سنڌ جي نامياري ليکڪ خليل مورياڻي جي موڪلاڻي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏26 نومبر 2019۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    [​IMG]

    سنڌ جي نامور ليکڪ خليل مورياڻي جي موڪلاڻي

    فقير محمد سنڌي

    سڏڪو سڏڪو زندگي ڳڻجي ٿي،
    پن پن وانگر پاڻ ئي ڇڻجي کڻي.

    سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز جي جنم ڀوميء جي هڪ لاثاني وارث ۽ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي عاشق ناليواري سڃاڻ ليکڪ ۽ محقق خليل مورياڻي 70 بهارن پورو ڪري سنڌ ۽ ادب کان هميشه لاءِ موڪلاڻي ڪئي آهي.سنڌي ادب جو برجستو ناءُ خليل مورياڻي آهي، پر اصل نالو خليل الرحمان ولد هدايت الله مورياڻي آهي. هن 18 جنوري 1949ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم جماڻي هال پرائمري اسڪول شڪارپور مان ورتائين. ڪنهن ڄاتو ٿي ته اهو ننڍو ٻالڪ سڀاڻي جو جاکوڙي فرد ثابت ٿيندو. خليل مورياڻي جو شعور آهستي آهستي تعليم جي طرف وکون کڻندو رهيو 1965ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور مان مئٽرڪ ڪيائين، 1969ع ڌاري سي اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور مان بي. اي ڪري پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1972ع ۾ ايم. اي
    (پوليٽيڪل سائنس) ۾ ڪيائين. خليل مورياڻي
    اسڪول جي دور کان نثر ۾ سھڻي اسلوب کي ڄاڻي ورتو هو ، خليل مورياڻي ٽئين اک جي سوجهري سان ڪيترائي مضمون لکي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ڪرايائين.خليل مورياڻي جي سوچ جو محور ۽ دلچسپيءَ جا موضوع تاريخ ۽ سنڌي ادب رهيا ڇو جو تحقيق انساني غور وفڪر ۽ دلي امنگن جا ترجمان ئي رهن ٿا. وقت خليل مورياڻي کي 1973ع تي فوڊ ڊپارٽمينٽ ۾ ملازمت جو موقعو ملي ويس، اهڙي طرح زندگي جاپير وڃي رٽائرڊ وٽ پهتس، جنوري 2009ع ۾ ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر جي عهدي تان رٽائر ٿيو. 1984ع کان شڪارپور هسٽاريڪل سوسائٽيءَ لاءِ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنائين. ادب، نالو آهي انسان لاءِ انسان کي تلاش ڪرڻ جو، ادب فن آهي، جنھن جو موضوع آهي زندگي، اهڙن ئي موضوعن کي خليل مورياڻي جهڙا انسان دوست ئي تلاش ڪندا آهن. 2 مئي 1985ع ۾ شڪارپور سيمينار منعقد ڪرڻ ۾ سندس ڪردار ساراهه جوڳو هو .
    ڪماري دُرو گرسهاڻي جي چوڻ مطابق ته :هر قوم کي پنھنجي ٻولي ۽ ادب تي فخر هوندو آهي، مون کي پنهنجي قوم، ٻوليءَ ۽ ادب تي فخر آهي. جڏهن مان سنڌين جي ساراھ ٻڌندي آهيان ته منهنجي واتان بي اختيار نڪري ويندو آهي ته مون ناز آهي ته مان سنڌياڻي آهيان. خليل مورياڻي به سڄي زندگي ان سوچ تي عمل ڪيو. استاد بخاري چواڻي ته.
    ڪتابن سان آ دل منهنجي،
    ڪتاب آهن چمن منهنجو.
    ڪتابن ۾ دفن ٿيندس،
    ورق ٿيندا ڪفن منهنجو.
    خليل مورياڻيءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾ هيٺيان اچي وڃن ٿا: شڪارپور سونهن جو شهر، 1996ع، شڪارپور، تاريخ ۽ تحقيق، 2004ع، ڳالهيون نعمت ڀاءُ جون، نعمت الله ڀُٽي جي ياد ۾ لکيل مضمون: 2010ع ۽ موهن جو دڙو 2011ع شامل آهن جيڪي سنڌي ادب جو اثاثو رهندا. فنڪار جي ميراث ڇڏيل سندس فن ۽ فڪر آهي، جيڪو تاريخ ۾ امر رهڻو آهي.
    خليل مورياڻيءَ 1984ع ۾ سرهاڻ پبلڪيشن قائم ڪري سنڌ جي ترقي پسند ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪارن کي پنهنجي پبليڪيشن جو اعزاز بخشيو. 26نومبر 2019ع تي سنڌ جو ڏاهو ڏات ڌڻي خليل مورياڻي زندگيءَ جا خوبصورت لمحا ڇڏي مختيارڪاري واري قبرستان شڪارپور ۾ هميشه لاءِ آرامي ٿيو آهي.
    ٻرياسون ته پل، پر اجھامڻ کان اڳ،
    هزارن چراغن کي، ٻاري ڇڏيو سين.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌي ادب جو وڏو نقصان ٿيو آھي سندس موڪلائڻ سبب ...
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو