سول هاسپيٽل حيدرآباد ۾ غريبن لاءِ آزار

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏13 جولائي 2020۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    سول هاسپيٽل حيدرآباد ۾ غريبن لاءِ آزار
    صراط بلوچ

    سائين اميد آهي ته اوهان سڀ خيروخيريت سان هوندا اڄ اوهان جي خدمت ۾ سول هاسپيٽل ۾ نوشهروفيروز کان آيل هڪ مريض جو احوال ونڊي رهيو آهي ۽ اهيو حال صرف هڪ مريض جو نه پر تقريبن غريب مسڪين هر مريض جو آهي جيڪو هن ڪالم ۾ بيان ڪيو پيو وڃي.

    سائين نوشهرو فيروز مان هڪ وڏي عمر وارو مريض نيم بيهوشي جي حالت ۾ سول هاسپيٽل حيدرآباد پهچي ٿو. مريض سان گڏ آيل فردن جو چوڻ هو ته مريض کي ڪاري سائي يعني هيپاٽائٽس، بلڊ پريشر ۽ پيشاب جي بيماري آهي، ٻن ڏينهن کان وٺي مريض ننڊ نه ڪئي آهي گذريل رات پيشاب وري وري اچڻ جي ڪري هاڻ هي نيم بيهوشي جي حالت ۾ آهي، تنهن ڪري اسان هن کي کڻائي حيدرآباد سول اسپتال پهتا آهيون هن ڀيري کان پهرين به مريض سان ٻه دفعه اهڙي ڪفيت ٿي چڪي آهي جنهن بعد هي مڪمل نا سمجهي واري حالت ۾ هلي ويو هو ۽ اسان هن کي سول اسپتال حيدرآباد کڻائي آيا هئاسين. ٻه دفعه پهرين پڻ داخل ٿي چڪو آهن. هن دفعه پڻ اهائي ساڳي ڪنڊيشن ٿي رهي آهي اسان سمجهيو ته جيڪڏهن هن کي سول هسپتال نه وٺي وينداسين ته پهرين جيان وري ان جي حالت ٿي ويندي مڪمل ناسمجهي ۽ بيهوشي واري ان ڪري هن دفعه جلدي وٺي آيا آهيون ته جيئن بروقت علاج ٿي سگهي. لال بتي ۾ ڊاڪٽرن کي حال احوال ٻڌائڻ تي هنن اسان کي يورولاجي ۽ ميڊيسن وارن ڏانهن رفر ڪيو بغير ڪنهن فسٽ ايڊ ڏيڻ جي نيم بيهوشي واري مريض جي آئي وي لائين تائين مينٽين نه ڪئي وئي. اسان مريض کي وٺي يورولاجي وارڊ پهتاسين. اتي هڪ ته ڪلاڪ تائين ڪو ڊاڪٽر ئي نظر نه آيو پر بعد ۾ جڏهن ڊاڪٽر آيو ته ان مريض کي ڏسي بغير ڪنهن انويسٽيگشن ڪرائڻ جي ايستائين جو بلڪل بنيادي پيشاب جي ٽيسٽ (يورين ڊي آر) تائين نه ڪرائي وئي بس مريض کي چيو ويو ته اسان جو مسئلو ناهي اوهان ميڊيڪل وارن ڏانهن وڃو مطلب ته هنن پنهنجي جان ڇڏائي ڇڏي مريض کي ميڊيڪل وارن ڏانهن موڪلي پنهنجو فرض پورو ڪري ڇڏيو. ڊاڪٽر پورو ڪلاڪ وارڊ مان غائب رهيو ۽ اچي صرف اهيو ڪم ڪيائين ته مريض لاءِ اعلان ڪيائين ته هن کي پيشاب جو ڪوبه مسئلو ناهي ڄڻ ته ڊاڪٽر صاحب کي ڪا وحي نازل ٿي هجي مريض متعلق ته هن کي پيشان جي بيماري نه آهي جڏهن ته مريض متعلق اٽينڊنٽ هسٽري ڏئي رهيا آهن ته هن کي پيشاب رات جو بار بار اچي رهيو آهي. پيشاب جي پراڻي تڪليف پڻ اٿس. پر ڊاڪٽر صاحب ان هسٽري کي ٿڏي ڇڏيو، ڪابه رپورٽ لکي نه ڏنائين بس ڊڪٽيٽرن وارو اعلان ڪندي چيائين ته توهان جي مريض کي پيشاب جي ڪابه تڪليف ڪانهي ان ڪري هن کي ميڊيسن وارڊ ۾ کڻي وڃو. ان بعد مريض کي کڻي ميڊيسن وارڊ پهتاسين جتي پي جي ليڊي ڊاڪٽر ۽ هائوس آفيسر موجود هئا جنهن نيم بيهوش مريض کي ڏسي پرچي ته رفر ڏٺو ۽ چيائون ته توهان يورولاجي وارڊ وڃو هنن کي ٻڌايوسين ته يورولاجي وارن هيڏانهن موڪليو آهي تنهن تي هنن داخلا لاءِ پرچي تي لکيو ۽ داخلا فائيل لال بتي مان ٺهرائي اچڻ لاءِ چيو جنهن ته فائيل ٺهرائي آياسين تيستائين وارڊ ۾ جاءِ نه هجڻ ڪري ٻئي ميڊيڪل يونٽ ۾ مريض کي بيڊ ڏنو ويو. فائل هنن ورتي ۽ چيائون ته اوهان مريض وٽ هلو ڊاڪٽر اچي پيو.ِ مريض نيم بيهوشي ۾ وارڊ ۾ پيو رهيو ٻه ڪلاڪ گذري ويا ڊاڪٽر نه پهتي. جنهن ته اسان جو هڪ مائيٽ جيڪو ميڊيڪل فيلڊ سان واسطو رکندڙ هيو اهو پهتو ان کي ٻڌايوسين هو ڊاڪٽرياڻين ڏانهن ويو جنهن بعد ڊاڪٽرياڻي آئي ۽ اچي مريض جي هسٽري ورتائين. ۽ ميڊيسن لکيائين. مطلب وارڊ ۾ مريض ٻن ڪلاڪن تائين موجود هيو تيستائين نه هن جي آئي وي لائين مينٽين ڪئي وئي نه ئي هسٽري ورتي وئي. خير ٻن ڪلاڪن بعد الله الله ڪري مريض جي واهر ڪئي وئي ۽ صرف هڪ پوڊر واري انجشن لڳائي ڪجهه ٽيسٽون ڪرايون ويون ۽ ان سان گڏوگڏ الٽراسائونڊ پڻ ڪرايو ويو ۽ ان بعد . رات جو مريض تڪليف کان سڄي رات دانهون ۽ ڪوڪو ڪندو رهيو پر ڊاڪٽر سڳورا مريض وٽ اچڻ لاءِ تيار نه هئا ۽ نه آيا سڄي رات بغير ننڍ جي مريض دانهن ۽ آهن ۾ گذاري ڇڏي. صبح جو هڪ ٻه انجيڪشن لڳائي وئي. جنهن بعد ڪجهه آرام آيس ۽ رليڪس ٿيو. صبح جو 10 ٿيا ته وري ڊاڪٽر ظاهر ٿيا. اچي معلوم ڪيائون ته مريض جي حالت ڪيئن آهي مٿان موجود ليڊيز هنن کي ٻڌايو ته سڄي رات آرام نه ڪيو اٿس، صبح واري ڊوز بعد ڪجهه سڪون ۾ آهي. ڊاڪٽرن چيو مطلب ته مريض بهتر آهي ائين چئي هليا ويا ۽ واپس اچي اسان کي موڪل واري ڊسچارج سلپ ڏنائون ته اوهان جو مريض هاڻ صحيح آهي هن کي وڌيڪ رکڻ جي ضرورت نه آهي ان ڪري هن کي کڻي ويو. اسان هنن کي چيو ته مريض جي حالت ڪافي خراب اسان نوشهروفيروز مان آيا آهيان اهڙي حالت ۾ ڪيئن هن کي واپس کڻي وڃون مريض اڃان ته صحيح هوش ۾ به نه آهي. پر هنن نه ٻڌي ۽ چيو ته هن کي واپس کڻي وڃو اسان دوا لکي ڇڏي آهي اها وڃي گهر کارايوس. تنهن ته اسان جو مائيٽ ڊاڪٽر آهي ان سان ڳالهايوسين اهو آيو ۽ هن سڀ کان پهرين رات جيڪي هنن ٽيسٽون ڪرايون هيون انهن کي ڏٺو جنهن ۾ ESR تمام گهڻو وڌيل هو الٽراسائونڊ ۾ ليور سروسز ڏيکاريل هو. مطلب ته مريض جي حالت ڳڙتي جوڳي هئي تنهن تي هن اسپتال جي ڊيوٽي تي موجود آر آيم او سان وڃي آفيس ۾ ڳالهايو ۽ هن کي ٽيسٽون پڻ ڏيکاريون جنهن پنهنجو پٽيوالو ساڻ ڪري موڪليو ته مريض کي ڪجهه ڏينهن وارڊ ۾ ئي رکي ٽريٽمينٽ هلايو فلحال موڪل نه ڏيو. ان تي وارڊ جي ڊاڪٽر فائل واپس ڪئي ۽ وارڊ ۾رکڻ ۽ ٽريٽمينٽ هلائڻ لاءِ راضي ٿيا.

    مطلب ته جيڪڏهن ڪو غريب مسڪين جنهن جي واهر ڪرڻ وارو نه هجي ته اهڙي ڳڻتجي جوڳي حالت هوندي به سول هسپتال مان مريض کان واپس موٽايو وڃي ٿو هاڻ اوهان پڙهندڙ پاڻ انصاف ڪيو ته آخر پوءِ اهڙي حالت ۾ غريب مسڪين ماڻهو مريض کي کڻي ڪيڏانهن وڃي. خدارا سول هاسپيٽل حيدرآباد ۾ سنڌي غريب مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن سان اهڙيون جٺون بند ڪيون وڃن ۽ غريبن سان اهيو آزار بند ٿيڻ گهرجي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو