ڌرتي جو شاعر محمد خان مجيدي

'سنڌي ادب' فورم ۾ عبدالسلام ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏15 اپريل 2020۔

  1. عبدالسلام ٿھيم

    عبدالسلام ٿھيم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 سيپٽمبر 2015
    تحريرون:
    15
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    93
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    جاتي ضلعو سجاول سنڌ
    توکي ڳايان رنگ رچايان
    منهنجو رنگ اهو ئي سنڌ
    ــــــــــ

    اڄ سنڌ ڌرتيءَ جي ان عاشق شاعر ۽ استاد سائين محمد خان مجيدي جي 17 ورسي آھي،جنھن پنھنجو منشور ڄڻ ھنن ٻن سٽن ۾ واضع ڪري ڇڏيو ھو ته
    ”ڀلي يار اسانجو يار نه ٿي
    پر ڌرتيءَ جو غدار نه ٿي..“
    سائين خان مجيدي اڳيان وري ھينئن چوي ٿو

    ھيءَ ڌرتي هوشو حيدر جي
    هي ڌرتي سيد سُندر جي
    هي ڌرتي اڇي اندر جي
    هي ڌرتي دل جي مندر جي
    هي ڌرتي شاھ عنايت جي
    هي بختاور باهمت جي
    هي ڌرتي ڀٽ ڀلارن جي
    هي سچو صاف سچارن جي

    سائين محمد خان مجيدي جنھن جڳھ تي سنڌ پرست شاعر ھو، تنھن جڳھ تي فرض شناس استاد به ھو، ھن جي جيڪا ڳالھ روح اندر گھر ٺاھي ٿي ته ھن ڪڏھن به ڪنھن معتبر جي در جا ڪڙا ڪونه ٺُڪايا، ھا پنھنجي شاعريءَ سان سندن ننڊون ضرور ڦٽايون ھونديون.
    محمد خان مجيدي ميرپور بٺورو (ضلعو سجاول) جي ڳوٺ شادمان جتوئي ۾ 5 جنوري 1918 ۾ جنم ورتو. ھن اسڪول جي زماني کان ئي شاعري سرجڻ شروع ڪئي، سڄي ڄمار علم و ادب جي خدمت ڪيائين ۽ 7 اپريل 2003 ۾ وفات ڪيائين.
    سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”سنڌڙي ۽ ان جون قومون“، ۽ ”مٽي منھنجي مٽي آھي“ آھن،
    سندس آخري آرامگاھ سجاول شھر ۾ آھي
    سڄي ڄمار ڌرتيءَ جا گيت سرجيندي پوءِ به گھٽ ڀانيائين

    تنهنجو مياري ڏوهي آهيان جو آهيان سوئي سنڌ
    توکي ڳايان رنگ رچايان منهنجو رنگ اهو ئي سنڌ

    ـــــ
    عبدالسلام ٿھيم
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو