ڪرونا وائرس، حقيقت يا ڪهاڻي ؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ امان الله ڀٽو طرفان آندل موضوعَ ‏27 مارچ 2020۔

  1. امان الله ڀٽو

    امان الله ڀٽو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 اپريل 2013
    تحريرون:
    343
    ورتل پسنديدگيون:
    963
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پڙهڻ
    ماڳ:
    نئونديرو
    هن وقت پوري دنيا " ڪرونا وائرس " وبا جي خوف کان ڊنل آهي ڪافي ملڪن ۾ ڪرونا وائرس جا ڪيس ظاهر ٿيا ماڻهو مري چڪا آهن ۔ دنيا ۾ هر طرف خوف ۽ هراس ڇانيل آهي ، هن ڳالهين کي نظر ۾ رکندي ڪافي مضمونن ماڻهن جي راين افواهن ، خبرن تبصرن ۽ تجزين سان ڀرپور ڳالهيون ٻڌيون آهن ۔ سڀ کان پهرين ڳالهه اها هي آهي ته ڪرونا وائرس حقيقت آهي يا نه؟ ڪعبت الله شريف عمره وغيره تي بندش نمازن تي گڏ ٿيڻ تي بندش هيء هڪڙو عجيب ۽ نا منطقي رويو رهندو آيو آهي هر بيماري کي هڪ خطرناڪ ڏيکاري ڪري خوف ۽ هراس ۾ رکيو ويو آهي۔ منهنجي ڳالهه کي ڪو سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ته بيماريون بڇڙيون ۽ خوفناڪ رهيون آهن ۽ بيماريون آهن حقيقت آهي پر ان کي ڀوائتو ۽ ساهه ڪڍي ڇڏڻ واريون خبرون منهنجي سامهون ذاتي طورتي اهميت نه ٿيون رکن ۔
    ڪرونا وائرس ڪافي اڳ جي موجود رهي آهي چيو وڃي ٿو ته هيء عام بيماري آهي جيڪو کنگهه ، زڪام ، بخار وغيره رهندو آيو آهي ، ٿي سگهي ٿو ته اڳ ۾ هيء بيماري هڪ ٻئي کي لڳندي آئي هجي ؟ جيئن ڪنهن وقت ۾ " TB " جي نالي سان افواه هلندا آيا هئا۔ پر ان کي نئين نالي سان ترتيب ڏئي هڪ راهه هموار ڪئ وئي آهي هن ڪرونا وائرس نالي وبا کي آندو ويو آهي يا خدا تعاليٰ جي طرفان عذاب آهي يا آزمائش ؟ اهو وقت اچڻ تي ڳالهيون کلنديون رهنديون ته ڪرونا وائرس اصل ۾ ڇا هيو؟
    مان ڪافي وقت کان هن موضوع تي سوچيندو رهيو آهيان ته آخرهي بيماري ڇا بس آخري بيماري آهي هن کان پوء ڪا بيماري جنم نه وٺندي ؟
    منهنجا دوستو سڀ کان پهرين هيء بيماري چين جي هڪ تجارتي شهر ووهان نالي شهر ۾ پکڙي ۽ اها خبر دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچي وئي ۽ پوري دنيا جون نظرون چين جي طرف نظر آيون
    دنيا پنهنجون ڪوششون جاري رکيون ۽ چين مڪمل طور تي پنهنجي ملڪ کي بند ڪري ڇڏيو ۽ وقتي طور تي چين جي معيشت کي وڏو ڌڪ رسيو ۽ بيماري تي هن ڪنٽرول ڪري ورتو چين ملڪ ۾ جيڪي ٻاهريان ماڻه رهندڙ هئا انهن کي چيو ويو ته چين مان ڪو نه نڪري چين هن وقت وائرس کي قابو ڪري چڪو آهي. چين ملڪ ۾ وائرس جي پکيڙ گهڻا افواه به پکيڙيا چيو ويو ته چين ۾ گڏه ،ڪوئا چمڙا نانگ کائڻ سان وائرس پکڙيو آهي ، چين ۾ هو هي شيون کائيندا آهن هنن لاء ڪا نئين ڳالهه نه آهي چين هن وقت نئين اڀرندڙ طاقت ٿي دنيا ۾ ظاهر ٿي رهيو آهي جيڪا ڳالهه ان جي مد مخالف قوتن کي قبول نه آهي هن وائرس سياسي سماجي مذهبي ، اقتصادي معيشتي اثر ڇڏيا آهن چين روس ۽ پاڪستان ترڪي وقتي طاقتون ٿي اڀرنديون ۽ افغانستان جي ترقي ٿيندي طالبان جو مٿين ملڪن سان لڳاء رهندو هنن ملڪن جا تعلقات تمام وسيع ۽ قريب رهندا ۔ آمريڪا جو مستقبل اونداهي کانسواء ڪجهه به نه هوندو اونداهيء مان مراد تباهي نه هوندي معيشت ۽ عالمي دٻاء ۽ دهمان اهو نه رهندو فيصلا پاليسيون ۽ ٿنڪ ٽينڪ بي وجهه ۽ ڪمزور هونديون عالمي طور تي آمريڪا جا تعلقات سفارتي طور تي ڪمزور هوندا افغانستان جون موجوده حالتون ۽ اسان جي ملڪ جون حالتون دنيا جي خطي تي مثبت اثر ڇڏينديون هنن ڳالهين کي نظر ۾ رکي ڪري ڪنهن پلين گيم تحت رخ متايو ويو آهي آخري پساه ۾ هي سازشون وقتي طور تي ڪمزور ۽ پريشان ڪري سگهن ٿيون ۔
    ٻيو هي ته ڪٿي هن وائرس کي تجربي طور استعمال ته نه ڪيو ويو آهي ڄاڻن لاء ته اڳتي هلي ڏسجي ته تباهي جي تجربن ۾ هن وائرس کي اهميت ملي سگهي جتي بارود جي گرمائش کي سرمائيداري نظام تحت ملندڙ طاقت جي بي وسي ڪري وقت جي تبديلي اجازت نه ملڻ ڪري هن وائرس کي هٿيار جي طور تي معيشتون ۽ ملڪن ۾ تباهيء جي ڪڙي تصور ڪيو وڃي ۽ اهو رعب دٻدٻو برقرار رکڻ لاء هن وائرس جي ڦهلاء هنن جي هٿ مان نڪري ڪٿي ظاهر ته نه ٿيو آهي ؟ هي ڳالهيون عالمي طور تي رياستون ته پنهنجي جڳهه تي عام ماڻهن جي زبانن تي زد عام ٿي سگهن ٿيون هن کان به انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ۔
    مٿي بيان ڪيل ڳالهين ۾ هي ڳالهه بيان ٿيل آهي ته هي عذاب آهي يا آزمائش ان جو جواب هيء آهي ته الله تعالي پنهنجي حاڪميت جو پاڻ حاڪم آهي ان ڳالهه کي هينئن بيان ڪري سگهجي ٿو ته اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ هن وبا کي مان آزمائش سان تشبيه ڏيڻ جي پوئيواري جو قائل آهيان هيء عذاب انهن قومن لاء آهي جيڪي انسانيت جا دشمن آهن اسلام جا دشمن آهن انهن لاء عذاب جي نشاني آهي باقي اسان مسلمان آهيون پوري دنيا ۾ اسلام جا سچا محسن مڪرم اهل الله الله جا وليء آزمائش جا قائل رهيا آهن الله تعاليٰ مسلمانن کي عذاب کان بچائيندو ڏک تڪليفن ۾ آزمائش صبر جو درس ڏئي رهي آهي ۔
    تاجدار انبياء محسن ڪائنات سرور ڪونين تاجدار ختم نبوته امام الا نبياء حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جي وقت ۾ مصيبتون ۽ ڏکيائيون وبائن ڪر کنيو هيو حضرات صحابه اڪرام رضي الله عنه جي وقت ۾ وبائن ڪر کنيو هيو هر موقعي تي وبائن آيون انهن کي صبر جي چادر سان آزمائش سمجهي الله تعاليٰ کان پناه گناهن کان توبه سچائيء جي عملن جي شورعات ٿيندي رهي ۽ حضور پاڪ صلي الله عليه وسلم جي جن فرمايو ته جتي وبا اچي وڃي اتي نه وڃو علماء بيان ڪري رهيا آهن هن وقت دنيا ۾ جيڪي تدبيرون اطتيار ڪرايون وڃن ٿيون بچاء جون رهبريون اصول بيان ڪيا وڃن ٿا اهي اسان جي پياري نبيء اڳ بيان ڪري چڪو آهي جنهن کي دنيا هن وقت مڃي رهي آهي مان دوستن کي گذارش ڪيان ٿو ته وقتي طور تي ڊاڪٽر جيڪو بيان ڪن ٿا تدبيرون حفاطت لاء اپاء ورتا وڃن ٿا انهن کي هڪومتي فيصلن موجب عمل ڪيو ۽ ڪرايو جيڪا ڳالهه تمام بهتر آهي ماڻهن کي دهمان دڙڪا خوف و هراس نه پکيڙيو وڃي هي اسان مٿان آزمائش آهي انهن خوش اصلوبيء سان صبر ۽ تحمل سان قبول ڪيو وڃي بچاء ڪيو وڃي بهتر آ ڪٿي اٽلي وانگر انهن جي نادانيء ڪري وقت جي طرف قدم نه وڌايو وڃي غريبن جي مدد ڪئي وڃي ۔ پر افسوس جو اسان وٽ هڪ صابڻ تي به تصويرن جي نمائش ٿي رهي آهي جيڪا انتهائي ڪريل ۽ ڏک ڏئي رهي آهي ته اسان تهذيب جا داعي سڏائيندڙ ڪهڙيون ڪڍيون حرڪتون ڪري رهيا آهيون ۔
    اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ ڪا به بيماري ختم ٿيڻ جي اميد رکڻ بيڪار آهي هتي ايڊز ، مليريا ، ڪينسر ،ٽي بي پوليو ، ۽ انيڪ موذي بيماريون موجود آهن دنيا جي سڌرندڙ ملڪن ۾ بيمارين تي ڪنٽرول ۽ پاور رکيو وڃي ٿو ڪرونا وائرس جي بيماري تسليم ته آهي پر ان جي آڙ ۾ ٿيندڙ غريبن سان ويساه گهاتي ظلم جبر ۽ بي واجبي انتقامي ڪاروائي کي تسليم نه ڪيو ويندو ۔ ۽ هن ڪرونا وائرس نالي وڏين وڏين طاقتن پنهنجا شيئر ۽ دوائون ٺاهڻ لاء ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيو آهي بلڪه دوا اڳواٽ تيار ٿيل آهي جيڪا دنيا ۾ سپالئي ڪري پهچائي ويندي جيئن ٽي بي کي مان انهن کي هر هڪ پلڙي ۾ وجهي پرکي سگهان ٿو ته اهي ڪيتري سرمائيداري ڪري گهن ٿا ۽ هن وبا جي نالي ۾ ايندڙ فنڊن کي هڙپ ڪري سگهن ٿا جن جو مثال سوشل ميڊيا آهي ڇا توهان هن ڳالهه تي مون سان اتفاق نه ٿا ڪري سگهو ته ڏيکاء بند ڪيو وڃي؟ ڇا اهي سياسي نام نهاد ليڊر سڏائيندڙ وائرس جي بهاني ۾ تصويري وائرس ۾ موجود نه آهن مان ڪرونا وائرس کان وڌيڪ هنن تصويري وائرس جو مخالف آهيان جيڪڏهن ڪرونا وائرس جي وبا کان بچاء ڪري سگهو ٿا ته هنن ڏيکاء واري نمائشي وائرس جو به بائڪاٽ ڪيو وڃي مان سمجهان ٿو ته انهن قوتن جي به چاندي ٿي وئي آهي جيڪي ڪنهن مشڪل گهڙي جي ان تلاش ڪرڻ جي چڪر ۾ اچي همدرديون ڪرڻ ايندا ۽ سرمائيدار قوتون هن عالمي وبا نالي ۾ پنهنجو نالو لسٽ هڻائي فنڊز جي نالي ۾ غلام ڪري فيصلا ڪرائڻ جي چرپر کان به انڪار جي گنجائش نظر نه ٿي اچي ۔
    پاڪستان ۾ هي وائرس ڪيئن پهتو ؟زلفي بخاري نالي شخص تي تحقيقات هلي رهي آهي جيڪو ٿيو غلط ٿيو تمام گهڻيون ڳالهيون آهن پر مان مختصر لکي ڪري توهان ڀائرن جي سامهون هن مسئلي تي ڪجهه لکيو هر ماڻهو تي لازم ناهي ته ڪو ڪنهن جي راء سان اتفاق ڪري هر ماڻهو جي سوچ خيال پنهنجو ٿي سگهي ٿو مان سمجهان ٿو ته جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان تي نظر رکي وڃي بچاء ڪيو وڃي احتياط لازم آهي گهرن تائين محدود ٿيو هرو ڀرو رلڻ کان پرهيز ڪيو عبادتون ۽ نمازون ادا ڪيو غريبن جي وڌ کا وڌ مدد ڪيو ۽ دوستن کي گذارش آهي پنهنجي راء به ڏئي سگهو ٿا ڇو جو معاملو سمجهڻ ۽ سمجهائڻ سان لاڳاپيل آهي ۔
     
    آخري ترميم: ‏27 مارچ 2020

هن صفحي کي مشهور ڪريو