زرعي يونيورسٽي جو شيخ اياز ڪارنر اظهر امر

'مختلف موضوع' فورم ۾ اظهر امر طرفان آندل موضوعَ ‏28 جولائي 2019۔

  1. اظهر امر

    اظهر امر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 جنوري 2019
    تحريرون:
    36
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    48
    #زرعي_يونيورسٽي_ٽنڊي_ڄام_جو_شيخ_اياز_ڪارنر

    اظھر امر

    ڪڏھن ڪڏھن ذھن ۾ ڪجھ نه هوندي به الائي ڇا ڇا ٿي ويندو آھي. اڄ جيئن منھنجا ڪلاس ختم ٿيا تي سي پي ٽي جي ڀر واري ڪينٽين تي اچي ويٺاسين هتان چانھ جو چسڪو ڪيوسين بعد ۾ وري سڌو Admission Branch طرف نڪري پياسين.

    هُتان ٿيندو جيئن IT سينٽر ڪراس ڪيو سين مونسان گڏ دوست انيل ڪمار جيڪو منھنجو ڪلاس ميٽ آھي ان مونسان مخاطب ٿيندي چيو يار منھنجو سينٽرل لائبريريء ڪم آھي. پوء هلجي يا نه مون چيو ڀلي هلو اسان چار ڄڻا دوست هئاسين جن جو ذڪر نه ڪندس هو شايد ناراض ٿي پوندا. هڪڙو آئون پاڻ ٻيو نور محمد رستماڻي, فاروق شاھه, انيل ڪمار,

    انيل ڪمار جيئن سينٽرل لائبريريء هلڻ جو چيو تي اسان جي هڪڙي دوست نور محمد رستماڻي هُتان الوداع ڪئي باقي آئون انيل ڪمار, فاروق شاھه سينٽرل لائبريريء طرف روانا ٿياسين مختلف موضوعن تي حال حوال ڪندي وڃي پراڻي سينٽرل لائبريري ۾ داخل ٿياسين جتان انيل کي ڪجھ پيپر تيsignicher وٺڻي هئي اُھا ورتي هُتان سينٽرل لائبريريء وارن چيو اسان جي صاحب جي signicher به ٿيندي جنھن لاء اوهان کي new سينٽرل لائبريريء وڃڻو پوندو جيڪا پراڻي سينٽرل لائبريريء جي بلڪل برابر ۾ آھي هتي به وياسين.

    خير انيل ٻاهران ويٺل عورت جيڪا لائبريري ۾ اندر ويندڙ ڇوڪرن کان سندس نانء رجسٽريشن نمبر پُڇي پوء اندر ڇڏي رهي هئي انيل اندر هليو ويو مون ٻاهران ويٺل انهي عورت کان پڇاء ڪئي تي شيخ اياز ڪارنر ۾ اسان کي وڃڻ ڏنو ويندو.

    جنھن تي هن چيو جيء ها هن رجسٽر تي پنھنجو نالو ۽ رجسٽريشن نمبر لکي پوء ڀلي وڃون.
    انهي نمبر ۽ نالو لکڻ کانپوء اسان شيخ اياز ڪارنر ۾ داخل ٿياسين, جتي هڪ ٽيچر ويٺل هيو وڃڻ شرط مون سلام ورائي سائين کي چيو سائين اسان شيخ اياز ڪارنر وزٽ ڪرڻ آيا آھيون

    جنھن تي سائين وراڻيو تي مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان آيا ۽ اسان جا نوجوان ادبي ڪتابن سان لڳاءُ رکن ٿا جنھن کان پوء سائين حالي حوالي ٿيو

    ۽ اسان کي پنھنجو تعارف ڪرائڻ جو چيائين پهريان انيل کان پڇائين توهان جو نالو پوء مونکان پڇائين مون اظھر امر ٻُڌايو پوء فاروق شاھه کان پڇائين جنھن کان پوء اسان سان مخاطب ٿيندي چيائين مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي آھي.

    جو اوهان لائبريريء وزٽ ڪرڻ آيا آھيو. مخلتف موضوعن تي ڳالھندي ڳالھندي تقريبن اسان کي اڌ ڪلاڪ کن ٿي ويو. جنھن کان پوء اسان ڪتابن کي ڏسڻ شروع ڪيو اياز ڪارنر ۾ نه رڳو شيخ اياز جا ذاتي ڪتاب آھن

    بلڪ شيخ اياز جا اُھو ڪتاب جيڪي شيخ اياز کي پوري دنيا جي ادبين طرفان اعزازي ڪاپي طور موڪليا ويا هئا اُھي سڀ ڪتاب جيڪي شيخ اياز جي ڪراچي ۾ گهر واري لائبريريء ۾ موجود هئا اُھي سڀ هن وقت زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ قائم شيخ اياز ڪارنر ۾ رکيا ويا آھن
    جيڪا تمام سٺي ڳالھه آھي. اسان جڏھن هتي وياسين تي اُھي ڪتابن جو ذخيرو ڏسي يقينن تمام گهڻي خوشي ٿي ڇو تي شيخ اياز وٽ دنيا جي بهترين ڪتابن جي چونڊ ٿيل هئي.

    اگر اُھي ڪتاب اسان جي پڙھڻ لاء رکيا وڃين يقينن تمام وڏي ڳالھ آھي. زرعي يونيورسٽي جي شاگردن لاء اُھا اعزاز جي ڳالھ آھي. ۽ زرعي يونيورسٽي جي شاگردن کي پنھنجي پڙھائي سان گڏ ادبي ڪتابن طرف به ڌيان ڏيڻ گهرجي.

    شيخ اياز ڪارنر ۾ موجود ويٺل ٽيچر اسان کي ٻُڌايو سنڌ جا نالي وارا ليکڪ به هتان وزٽ ڪري ويا آھن جيڪي هي سڀ ڪجھ ڏسي تمام گهڻا خوش ٿيا. انهي کانسواء کوڙ ماڻھو هتي وزٽ ڪرڻ روز ايندا آھن.

    پر افسوس جي ڳالھ آھي, تي زرعي يونيورسٽي جا شاگرد اياز ڪارنر وزٽ ڪرڻ نٿا اچن. انهي ڪارنر تي نانء شيخ اياز ڪارنر رکيو ويو آھي بلڪ هُو هڪ سٺي لائبريري آھي.

    ڇو جو شيخ اياز وٽ دنيا جي بهترين ڪتابن جي چونڊ هئي. اسان کي اُھو ڏسي تمام گهڻو خوش ٿياسين اُھو سڀ ڪم منھنجي قابل احترام منھنجي محسن استاد زرعي يونيورسٽي جو VC مجيب الدين صحرائي صاحب جيڪو پاڻ به هڪ ادب دوست جو فرزند آھي

    جنھن يقينن پنھنجي ذاتي دلچسپي سان هڪ بهترين ڪم ڪيو آھي جيڪو ساراھه جوڳو آھي. مان پنھنجي هن مضمون جي تسلسل سان زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام جي شاگردن کي نماڻي گذارش ڪندس اوهان شيخ اياز ڪارنر وزٽ ڪيو انهي ڪارنر ۾ موجود ڪتابن مان لطف وٺو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو