اسلم آزاد به موڪلائي ويو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ابراهيم لاشاري طرفان آندل موضوعَ ‏13 آڪٽوبر 2019۔

  1. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    اسلم آزاد به موڪلائي ويو

    ابراهيم لاشاري (وارهه )

    پنهنجي ڌرتي سنڌ امڙ دنيا جو اهڙو خطو آهي جتي اهل علم جي صدين کان وٺي کوٽ ئي ناهي هن عظيم ڌرتي تي هر دور زماني منجهه انمول هيرا املهه انسانن پئي جنم ورتو آهي جن پنهنجي ڪردار ۽ جيجل سنڌ امڙ جو نالو هميشه جرڪايو آهي اهڙي طرح سنڌ جي اوائلي ٿڌڙين هوائن واري شهر حيدرآباد کي به اها فوقيت پڻ حاصل رهي آهي ته هن شهر جي جنم وٺندڙ شخصيتن پڻ پاڻ مڃرايو آهي اهڙي ريت پڙهيل لکيل خاندان سان واسطو رکندڙ گهڻي رخي شخصيت ڪمپيئر ، ليکڪ ، شاعر ، صحافي پنهنجي ڏات ذريعي فني صلاحيتن جو نهايت لاجواب نموني مظاهرو ڪندڙ نامور شخصيت جناب اسلم آزاد ڪورائي حيدرآباد جي معزز شخصيت محمد سليمان ڪورائي بلوچ جي گهرڏهاڙي 28آگسٽ 1950ع سومر جي ڀلاري اکيون کوليون پاڻ جڏهن پڙهڻ واري عمر کي رسيو ته والدين سندس ٽرينگ اسڪول منجهه داخل ڪرايو تنهن بعد وڌاري تعليم پرائڻ واسطي نور محمد هاءِ اسڪول منجهه تعليم پرائيندو رهيو جتان اسلم ڪورائي صاحب مئٽرڪ جو امتحان پڻ پاس ڪيو بعد ۾ سٽي آرٽس ڪاليج حيدرآباد مان انٽر جي سند ۽ گريجوئيشن تان تعليم حيدرآباد جي مان وٺندو رهيو شاگردي واري زماني منجهه پاڻ ڪاليج مان نڪرندڙ مئگزين جو سال 1967ع ۾ ايڊيٽر سال 1969۾ وري ماهوار (بادل ) جو ايڊيٽر طور زبردست نموني ڪم ڪندي نظر آيو پاڻ صحافي دنيا منجهه سال 1967ع کان وٺي پير پاتائين ۽ عبرت اخبار سان مسلسل چار سال نڀائيندو رهيو تنهن بعد وري رواني هلال پاڪستان جو سينئر سب ايڊيتر طور به ڪم سرانجام ڏيندو رهيو بعد ۾ وري ٽيليويزن پاڪستان سان سال 1980ع ڌاري سلهاڙجي ويو جتي سندس کي ادبي پروگرام (وينجهار ) منجهه ڪمپيئر طور ڪم ڪندي نظر آيو ان کان اڳ انهي پروگرام جي ڪمپيئرنگ (ظفر حسن ) ڪندو هيو مڱر سندس جي بيمار ٿيڻ کان پوءِ اها ذميواري اسلم آزاد ڪورائي جي پلئه پئي جيڪا هو سهڻي نموني سان ادا ڪندو رهيو اهڙي ريت عوامي مقبوليت ۾ ڏينهنون ڏينهن اضافو ٿيندو ويو تنهن بعد وري پروگرام (پرک ) مقبوليت ۾ چوٽي جو داد مليو ۽ سندس جي ڪميئرنگ واري ابتدائي چيل لفظن( ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ واسين کي اسلم آزاد جو سلام قبول پوي ) تمام گهڻي مشهوري ۾ اضافو پڻ ڪيو پاڻ ڪمپيئرنگ واري شعبي ۾ پاڻ مڃرائڻ ۾ ڪامياب ويو پرک پروگرام کان علاوه اسلم آزاد ٽيليويزن تي ڪافي جهجي انداز ۾ پروگرامن ۾ حصو وٺندو رهيو جن منجهه کٽڻهار، لطيفي لات،گهڙيال ، وينجهار ، اسٽوڊنٽ افيئرس ،ساراهه جوڳا پروگرام ڳڻبا آهن ، پاڻ پي ٽي وي کان علاوه ريڊيو پاڪستان تي به پاڻ مڃرائڻ ۾ ڪا ڪمي نه ڇڏيائين جتان ڊراما، تقريرون ۽ ٻيا ڪيترائي رنگ پيش ڪندو رهيو اسلم آزاد ڪوائي کي پڻ اهو اعزاز حاصل رهيو هو جو هو (ٻه ڀيرا لوڪ ميلن ) جي ڪمپيئرنگ ڪندي پنهنجي فن کي اجاگر ڪندو رهيو سندس کي اهيو به اعزاز حاصل رهيو ته پاڻ سال 1985ع واري اليڪشن جي نتيجن جي سڌي ريت لائيو ڪوريج ۾ ڪمپيئرنگ نهايت ذميواري سان نڀائيندي نظر آيو کيس سال 1987ع ڌاري پروگرام لطيفي لات بهتر نموني ڪرڻ تي مڃتا طور پي ٽي وي ايوارڊ سان نوازيو هو ان کان علاوه ٽيليويزن پاڪستان سلور جوبلي ايوارڊ (گولڊميڊل سال 1990ع ڌاري پڻ مليو ان کان علاوه پاڻ بهترين شاعر، اديب ٿي گذريو پاڻ ڪيترن ئي اخبارن رسالن ميئگرينن منجهه لکندو رهيو ادبي تحريرون رسالن اخبارن جي زينت بڻجنديو رهيو سندس امڙ پڻ هڪ بهترين ليکڪه هئي پاڻ هڪ تصوف تي بهترين ڪتاب (آزاد خيالي ) سنڌي ادب جي جهول منجهه ڏيون ويو آهي اسلم آزاد ڪورائي صاحب سال 1986ع ڌاري شادي جي ٻڌندڙن ۾ ٻڌجي جيون ساٿي ميڊم نيلوفر ڀٽو صاحب سان ڪئي جيڪا پڻ درس تدريس واري شعبي سان سلهاڙيل رهي سندس کي الله تعالي هڪ پٽ مهراڻ ڪورائي ۽ ٻه نياڻيو سنڌو (سنڌراڻي ) ۽ سارا سان نوازيو اسلم آزاد زندگي جي آخري حصي منجهه اڌ رنگ بيماري جي ور چڙهي ويو جنهن بيماري سندس کي هڪ بستري جي حوالي ڪري ڇڏيو پاڻ مسلسل هڪ سان ان بيماري سان جنگ ڪندي نظر آيو مڱر بيماري سندس جسم جي رت کي نپوڙي ڇڏيو سندس کي حيدرآباد جي اسپتال منجهه داخل ڪرايو ويو جتي سندس جي طبيعت منجهه بهتري نظر نه آئي سنڌ جي وڏي وزير جناب مراد علي شاهه صاحب جي نوٽيس وٺڻ بعد ڪراچي استال علاج واسطي منتقل ڪيو ويو مڱر بيماري سندس جو پيڇو نه ڇڏيو پاڻ اڌ رنگ ۽ دل جي بيماري سبب 69سال 1مهينو ۽ 11 ڏينهن زندگي جا گذاري 9 آڪٽوبر 2019ع اربع ڏينهن هميشه لاءِ سنڌ واسين پنهنجن دوستن ،گهر وارن کان موڪلائي وڃي ابدي آرامي ٿيو اسلم آزاد کي هاڻ هميشه ورسي واري ڏينهن ياد ڪيو ويندو سندس ادبي خدمتي هميشه ساراهه جوڳيو ۽ ياد رهنديون مرحوم جي ان ڏک جي گهڙي منجهه آءءُ به برابر جو شريڪ آهيان رب سائين سندس جي وارثن کي صبر عطاءَ فرمائي ___________________0616
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو