مقصد جي اهميت..!!

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ امتياز علي رند طرفان آندل موضوعَ ‏11 آگسٽ 2019۔

  1. امتياز علي رند

    امتياز علي رند
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 آگسٽ 2019
    تحريرون:
    17
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ليکڪ : قاسم علي شاھ
    سنڌيڪار: امتياز علي رند

    دنيا ۾ اڄ تائين ڪنهن به اهڙي انسان ڪاميابي حاصل نه ڪئي آهي جنهن جو ڪو مقصد نه هجي ۽ آئيندي به ڪو ماڻهو ان وقت تائين ڪامياب نه ٿي سگهندو جيستائين اهو پنهنجي مقصد کي مقرر نه ڪري. توهان جون صلاحيتون، وقت، ذهانت، محنت، ڪوشش، جذبو، جنون، ۽ قربانيون ڪنهن ڪم جون ناهن جيڪڏھن اهي ڪنهن خاص مقصد جي تحت نه ھجن. هي دنيا تعليمي يافته، ذهين، ۽ محنتي ماڻهن سان ڀري پئي آهي پر اهي ناڪام آهن ڇو ته انهن جي زندگي ۾ هڪ واضح مقصد ناهي. هڪ ماڻهو سفر ڪري رهيو هو، اهو هڪ چوراهي تي پهتو. ان اتان کان گذرندڙ ھڪ پوڙهي راھ گير کان پڇيو تههي سامهو وارو رستو ڪيڏانهن پيو وڃي؟ ان پوڙهي شخص وراڻيو ته تو کي ڪاڏي وڃڻو آهي؟ ان شخص چيو ته مان صرف هلڻ ٿو چاهيان اصل ۾ مونکي ڪاڏي به ناهي وڃڻو. ان تي پوڙهي چيو ته جڏهن تو کي خبر ئي ناهي ته تو کي ڪاڏي وڃڻو آهي ته پوءِ توهان ڪھڙي به رستي سان وڃي سگهو ٿا. جيڪڏهن فٽبال گرائونڊ جا گول پوسٽس Goal posts موجود نه هجن ته سڄي ڏينهن جي ميچ کان پوءِ به ڪو نتيجو نه نڪرندو ۽ ڪا به ٽيم هڪ گول نه ڪري سگهندي ڇو ته گول ڪرڻ وارا پوسٽسposts مقرر ئي نه ڪيا ويا آهن. توهان ڪڏهن به اهڙي بس ۾ سوار ٿيڻ پسند نه ڪندؤ جنهن جي متعلق هي خبر نه هجي ته هي ڪاڏي وڃي رهي آهي ۽ زندگي به هڪ سفر آهي ۽ هن سفر کي ڪاميابي جو سفر بڻائڻ جي لاءِ توهان کي پنهنجي مقصد جو شعور هجڻ گهرجي. ماهرن جي ريسرچ جي مطابق دنيا جي 98 سيڪڙو ماڻهن جو ڪو واضح نصيب العين ناهي. اھي بي مقصد زندگي گذاري رهيا آهن ۽ هي اهوئي ماڻهو آهن جيڪي ناڪام آهن. خواهشون پالڻ تمام آسان ڪم آهي پر انھن خواهشن کي برقرار رکندي منظم طريقي، جذبي ۽ جنون سان هڪ واضح مقصد جي شڪل ڏئي ڇڏڻ تمام مشڪل ڪم آهي. انهيءَ لاءِ خواهشون سڀني وٽ موجود هونديون آهن پر مقصد ڪنھن ڪنھن وٽ هوندو آهي. توهان جو ذهين هجڻ ايتري وڏي ڳالھ ناهي جيترو توهان جو مقصد هجڻ توهان جي خوش قسمتي جي علامت آهي. "عظيم ذهنن ۾ خواب ھوندا آھن ۽ پست ذهنن ۾ فقط خواهشون." خواهش ھڪ ٻج وانگر آهي جيستائين ان کي پوکيو نه وڃي ته هي فصل نه ٿيندو. دنيا جي ڪنھن به بينڪ ۾ خواهشون ڪيش نه ٿيون ڪرائي سگهجن پر ڪنهن جي خواهش جنون بڻجي وڃي ته اهو ئي ماڻهو ڪيترين ئي بينڪن جو مالڪ بڻجي ويندو آهي. جڏھن توهان هڪ مقصد کي منتخب ڪندا آهيو ته توهان جون ذهني صلاحيتون اڀري ڪري سامهون اينديون آهن. بظاھر توهان ڪڏهن ڪم ڪري رهيا هوندا آهيو ۽ ڪڏهن نه به پر توهان جو ذهن هر وقت ان منتخب ڪيل مقصد جي لاءِ سوچي رهيو هوندو آهي. مقصد جي انتخاب کان پوءِ لاتعداد موقعا Opportunitiesتوهان جي دروازي تي دستڪ ڏيندا آهن ۽ حالتون به توهان جي ڪاميابي جي لاءِ پاڻهي موافق ٿي وينديون آهن. سج جي روشني کي جڏهن هڪ خاص شيشي جي مدد سان هڪ جڳھ تي مرڪوز ڪيو ويندو آهي ته اها ڪاغذ کي باھ لڳائي ڪري ساڙي ڇڏيندي آهي. ذهن جون تمام صلاحيتون ۽ توانائيون به جڏهن ڪنهن مقصد جي تحت گڏجي ڪري توهان کي ڪامياب بڻائينديون آهن. اسان جي نوجوانن کي Career Planning ۽ زندگي ۾ مقصد جي اهميت ناهي ٻڌائي ويندي. انهي لاءِ اهي ڊگرين جا ڍير لڳائي ڇڏيندا آهن پر عملي زندگي ۾ ناڪام رهندا آهن. اھڙا بي شمار نوجوان توھان کي ملندا جن پنج مختلف مضمونن ۾ (M.A) ماسٽر ڊگري حاصل ڪئي آهي پر اهي هڪڙي به شعبي جا ماسٽر ناھن ھوندا. انهي ڪري ڪاميابي ۽ خوشحالي انهن جي مقدر ۾ ناهي ايندي. اهو نوجوان جلدي ڪامياب ٿي ويندو آهي جنھن ھڪ خاص مقصد جي تحت تعليم مڪمل ڪئي هجي ۽ هڪ خاص شعبي جو ماهر هجي. بجاءِ ان جي جنهن پورو انسائيڪلوپيڊيا ياد ڪيو هجي ۽ هڪ جملو به ان جي عمل جي جذبي جو جز بڻجي نه سگهيو هجي. توهان جيتري مرضي تعليم يافته ٿي وڃو ۽ ڪتابن جا ڍير پڙهي ڇڏيو جيڪڏهن توهان جو ڪو مقصد ناهي ته اهو ائين ئي آهي جيئن توهان هڪ بهترين لباس زيب تن ڪيو هجي ۽ توهان کي ڪاڏي به ناهي وڃڻو. ”تعليم فقط روزي ڪمائڻ ئي ناهي پر جيئڻ به سيکاري ٿي.“ ماڻهو مقصد جو انتخاب ڪندي ڊڄندا آهن ڇو ته انهن کي صرف رڪاوٽون نظر اينديون آهن. ياد رکو! رڪاوٽون تڏهن نظر اينديون آهن جڏهن توهان پنهنجي مقصد تان نظرون هٽائي ڇڏيندا آهيو. توهان جو مقصد توهان جي زندگيءَ جي هر شعبي کي متاثر ڪندو آهي. وڏو مقصد گهڻو جوش ۽ جذبو پيدا ڪندو آهي. جيڪڏهن توهان چنڊ کي هدف بڻائيندؤ، چنڊ نه به ملي ستارا توهان جي جهولي کي ڀري ڇڏيندا. انهي لاءِ هڪ وڏي مقصد جو انتخاب ڪيو. مقصد زمان حال جو اهو ارادو آهي جيڪو توهان جي مستقبل کي بدلائي ڇڏيندو آهي. مقصد توهان کي ھڪ شناخت ڏيندو آهي. موجوده مقام کان گهربل مقام جو فاصلو مقصد ئي طي ڪرائيندو آهي. توهان جو مقصد توهان جي جيئڻ جو سبب هئڻ گهرجي نه ته توهان ان کي حاصل نه ڪري سگهندؤ. ڏٺو ويو آهي ته شڪار شڪاري کي ڌوڪو ڏئي ويندو آهي. ان جو وسببهي آهي ته شڪاري خوراڪ جي لاءِ ڀڄي رهيو هوندو آهي جڏهن ته شڪار پنهنجي زندگي بچائڻ جي لاءِ. قائداعظم،علامہ اقبال، حڪيم محمد سعيد، عبدالستار ايدهي ۽ ڊاڪٽر عبدالقدير خان انهن سڀني وٽ هڪ واضح ۽ منفرد مقصد حيات هيو. انهي ڪري اهي ڪامياب ٿيا. توهان جو مزاج ٻين کان مختلف آهي انهي لاءِ توهان جو مقصد به ٻين کان مختلف هجڻ گهرجي. سڀني جو ھڪ مقصد نه ٿو ٿي سگهي. سڀني جا مقصد جدا ئي سٺا لڳندا آهن. سڀئي هڪڙو ساز وڄائين ته دنيا جي سڄي رونق ئي ختم ٿي ويندي. انهي لاءِ ٻين جي مقصدن ۽ خوابن کي تنقيد ڪرڻ جي بجاءِ توهان پنهنجو مقصد منتخب ڪيو. توهان ڇا سميٽڻ چاهيو ٿا؟ ڇا گڏ ڪرڻ چاهيو ٿا؟ ڪھڙا انسان بڻجڻ چاهيو ٿا ۽ ڇا ونڊڻ چاهيو ٿا؟ هي سوالَ توهان کي مقصد منتخب ڪرڻ تي اڀاريندا. پنهنجن خواهشن کي منظم ڪيو ۽ پنهنجي مقصد جي تابع ڪيو. اهڙي طرح توهان جيڪو ڪجهه بڻجڻ چاهيو ٿا اهو توهان ۾ بڻجڻ جون صلاحيتون ظاهر ٿيڻ شروع ٿي وينديون. جيڪڏهن توهان واضح طور تي پنهنجي مقصد کان واقف ٿي ويوآهيو ته توهان جي ڪاميابيءَ جي سفر جي شروعات ٿي وئي آهي. ان سان ڪو فرق نٿو پوي ته توهان ڪٿي بيٺا آهيو اصل اهميت هن ڳالھ جي آھي ته اسان ڪهڙي سمت ڏي وڌي رهيا آھيون. اچو ته صحيح سمت کي مقرر ڪيون.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو