رياستي ڏاڍ خلاف وڙهندڙ شاگرد (رحمت تنيو)

'تعارف' فورم ۾ رحمت علي طرفان آندل موضوعَ ‏20 ڊسمبر 2019۔

  1. رحمت علي

    رحمت علي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏25 آڪٽوبر 2016
    تحريرون:
    9
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    51
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    ڪراچي
    ڀارت ۾ شهرين بابت نئين قانون خلاف ملڪي سطح تي مظاهرا جاري آهن، جن تي ضابطو آڻڻ لاءِ پوليس طاقت جو استعمال پڻ ڪري رهي آهي، ان صورتحال ۾ 5 ڄڻا فوت ۽ سوين زخمي ٿيا آهن. جڏهن ته سوين ماڻهن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو آهي.

    ڪجھه ڏينهن اڳ ڀارتي پارليامينٽ مان منظور ٿيل شهرين بابت نئين بل موجب افغانستان، پاڪستان ۽ بنگلاديش جي 6 مذهبي اقليتي برادرين کي ڀارتي شهريت ملندي، پر ان ۾ مسلمان شامل ناهن. اهڙي طرح اهو قانون تڪراري بڻجي ويو آهي، جنهن خلاف ڀارت جي مختلف علائقن ۾ ٿيندڙ احتجاجي مظاهرا هن وقت ممبئي، دهلي، ڪلڪتي ۽ حيدرآباد دکن جهڙن وڏن شهرن تائين پکڙجي ويا آهن. احتجاجي مظاهرن دوران روڊ رستا بند ڪيا ويا آهن، مظاهرين تي رياستي تشدد جو استعمال به جاري آهي، پر اهي مظاهرا هڪ نئين تحريڪ کي جنم ڏئي رهيا آهن. احتجاجي مظاهرن ۾ مختلف يونيورسٽين جي شاگردياڻين ۽ شاگردن جي گهڻائي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ائين چئجي ته هو انهن احتجاجي مظاهرن جي اڳواڻي ڪري رهيا آهن.

    ڪجهه ڏينهن اڳ دهلي جي يورنيورسٽي مليه اسلاميه ۾ شاگردياڻين ۽ شاگردن جي احتجاجي مظاهري تي پوليس تشدد ڪيو، جنهن دوران پوليس آڏو مزاحمت ڪندڙ هڪ ارڏي شاگردياڻي جي وڊيو پڻ وائرل ٿي. يونيورسٽي شاگردن تي تشدد جي ردعمل ۾ ڪيترين ئي يونيورسٽين ۽ ادارن مليه اسلاميه يونيورسٽي جي حمايت ۾ آواز اٿاريو آهي. هوڏانهن ٻين ملڪن جي شاگردن به پوليس تشدد جي مذمت ڪندي دهلي جي شاگردن جي حمايت ڪئي آهي. ٻي پاسي هالي ووڊ ۽ بالي ووڊ اداڪارن به جامعه مليه اسلاميه جي شاگردن جي حمايت ۾ آواز اٿاريو آهي. هدايتڪار مهيش ڀٽ، انوراگ ڪشيپ، اداڪاره سوارا ڀاسڪر، تاپسني پنو ۽ آيوشمان کرانا سميت ڪيترن ئي بالي ووڊ شخصيتن پوليس ڪاررواين جي مذمت ڪندي شاگردن جي حمايت ڪئي آهي.

    ڀارت شهرين بابت نئين قانون تي جتي شهري سخت ڪاوڙ ۽ ردعمل ظاهر ڪري رهيا آهن، اتي شاگرد به سڀني کان اڳيان اڳيان آهن. چيو ويندو آهي ته شاگرد ئي سماج جو اهو پرت آهي، جيڪو سماجي تبديلين ۾ اهم ڪردار نڀائي ٿو، عوامي تحريڪن کي اڀار ڏي ٿو. مزاحمت ڪري هڪ نئين تاريخ لکي ٿو. پنهنجي ملڪ پاڪستان ۾ به شاگرد جدوجهد جي تاريخ رهي آهي. ون يونٽ ، فوجي آمر ايوب خلاف جدوجهد، جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ يعني ايم آر ڊي کان ويندي سياسي توڙي سماجي مسئلن تي شاگردن پاڻ ملهايو آهي. هاڻ تعليمي ادارن ۾ شاگرد يونينز بحالي لاءِ هڪ نئين تحريڪ اڀري آهي، 29 نومبر تي ٿيل ملڪگير مارچ ماضي جي پراڻي ياد تازي ڪرائي هڪ نئين جدوجهد ۽ مزاحمت جي شروعات ڪئي آهي.

    ڀارت ۾ به شهريت جي ترميمي قانون خلاف آسام ۾ جاري عوامي تحريڪ تاريخ کي ورجائي رهي آهي. ان تحريڪ ۾ شاگردن جي ڪردار سبب چيو پيو وڃي ته ان بهاني شاگرد تنظيمن جي سرگرمين جو پراڻو دور ٻيهر واپس اچي ويو آهي. ڇاڪاڻ ته ڀارت ۾ جاري احتجاجي مظاهرن ۾ سڀني کان وڌيڪ متحرڪ شاگردياڻيون ۽ شاگرد آهن. پوليس جي تشدد، ڌمڪين ۽ داٻن کان بي خوف بڻجي شاگردن اهڙو ته تحرڪ پيدا ڪيو آهي، جو سندن حمايت ۾ عام عوام کان ويندي بالي ووڊ جون شخصيتون توڙي ٻين ملڪ جا شاگرد ۽ سياسي اڳواڻ سامهون اچي ويا آهن. شاگردياڻين جي بهادري ان وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ته ڪيئن هوءَ پنهنجي ساٿي شاگرد کي پوليس تشدد کان بچائي اهلڪارن کي للڪاري رهي آهي. اها للڪار ئي رياستي ڏاڍ خلاف پڙاڏو آهي، شاگردن ۽ شاگردياڻين جي مزاحمت ۽ جدوجهد اقتداري ڌريون برداشت نٿيون ڪري سگهن، ڇاڪاڻ ته کين خبر آهي ته شاگرد پرت اها طاقت آهي، جيڪا اقتداري ايوانن کي لوڏي سگهي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو شاگردن جي آواز کي دٻائڻ لاءِ رياستي تشدد جو استعمال ڪيو پيو وڃي. پاڪستان ۾ به شاگردن يونينز بحالي لاءِ ملڪگير احتجاج ڪيو ته مٿن ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي، ان کان ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ يونيورسٽي جي شاگرد پاڻي سميت بنيادي سهولتن لاءِ هاسٽل آڏو ڌرڻو هنيو ته مٿن غداري جا ڪيس داخل ڪيا ويا. جيڪڏهن ماضيءَ ۾ جهاتي پائجي ته رياستي ڏاڍ جا ڪيترائي مثال ملندا. انهن مثالن مان هڪ مثال ڪامريڊ نذير عباسي جو ڪافي آهي، ته ڪيئن اهي ڌريون شاگرد اڳواڻ کان ڊڄي کيس بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو. هوڏانهن يورپي سميت ٻين ملڪن ۾ به شاگردن جو تحرڪ نظر اچي ٿو، چاهي ماحولياتي تبديلين وارو سوال هجي يا چليءِ ۾ مهانگائي ۽ ٽيڪس خلاف ٿيندڙ استحصال هجي، انهن خلاف شاگرد ڀرپور آواز اٿاري رهيا آهن. جهڙي ريت شاگرد جدوجهد نئين سر اڀري رهي آهي، اتي ضرورت ان عمل جي اها جدوجهد ۽ مزاحمت ترقي پسند لاڙن تي ٻڌل هجي.

    حڪمرانن ۽ طالع آزما قوتون ڇو نه ڊڄن شاگردن کان. کين ڊپ آهي ته شاگرد جي تحرڪ سان ڪا وڏي تحريڪ جنم وٺندي، جيڪا تخت اونڌو ڪري وجهندي، جيڪا سندن طاقت کسي وٺندي، جيڪا جوڙيل استحصالي نظام کي چوپٽ ڪندي. جڏهن عوامي تحريڪون زور وٺن ٿيون ۽ مختلف طبقن ۽ شعبن جا ماڻهو ان جدوجهد جو حصو بڻجن ٿا ته پوءِ رياسي ڏاڍ، ظلم ۽ هوڏ جهڪي پوي ٿو ۽ آخرڪار سوڀ عوام جي ٿئي ٿي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو