غزل: نه ته ڳالهه کلي پوندي

'سنڌي شاعري' فورم ۾ سجاد علي چنا طرفان آندل موضوعَ ‏10 نومبر 2019۔

  1. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    هر مهڻي تي ڏج مرڪي، نه ته ڳالهه کلي پوندي
    ڪاوڙ نه ڪجان تڪڙي، نه ته ڳالهه کلي پوندي

    چرچي تي ڪري چرچپ، هن ڳالهه جو رخ ڦيرج
    اُٿجان نه ڪڏهن ڀڙڪي، نه ته ڳالهه کلي پوندي

    هو مرڪي ڪندئي طنزون، ٽهڪن جا ڀتر هڻندئي،
    تون رهج فقط کلندي، نه ته ڳالهه کلي پوندي

    زخمن تي رکي آڱر، معصوم ٿي کوٽيندئي،
    اُف ڀي نه ڪجان ڪائي، نه ته ڳالهه کلي پوندي

    هي لوڪ ته ايئن ئي بس افسانا گهڙيندا پيا،
    وڃجانءِ نه تون بهڪي، نه ته ڳالهه کلي پوندي

    هر ٻل ٻه ارٿو رک، هل چال ڀي چوتالي،
    ڏِنگن سان ٿي پئهِ ڏِنگڙي، نه ته ڳالهه کلي پوندي

    ــــــــــــــــ ايم ڪمل
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو