪاريء جو مظاهرو به ڪرڻ لڳندا آهن نتيجي ۾ سونون نگم به برو لڳڻ لڳي ٿو.ايف ايم ميوزڪ جو اهڙو نئون ٽرينڊ متعارف ڪرايوآهي جو هاڻي ڳالهه ٻولهه دوران به هر خالي جڳهه تي ميوزڪ وڄڻ شروع ٿي وڃي ٿي.ان جو هڪڙو فائدو ضرور ٿيو آهي جو ميزبان جيڪر ڇهه سٽون به ياد ڪيو ويٺو هجي ته ڳالهه ٻولهه ۾ اڌ ڪلاڪ ته سولائيء سان گذريو وڃي.ڪنهن ڳالهه ۾ ميوزڪ وجھي ايترو ته پکيڙيو وڃي ٿو جو پوري ڳالهه ٻڌڻ لاء ڪن سڪيو وڃن.مثال اوهان جيڪر ڏينهن جو ريڊيو آن ڪيو آهي ته گفتگو ڪجهه هن قسم جي هوندي؛ ”جي لسنرز آئون آهيان اوهان جو ڀاء،اوهان جو ڀائيٽو،اوهان جو ڀاڻيجو،اوهان جو چاچو،اوهان جو مامو،اوهان جو دوست،اوهان جو ساٿي،اوهان جو همراز..لسنرز اڄ نهايت ئي وڻندڙ ڏينهن آهي ۽ ان ڏينهن جي مناسبت سان مون اڄ هي ميوزڪ.. ايتري دير ۾ ته ماڻهو هوند آفيس يا گھر مان ٿي موٽي اچي.ايف ايم تي هر اهو ماڻهو ڪامياب ”ڊي جي“ بنجي سگھي ٿو جنهن ڏيڍ ٻه سال لاري اڏي تي ”دادو لاڙڪاڻو“ جا آواز لڳايا هجن يا بسن ۾ چورن وڪيو هجي.ساهه کڻڻ سواء ڳالهائڻ جو فن ايف ايم جي ميزبان کان وڌيڪ ٻئي ڪنهن کي نٿو اچي.ايف ايم ۾ موجود ڊي جي گھڻي ڳالهائڻ جا ايترا ته عادي ٿي چڪا آهن جو جيڪر اهي ڪجهه منٽن لاء چپ ٿي وڃن ته مري وڃن.ڌڙا ڌڙ ايندڙ ايف ايم ريڊيو چينلن ”هي ريڊيو پاڪستان آهي“ جهڙي خوبصورت آواز کي به دٻائي ڇڏيو آهي.هاڻي عشق ڪرڻ جا طريقا،ڪاوڙيل ڇوڪريء کي پرچائڻ جا طريقا ۽ دل جو حال شعرن ۾ ٻڌائڻ جي ذميداري ايف ايم ريڊيو وارن سنڀالي ورتي آهي. گھريلو پابندين ۾ جڪڙيل ڇوڪرا ڇوڪريون دل کولي پنهنجي وڻندڙ شخصيت سان گفتگو ڪن ٿا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ايئن لڳندو آهي ته ڪال ڪندڙ کي وسري ويو آهي ته اها ڪال آن ايئر به وڃي رهي آهي.انهن سمورين ڳالهين باوجود هڪ ڳالهه جو ڪريڊٽ ايف ايم ريڊيو چينلز کي ضرور ملڻ گھرجي جو انهن ريڊيو کي وري زندهه ڪري ورتو آهي نه ته ريڊيو پاڪستان جو ڪم رڳو ايترو رهجي ويو هو ته مارڪيٽن جا اگھه،حڪومتي موقف تي ٻڌل ٽاڪ شوز ۽ بور قسم جا گانا بار بار ٻڌايا وڃن.مون پنهنجي هڪ ڊي جي دوست کان پڇيو ته تون روزانو ساڍا ڇهه ڪلوميٽر ڳالهائين ٿو ته ٿڪين نٿو؟ اطمينان سان جواب ڏنائين جڏهن گھر ۾ ڪو ڳالهه ٻڌڻ وارو ئي نه هجي ته پنهنجو ٽيلنٽ آزمائڻ لاء ايف ايم جو ڊي جي بنجڻ کان وڌيڪ ٻيو زبردست ڪم ٻيو ڪهڙو ٿي سگھي ٿو؟ منهنجي خيال م صحيح ٿو چوي،روزانو پندرهن ويهن خوبصورت آوازن سان گپ لڳائڻ جو مزو ئي پنهنجو آهي.دنيا ترقي ڪري آهي،هاڻي گھر ويٺي ئي دنيا جي ميلي ۾ شامل ٿي سگھجي ٿو ۽ ”ادي جنيد“ سان نه رڳو پاڻ ڳالهه ٻولهه ڪري سگھجي ٿي پر ”باجي“ جي ڳالهه به ڪرائي سگھجي ٿي.رات جوڪنهن به لمحي ٿورو ايف ايم چينل ٽيون ڪيو ۽ ڪالرز جي گفتگو ٻڌو،اوهان کي لڳندو ته ڄڻ ڊي جي ۽ خاتون ڪالر باغ جناح ۾ فروٽ چاٽ کائيندي دل جون ڳالهيون ڪري رهيا هجن.رات هڪ خاتون ڪنهن ميزبان کي چئي رهي هئي”پيارا ڀاء!..هاڻي ته اوهان جو آواز نه ٻڌان ته مون کي ننڊ ئي نٿي اچي!“
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو