غريب عوام کي اين آر او ڪڏهن ملندو؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏22 فيبروري 2020۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    ملڪ جي ڪجهه شهرن ۾ سرڪاري لنگرخانا کلي چڪا آهن ته پڪ سان ٻاويهه ڪروڙ ماڻهن جا پيٽ ڀريل رهن ٿا،ڪجهه سرڪاري پناهه گھر به قائم ڪيا ويا آهن جنهن سان ماڻهن سان اجھي وارو وعدو به پورو ٿي چڪو آهي.ڪجهه خاص شهرن ۾ صحت ڪارڊ به ورهايا ويا آهن جنهن سان صحت جون سهولتون گھر گھر پهچي وييون آهن.ڪجهه ڪٽنبن کي ڪڪڙيون ۽ ٻڪريون به مهيا ڪيون وييون آهن جنهن ڪري ملڪ مان غربت جو خاتمو اچي چڪو آهي.يوٽيلٽي اسٽورن تي اعليٰ معيار جون شيون سستي اگھن تي دستياب آهن جنهن ڪري مهنگائيء جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.اڃا هڪ انقلابي حڪومت عوام کي آخر ٻيو ڇا ڏئي؟

    هن ملڪ ۾ هونئن ته هر چونڊون کٽڻ وارن لاء تاريخ جون شفاف ترين چونڊون جڏهن ته هارائڻ وارن لاء بدترين ڌانڌلي زده چونڊون رهيون آهن پر 2018ع واريون اڪيليون چونڊون آهن جن ۾ هارائڻ وارن سان گڏوگڏ کٽڻ وارن به ڌانڌليء جا الزام هنيا.انهن چونڊن جي نتيجي ۾ پراڻي پاڪستان جي جاء تي نئون پاڪستان قائم ٿيو بلڪه عمران خان جي چوڻ مطابق ملڪ رياست مدينا جي طرز جي رياست بڻبو. هاڻي جيڪر خان صاحب پنهنجي ان ڳالهه کان ڦري ويو آهي ته سندس چوڻ مطابق يوٽرن عظيم ليڊر ئي وٺندا آهن.تبديلي سرڪار کي اسان مٿان نازل ٿيندي يا ٿاڦجندي اٽڪل ڏيڍ سال ٿي چڪو آهي.ان کان اڳ جڳاڙي اينڪر پرسن جيڪي پنهنجو پاڻ کي زوريء صحافي سڏائڻ جو شوق رکن ٿا انهن قوم کي اهو ٻڌايو ته ڪهڙيء طرح اوهان جو پئسو لٽيو ويو،ڪهڙيء طرح ٻاهران ايندڙ امداد جا ڏوڪڙ اڳوڻن حڪمرانن هضم ڪيا ۽ ڪهڙيء طرح انهن پوري قوم کي غير ملڪي قرضن جي بار هيٺان دفن ڪيو انهيء ڪري هن وقت قوم کي ڪنهن مسيحا جي ضرورت آهي.جهڙيء طرح امريڪين کي جارج واشنگٽن مليو،روسين کي لينن مليو ۽ چينين جي حصي ۾ مائوزي تنگ آيو اهڙيء طرح پاڪستان ۾ جيڪر ڪو پاڪ،صاف،ايماندار،ديانتدار،ڏاهو ۽ مدبر ليڊر آهي ته اهو اڪيلو عمران خان ئي آهي.ان اڳواڻ جو ميڊيا ۾ نقشو اهو پيش ڪيو ويو ته هو ٻن مانين تي قناعت ڪرڻ وارو،سادو ڪرتو پهرڻ وارو،عام هوٽلن تي ماني کائڻ وارو ، فرش تي سمهڻ وارو ۽ عوام جو حقيقي درد رکڻ وارو اڳواڻ آهي.اهو به ٻڌايو ويو ته قوم جي مستقبل لاء پنهنجن ٻارن ٻچن کان پري رهڻ وارو ليڊر جيڪو ڪرڪيٽ ڪامينٽري ذريعي ڪروڙين روپيا ڪمائي سگھيو ٿي پر اهو سڀ ڪجهه ڇڏي هو عوام جي حقن لاء جاکوڙ ڪري رهيو آهي.ان ڪهاڻيء کي وڌيڪ خوبصورت بنائڻ لاء اهو به واضح ڪيو ويو ته 1992ع ۾ پاڪستان طرفان کٽيو ويندڙ ورلڊ ڪپ سندس ئي ڪوششن ۽ ڪارڪردگيء جو نتيجو هو،مسڪين ماڻهن لاء قائم ڪيل ڪينسر اسپتال توڙي غريب شاگردن لاء نمل يونيورسٽيء جو قيام به سندس ئي ڪارنامو آهي.نوجوان طبقو گھڻو متاثر ٿيو ته ڪپتان ڏاڍو نيڪ ماڻهو آهي ۽ هاڻي ته عدالت سڳوريء به کيس صادق ۽ امين جي لقب سان نوازيو آهي.خود ڪپتان جو پنهنجو چوڻ اهو هو ته مون کي ٻيو ڪجهه نه ته ٽيم ٺاهڻ اچي ٿي،مون ٻاويهه سال لڳائي ٽيم جوڙي آهي ۽ جڏهن مٿي ڪپتان ٺيڪ هجي ته سندس پوري ٽيم به درست ٿي ويندي آهي.هن جي دعويٰ اها به هئي ته هو ۽ سندس ٽيم ملڪ جي سمورن بنيادي مسئلن کي سمجھن ٿا ۽ انهن جي حل لاء هنن وٽ عظيم نسخو به موجود آهي،سمورن مرضن جي دوا آهي،سمورين پريشانين جو حل آهي پر اڌ کان مٿي ڪابينا اڳوڻي آمر پرويز مشرف يا وري زرداري صاحب جي ڪابينائن مان کڻي آيو.سندس پنهنجي ٽيم مان جنهن کي معاشيات جو ارسطو سمجھيو پئي ويو اهو معاشي مسئلا حل ڪرڻ بدران ڪجهه مهينن اندر هليو ويو يا ڪڍيو ويو.جڏهن ملڪي معيشت جو منجھيل سٽ عمران خان جو ارسطو به سلجھائي نه سگھيو ته هاڻوڪن عالمي ادارن جي ملازمن تي ڪهڙي ميار! ان کان پوء عوام جو جيئن پوء تيئن حال هيڻو ٿيندو ويو پر ڪپتان جا پرجوش وزير ۽ مشير عوامي درد وچان پنهنجن جذباتي تقريرن ذريعي شعلا بيانيء جا جوهر ڏيکاريندا رهيا.پنهنجن سياسي مخالفن تي تنقيد ۽طنزن جا تير وسائيندا رهيا.ڪپتان جي محبوب مراد چونڊن کان اڳ چيو هو ته عمران خان جي حڪومت ايندي ئي اڳوڻن حڪمرانن طرفان چورايل 200 ارب ڊالر ٻاهرين ملڪن مان واپس آندا ويندا جن مان سو ارب ڊالر عوام جي ڀلائيء تي خرچ ڪيا ويندا ۽ باقي سو ڊالر دنيا جي منهن ۾ هنيا ويندا پر حڪومت ۾ اچڻ بعد اڳوڻي وزير خزانه فرمايو ته ڪهڙا 200 ارب ڊالر؟بس ان بعد ڏيئن ۾ روشني نه رهي.ڪپتان جي ٽيم جو هڪ ٻيو حسين شاهڪار جنهن کان جڏهن به ڪو سوال پڇيو وڃي ته جواب اهو ئي ته ”مون کي جان الله کي ڏيڻي آهي.“ هاڻي هن صاحب کان ڪو اهو پڇي ته ٻين سمورن انسانن کي جان ڪنهن کي ڏيڻي آهي؟منشيات ڪيس ۾گذريل ڇهن مهينن کان هو هڪڙو ثبوت به پيش ناهي ڪري سگھيو پر جان الله کي ڏيڻ وارو جملو ورجائيندي نظر اچي ٿو.ڪپتان جي ٽيم جي هڪ ٻي وزير آهي جيڪا فرمائي ٿي ته گھڻيون برساتون نيڪ حڪمران يعني وزير اعظم سبب ٿين ٿيون ۽ گدلاڻ ۾ اضافو نيڪ حڪومت خلاف احتجاج ڪندڙ اپوزيشن جي گاڏين مان نڪرندڙ ناپاڪ دونهن سبب ٿئي ٿو.هڪ ٻيو صاحب آهي جنهن جي قابليت اها آهي جو درود شريف پڙهي ڪري غلط بيانيون ڪندو آهي.خير،ڇڏيو ان ڳالهه کي.ڪپتان ته قسمين قسمين خوبصورت هيرا چونڊي پنهنجي ڪابينا ۾ جمع ڪيا آهن.هي اهو نئون پاڪستان آهي جنهن ۾ اڳوڻي آمر خلاف فيصلو روڪرائڻ لاء حڪومتي مشينري استعمال ڪئي وڃي ٿي.وزير قانون کان استعيفا وٺي کيس هڪ آمر جي وڪيل طور عدالت ۾ موڪليو وڃي ٿو ۽ بعد ۾ کيس واپس ڪابينا ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو.رياست مدينه جا دعويدار ساهيوال سانحي ۾ ٿيندڙ قتل عام ۾ ملوث پوليس عملدارن کي بچائڻ ۾ زور لڳائين ٿا جڏهن ته ان دوران نه ته ڪنهن وزير جي استعيفا ٿي اچي ۽ نه ئي ڪو وزير انهن يتيم ٻارن جو وڪيل بنجڻ لاء تيار ٿئي ٿو.جيڪو صاحب چوندو هو ته جنهن مقتول جا قاتل معلوم نه ٿي سگھن انهن جا قاتل وقت جا حڪمران هوندا آهن اهو به انهن مظلومن جو فرياد ٻڌڻ لاء تيار نٿو ٿئي.پنجاب جي دار الامان مان يتيم گھٽ عمر واريون نياڻيون عياشيء لاء وزيرن،مشيرن ۽ اميرن لاء منتقل ڪرڻ کان انڪار ڪندڙ کي جيل جي سيخن پويان پهچايو وڃي ٿو.افسوس جو ڪپتان جي اڳواڻيء ۾ قائم ٿيل انقلابي حڪومت معاشي،سياسي، سماجي ۽ اخلاقي بحران سواء ماڻهن کي ڪجهه ناهي ڏئي سگھي ۽ خود ڪپتان کان سوال ڪجي معيشت، مهنگائي،قانون، انصاف يا سياست جي باري ۾ يا وري دفاع ۽ پرڏيهي پاليسي جي باري ۾ ته جواب اهو ٿو اچي ته ”ڪنهن کي به اين آر او نه ڏيندس.“ يا ”اها سڀ ٻاهرين سازش آهي.“ اين آر او ته سياسي اشرافيا مان ڪن کي ملي چڪو آهي ۽ ڪن کي ملي ويندو پر ڇا هن ملڪ جي غريب عوام کي به ڪو ”اين آر او“ ملي سگھندو؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو