گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد ـ سنڌ جو ھڪ تاريخي تعليمي ادارو

'تعارف' فورم ۾ مختيار علي انڙ طرفان آندل موضوعَ ‏1 آڪٽوبر 2019۔

  1. مختيار علي انڙ

    مختيار علي انڙ
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏28 جولائي 2019
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    61
    گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد – سنڌ جو ھڪ تاريخي تعليمي ادارو

    تحرير: مختيار انڙ

    گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد سنڌ جو ھڪ انتھائي اھم تعليمي ادارو رھيو آھي. گذريل سئو سالن ۾ ھن ڪاليج ڪئين نالي وارا اڳواڻ، انتظامي سربراھ، انجنيئر، ڊاڪٽر، تعليمي ماھر ۽ سائنسدان پئدا ڪيا آھن. ھڪ ڊگھي عرصي تائين ھن ڪاليج ۾ داخلا ملڻ ھڪ اعزاز سمجھيو ويندو ھو. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان شاگرد ھتي اچي علم جي اڃ اجھائيندا ھئا.

    ويھين صديءَ جي شروع تائين سنڌ ۾ ڪوبہ سٺو ڪاليج موجود نہ ھو جتي قوم جا نونھال سٺي تعليم حاصل ڪري سگھن. ھتان جي شاگردن کي اعليٰ تعليم لاءِ بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺڻي پوندي ھئي. غريب شاگردن لاءِ اسڪول مان فارغ ٿيڻ کان پوءِ وڌيڪ پڙھڻ لڳ ڀڳ ناممڪن ھو. اھڙي اونداھي دور ۾ سنڌ جي ڪجھ سڄاڻ ڌرين ھتي جي نئين نسل لاءِ علم جا دروازا کولڻ لاءِ عملي جدوجھد ڪئي. 1907ع ۾ لنڊن کان آيل ھڪ عظيم عورت ايني بيسنت (Annie Besant) ھندستان جي ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جي صدر چونڊجي آئي ۽ لاڳيتو 1933ع تائين انھيءَ عھدي تي فائز رھي. ھن انھيءَ سوسائٽيءَ جي پليٽفارم تان قومي تعليمي تحريڪ شروع ڪئي جنھن جو مقصد ھندستان جي سماجي ۽ تعليمي ترقي ھئي. انھيءَ تحريڪ قومي تعليمي ٽرسٽ قائم ڪري ھندستان ۾ تعليمي ادارا قائم ڪيا. ايني بيسنت جي سوسائٽيءَ جي ھڪ شاخ حيدرآباد ۾ بہ ھئي جنھن ۾ حيدرآباد جا ڪيترائي سڄاڻ ۽ سرنديءَ وارا ماڻھو شامل ھئا. حيدرآباد شاخ جي سڏ تي ايني بيسنت سيپٽمبر 1917ع ۾ حيدرآباد جو دورو ڪيو. حيدرآباد جي مشھور سماج سڌارڪ ديوان ٻولچند شاھاڻيءَ جي رھائشگاھ تي ھڪ ميٽنگ ٿي ۽ اھو فيصلو ڪيو ويو تہ ھتي ھڪ ڪاليج کوليو وڃي. پھرين آڪٽوبر 1917ع تي ايني بيسنت جي 70ھين سالگرھ ھئي ۽ انھيءَ ئي ڏينھن تي ھن حيدرآباد ۾ ڪاليج جي پيڙھ جو پٿر رکيو. ابتدا ۾ ڪاليج جو نالو ”سنڌ نيشنل آرٽس ڪاليج“ رکيو ويو. جس ھجي سيٺ پرتاب راءِ سنگھ کي جنھن سندس 64 ايڪڙ زرخيز زمين ھن ڪاليج لاءِ وقف ڪئي. افسوس انھيءَ ڳالھ جو آھي تہ ھن وقت ڪاليج وٽ فقط 20 ايڪڙ ۽ 8 گھنٽا رھجي ويا آھن. باقي زمين تي ماڻھن غير قانوني قبضا ڪري عمارتون کڙيون ڪري ڇڏيون آھن. ڪاليج جي اڏاوت لاءِ حيدرآباد جي سرنديءَ وارن خوب پاڻ ملھايو. ديوان مٺارام ڪاليج جي عمارت جي اڏاوت لاءِ ھڪ لک رپيا چندو ڏنو. ان وقت جا لک رپيا اڄ جي ھڪ ارب رپين کان بہ وڌيڪ ھئا. ھڪ سرنديءَ واري 20000 رپيا ڏنا پر پنھنجو نالو ظاھر ڪرڻ کان منع ڪيائين. اھڙيءَ طرح ڪجھ ٻين ھڏڏوکي ماڻھن ڦوڙي ڪري 40000 رپيا ڏنا. آئون سوچيندو آھيان تہ ڇا اڄ جي دور ۾ ڪو اھڙو ماڻھو آھي جيڪو پنھنجي قوم جي ايتري خدمت ڪري سگھي!

    ويا مور مري، ھنج نہ رھيو ھيڪڙو

    وطن ٿيو وري، ڪوڙن ڪانئيرن جو

    ھن ڪاليج جي قيام ۾ جن املھ انسانن اھم ڪردار عطا ڪيو تن مان ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي، ديوان ھيرانند، ديوان سندرداس منگھارام، جھمٽمل جگتياڻي ۽ ڏيارام گدومل جا نالا سونھري اکرن ۾ لکڻ گھرجن.

    ”سنڌ نيشنل آرٽس ڪاليج حيدرآباد“ کي بعد ۾ مختلف نالا ڏنا ويا. ڪجھ عرصي تائين ھن کي اين اي ڊي ڪاليج ڪوٺيو ويو. ان بعد ڏيارام گدومل (ڊي جي) نيشنل ڪاليج، ڊي جي گورنمينٽ ڪاليج ۽ آخرڪار 21 جون 1949ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد ڪوٺيو ويو. ھن ڪاليج جي لائبرري 1920ع ۾ پرتاب راءِ جي خرچ سان قائم ٿي. اسيمبلي ھال 1925ع ڌاري ٺھيو ۽ موجودھہ فزڪس شعبي جي عمارت 1936ع ۾ جڙي راس ٿي.

    آڪٽوبر 2017ع ۾ سنڌ جي وزيراعليٰ سيد مراد علي شاھ ھن ڪاليج کي يونيورسٽيءَ جو درجو ڏيڻ جو اعلان ڪيو. اسان جي دعا آھي تہ شل سنڌ جو ھي عظيم الشان ادارو ترقيءَ جي بلندين تي پھچي ۽ سنڌ جي عوام لاءِ لاڀائتو ثابت ٿئي. اسان سنڌ جي وزيراعليٰ کي اپيل ٿا ڪريون تہ ھن اداري جون ٻہ ھاسٽلون قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي استعمال ھيٺ آھن اھي واپس ڏيارڻ ۾ پنھنجو اثررسوخ استعمال ڪري ۽ اداري جي زمين تي ٿيل قبضي ڇڏائڻ ۾ مدد ڪري.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو