سنڌ امڙ سان ڪيل ماٽيلي ماءواروسلوڪ

'تعارف' فورم ۾ zaheer hussain طرفان آندل موضوعَ ‏17 آگسٽ 2019۔

  1. zaheer hussain

    zaheer hussain
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 آگسٽ 2019
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    29
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    *سنڌھ امڙ جي عوام سان ڪيل ماٽيلي ماء وارو سلوڪ*

    *قسط نمبر (1)*
    تحرير *ظھير حسين ملوڪاڻي*


    پاڪستان ٺھيو هو 1940 جي ٺاه موجب جنهن پاڪستان فيڊريشن مضبوط مرڪز مارشل لاء وغيره جي ڪابه گنجائش نه هئي نه وري اها گنجائش هئي ته هڪڙي ملڪ جون فوجي وڃي ٻئي ملڪ تي قبضو ڪري ملڪ جي اصلي مالڪن کي غلام بڻائي ويهي رهن پر اسان سان دوکو ٿيو اسين پهرين ڏينهن کان وٺي زير دست بڻايا وياسين مس مس روئي پٽي جيڪو منو سئو سالن کان بمبئي واري ون يونٽ جي ڳٽ ڳچي مان ڪڊي مس اچلايو سين ته ان کان اڃان به بدتر حالتن جو نئون ڳٽ ڳچي ۾ پئجي ويو سنڌ مٿان الف کان ي تائين ڌارين جي حڪومت مڙهجي وئي جيڪا اڄ ڏينهن تائين عملي طرح مڙهيل آهي پر اسان جي وڏيرا شاهي عملي طرح چپ سبيو ويٺي رهي اڄ 79 سالن ۾ هي اچي بيٺي آھي

    (1) اسان جي تعليم دهشتگردن جي حوالي آھي ۽ مڪمل طور تباه ڪري چڏي وئي آھي
    پرائمري اسڪول کان وٺي پاڪستان جي انٽرنيشنل يونورسٽي تائين ڪرپشن آفيسر ويٺل آهن
    غريب جو ٻار ته پڙهي ڪونه ٿو سگهي موجوده دور ۾ کائڻ۽ پيئڻ جون شيئون مانگهيون هجڻ جي ڪري غريب عوام ٻن وقتن جي ماني ۾ پوري آھي اها عوام پنهنجي گل جهڙي ٻارن کي ڪيئن تعليم ڏياريندي

    (2)اسان کان ڪراچي حيدرآباد ميرپورخاص شڪارپور لاڙڪاڻي جهڙا پيارا شھر کسيل آھن
    جيڪي شھر اسان جا هئا سين ڪجھ لاپرواه وڏيرن جي ڪري سنڌين جوانن کي فقط چوڪيداري جهڙي نوڪرين تائين محدود ڪيو ويو

    (3) اسان جي سنڌونڌي پاڻي جو وڏو مقدار پهرين ڏينهن کان وٺي اسان کان کسيل آھي ڪيترا ڊيم مڙھجي چڪا آھن

    (4) ڪالا باغ ڊيم جون تيارون زور شور سان شروع آهن پر اسان جا ڪرپشن وڏيرا خاموش آهن وڏيرن جي اڪثريت واري نهام نهاد مفاهمتي پارليامنٽ خاموش آھي چئي ٿي ته اهو (اهو مئل مسئلو) با قائدي طئي ٿيل ڪونهي تنهن ڪرچئبو ته ڄاڻي واڻي مخالفن لاء رستو کوليو ويو آھي ته جڏهن به وارو ملين تڏهن هڪدم ڪالا باغ ڊيم ٺائڻ شروع ڪري چڏين مڪريل وڏيرا شاهي واڳون وارا ڳوڙھا ڳاري هاءهاء ڪر گهروڃي سمهي رهن

    (5) ڀوتارن سنڌ جي تخت گاه ڪراچي ۾ سنڌين لاء تعليم ۽ روزگار جا دروازا بند ڪري کين ڪراچي ۾ خانه بدوش بڻائي ڪرسيون ورتيون آھن

    (6) سنڌه امڙ سان ڪنهن ظلم ڪيا پيا وڃن پر ڪجھ اهڙا ظلم آھن جيڪي هانو کي ڏاڙيندڙ آھن
    وڏو ظلم هي آھي ته معصوم ٻارن سان زبردستي ڪري کين جيئري دفن ڪيو پيو وڃي جيڪو ڪنهن جانور سان به نه ڪنجي هي اهو ظلم آهي جيڪو اسان جي مسلمان هجڻ جي استدلال کي ختم ڪري چڏي ٿو

    (7) پوليس ۽ عدالت کي عوام جي حفاظت لاء بڻايو ويو آھي پر سنڌه ۾ وڏيرن انهن ٻنهن وڏي ادارن کي پنهنجو غلام بڻايو چڏيو آھي

    *اڃان ڪجھ باقي آھي جيڪو اڳئي قسط ۾ بيان ڪيو ويندو*
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو