معمولي گيراج کان اربين ڊالرن جو سفر طئي ڪندڙ سرچ انجڻ گوگل

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏20 فيبروري 2020۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    معمولي گيراج کان اربين ڊالرن جو سفر طئي ڪندڙ سرچ انجڻ گوگل

    The long journey of search engine GOOGLE

    سال 1999ع ۾ ليري پيچ ۽ سرگئي برين گوگل کي ساڍي ست لک ڊالرن عيوض وڪڻڻ جي پيشڪش ڪئي ، اھي ٻئي ان وقت ڪيليفورنيا ۾ ٺھيل گيراج مان اھا ڪمپني ھلائيندا ھئا. ان وقت پھرين نمبر تي ياھو (Yahoo) ھو ، ۽ ياھو جي مالڪ اھو خريدڻ کان انڪار ڪيو.
    ساڍي ست لک ڊالر ۾ وڪامجندڙ گوگل جي قيمت پنج سالن اندر وڃي 23 ارب ڊالرن تائين پھتي . پر ھاڻي ويھ سالن بعد ان جي قيمت ھڪ ٽريلين ڊالرز تائين پھچي چڪي آھي.
    گوگل کي وڪڻڻ لاء پيش ڪرڻ وارا چون ٿا تہ انھن جو بنيادي مقصد ماڻھن کي معلومات ڏيڻ ھو، پر ان جو ھاڻوڪو مقصد ماڻھن جي معلومات گڏ ڪري پئسو ڪمائڻ آھي. تقريباً ويھ سالن تائين گوگل جو مشھور ڪاروباري جملو ھو : (Don't be Evil) ، "خراب نہ ٿيو."
    پر جئين ئي سال 2018ع ۾ گوگل تي پرائيوسي اسڪينڊل ۽ واھپيدارن جو اعتماد ٽوڙڻ جا الزام آيا تہ، گوگل خاموشي سان اھو جملو ڪڍي ڇڏيو.

    حال ۾ گوگل صرف سرچ انجڻ ناھي رھي، بلڪہ ٽيڪنالاجي جي دنيا جي ديوتا بڻجي چڪي آھي، جيڪا مصنوعي انٽيليجنس سميت ڊرون ڊليوري بہ فراھم ڪندي آھي. ھاڻي صرف اھا گوگل ناھي پر 2015ع جي ري اسٽرڪچرنگ کانپوء الفابيٽ جي ماتحت اچي چڪي آھي. گوگل جي ڪروم براؤزر (Google Chrome) وٽ مارڪيٽ جو %63 ، جڏھن تہ اينڊروئيڊ موبائل آپريٽنگ سسٽم %90 سمارٽ موبائلن ۾ استعمال ھيٺ آھي. گوگل ميپ (Google Maps) ماڻھن کي ڪنھن بہ لوڪيشن بابت معلومات فراھم ڪري ٿو، ان جي اي ميل (Gmail) ماڻھن ۾ رابطي جو اھم ذريعو، جڏھن تہ ان جي وڊيو ۽ ميوزڪ ايپليڪيشن دنيا ۾ وڏو تفريحي پليٽ فارم آھي.

    گزريل سال جي آخري مھيني ۾ ليري ۽ سرگئي ڪمپني جي سربراھن جي حيثيت ۾ ان کان عليحدگي اختيار ڪري ڇڏي.

    گوگل جي بي پناھ طاقت ۽ پھچ کي ڏسندي ان ڪمپني کي ختم ڪرڻ جا پڻ مطالبا اچي رھيا آھن.
    ياد رھي تہ سال 2019ع ۾ گوگل ، اي یو جنرل ڊيٽا پروٽيڪشن ریگولیشن (جي ڊی پر آر) جي تحت چار ڪروڙ چاليھ لک ڊالر ڏنڊ ڀريو، ۽ يورپي يونين جي تاريخ ۾ پھريون دفعو کيس ٻہ سال اڳ سڀ کان ڳرو جرماڻو پنج ارب ڊالرز ادا ڪرڻو پيو، جنھن جو سبب استعمال ڪندڙن جو اعتماد ٽوڙڻ ھو.

    ماھم سنڌي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو