رسول بخش پليجو ۔ اتساهيندڙ رهنما

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ رسول بخش جوڻيجو طرفان آندل موضوعَ ‏8 جون 2020۔

  1. رسول بخش جوڻيجو

    رسول بخش جوڻيجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    157
    ورتل پسنديدگيون:
    245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ماڳ:
    مارئي جو ديس ٿر
    محترم رسول بخش پليجي صاحب جي ٻي ورسي جي مناسبت سان

    رسول بخش پليجو _ هڪ اتساهيندڙ شخصيت

    رسول بخش جوڻيجو

    محترم رسول بخش پليجو ادب ۽ سياست ۾ اسان جو آئڊيل استاد رهيو آهي، سندس مشهور تقريرن ۽ تحريرن جا اسان ننڍپڻ ۾ ئي ديوانا هئاسين. منهنجي پليجي صاحب سان ويجهڙائي يونيورسٽي لائيف دوران حيدرآباد ۾ ٿي. 2013 کان 2017 جي دوران پليجو هائوس تي عوامي علمي ادبي فورم يا وري ايس ايس ٽي پاران هر هفتي اسٽڊي سرڪلس يا سياسي تقريبن دوران پليجي صاحب سان هر هفتي يا وري ٻي هفتي ملاقات جو شرف حاصل ٿيندو هو. منهنجي لکڻ جي شروعات به ان وقت کان ٿي هئي، شروعات ۾ مختصر ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون هيون. هڪ دفعي عوامي علمي ادبي فورم جي اجلاس ۾ منهنجي هڪ مضمون کي زير بحث آندو ويو هو، ان اجلاس جو مهمان خاص پليجو صاحب هجي. ان اجلاس ۾ آئون ان فڪر ۾ ٻڏل هجان ته هاڻ پليجو صاحب الاهي ڪهڙي راءِ ڏيندو، دوست واري واري سان مضمون کي پڙهندا ويا ۽ آخر ۾ سڀني تبصرو شروع ڪيو. آخر ۾ پليجي صاحب جي تبصري جو انتظار هو. پليجو صاحب هڪ بهترين نقاد سان گڏ نون لکندڙن لاءِ هڪ وڏو حوصلو ڏيندڙ شخصيت به هو، هميشه اسان نوجوانن کي لکڻ ۽ پڙهڻ لاءِ اتساهيندو رهندو هو. منهنجي مضمون تي هن بهتر حوصلا افزائي ڪئي ٻيا مضمون به لکڻ لاءِ اتساهيو. پليجي صاحب کي شايد خبر هئي ته نون لکندڙن خاص ڪري نوجوانن جي لکڻين تي کري تنقيد ڪبي ته انهن جو لکڻ تان ئي ارهه ئي کڄي ويندو.
    پليجي صاحب کي سندس عمر جي آّخري ڏينهن ۾ به ٻوليون سکڻ جو شوق هوندو هو. پليجي صاحب جي گهر ويٺل دوستن کيس منهنجي باري اها ڄاڻ ڏني ته آئون چيني ٻولي سکي رهيو آهيان. ان وقت پليجي صاحب چيني ٻولي جي ڪورس جي ڪتابن سان گڏ مون کي پليجي هائوس تي طلب ڪيو. ڪتاب ڏسي چيني مان انگريزي ۾ ڪيل ترجمي تي ڪافي گرامر جو غلطيون ڪڍيائين. مون کي چيائين ته منهجي صحت بهتر رهي ته آئون اوهان جي سينٽر تي اچي ڪلاس وٺندس، پنهنجي استادن کي ضرور اطلاع ڏجو، پر هن جي صحت ۾ بهتري نه اچڻ ڪري سندس اها تمنا پوري نه ٿي سگهي.
    پليجي صاحب سان مختلف ڪچهرين ۾ تعارفي سيشن به هلندو هو. تعارف ڪرائڻ وقت به پليجو صاحب نقص ڪڍندو هو. شروعاتي ڪچهرين دوران مون تعارف ڪرائيندي چيو، سائين منهنجو نالو رسول بخش جوڻيجو، عوامي تحريڪ اڳواڻ عارف جوڻيجو جو پٽ. اهو ٻڌي چيائين ته ڀلا عارف جوڻيجي جي پٽ کانسواءِ تون پاڻ به ڪجهه آهين يا نه.! پوءِ چيم سائين ايس ايس ٽي ضلعي حيدرآباد جو هن وقت ميمبر آهيان، سجاڳ ٻار تحريڪ سابقه مرڪزي جنرل سيڪريٽري به رهيو آهيان، هن وقت سنڌ يونيورسٽي ۾ انگريزي ادب ۾ گريجوئيشن ڪري رهيو آهيان. پوءِ ڪافي خوش ٿيو، چيائين ماڻهو کي پنهنجي پيءِ جي پٽ کانسوءِ پنهنجي به سماج ۾ حيثيت هئڻ کپي.
    پليجو صاحب سياست جي ميدان ۾ هڪ وڏي حوصلو وارو ماڻهو هوندو هو، هو هارين ، مزورن ۽ مظلومن جو يار هو ۽ ظالمن ۽ حق ڦريندڙن لاءِ ڪاريهر هو. هن پنهنجي پارٽي عوامي تحريڪ ٺاهڻ ۽ ان کي منظم ڪرڻ ۾ تمام وڏي محنت ۽ اڻانگا سفر ڪيا. نيٺ پليجي صاحب کي پنهنجي محنتن جو سلو ملڻ لڳو، عوامي تحريڪ نه صرف هڪ منظم سياسي پارٽي طور اڀري آئي پر هڪ تعليمي نرسري طور سنڌ جي هارين ۽ نارين ۾ شعور جو ٻج ڇٽيو. ان شعور جو نتيجو اهو نڪتو جوجيڪو مظلوم ظالمن جي هٿان ڦرجندو ، لٽجندو آيو پئي اُهو ظالمن کان پنهنجا حق وٺڻ لاءِ مهاڏو اٽڪائڻ لڳو، وڏيرن ۽ سٺين جون دليون ڏڪڻ لڳيون، مظلومن ۾ بغاوت جي جرئت ۽ هماليه جيڏي همت اچڻ لڳي. اهي سڀ ڪمال پليجي صاحب جا هئا جنهن مظلومن جي زبانن کي آواز ڏنو. ان ڪري ئي پليجو صاحب ظالم طبقي ۽ انهن جي ترجمانن کي قطئي نه وڻندو هو.
    رسول بخش پليجو صاحب هڪ اهڙو سنڌ جو املهه هيرو هو، جنهن جي کوٽ شايد ڪڏهن به پوري نه ٿي سگهندي پر سندس تحريرون ۽ تقريرون سنڌ جي نوجوانن تي صدين تائين ڇانيل رهينديون. سندس فڪر سنڌ جي نسلن کي شعور ۽ سمجهه سان سيراب ڪندو رهندو.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ جي سپوت کي سھڻي ڀيٽا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو