سنڌ جي بهترين روايتن کان نوجوان نسل جو فرار

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏13 جولائي 2020۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    سائين اميد آهياوهان سڀ پڙهندڙ خير و آفيت سان هوندا. توهان جي خدمت ۾ مون طرفان سلام. اڄ اوهان سان جيڪو احوال ڪرڻ وڃي رهيو آهيان، جيڪا خبر ڪرڻ وڃي رهيو آهيان جيڪو حال اورڻ جو ارادو آهي سو هڪ سرڪاري يونيورسٽي جي پوائنٽ اندر پيش ايندڙ هڪ ننڍڙي نظاري متعلق آهي. نظارو ته ننڍڙو هو پر ان ۾ اسان جي موجده سنڌي سماج جا ٻه پهلو سمايل هئا. هڪ طرف ان ۾ موجود سنڌ جي ماڻهن جي پياري ثقافت سمايل هئي. سنڌ جي ماڻهن جي اها خوبي شامل هئي جيڪا اوهان کي دنيا جي تعليم يافته، ترقي يافته سماجن ۾مشڪل سان ملنديته ٻئي پهلو ۾ اسان جي نوجوان جنريشن اسان جي موجوده نوجوان نسل جو ذهني معيارهنن جي سوچ سمايل هئي. ٻئي پهلو هي خبر پئي ڏني ته اسان جي نوجوان کي تعليم ۽ علم ڪيترو ته اڳتي آڻي ڇڏيو آهي. اسان جي نوجوان نسل جي سوچ هنن جي ساڃهه سنڌ جي ثقافت کي سنڌي سهڻن اقدارن کي، صدين کان سنڌ اندر هلندڙ روايتن کي عبور ڪري ڪيترو نه اڳتي پهچي چڪي آهي.

    ها تهڄامشورو مان حيدرآباد طرف سفر جي لاءِ يونيورسٽي جي سرڪاري بس( پوائنٽ) ۾ سوار ٿياسين. اسان پوائنٽ جي آخري سيٽن تي ويٺاسين. اتان اڳتي سڄي پوائنٽ پئي نظر آئي اڳئين گيٽ مان ڇوڪريون سوار پئي ٿيون ته پوئين گيٽ مان وري ڇوڪرا ٿي داخل ٿيا. پويان کان اڳتي جي طرف ڇوڪرن سان سيٽون ڀرجڻ لڳيون. اهڙي ئي طرح اڳيان کان پوئتي طرف سيٽون ڇوڪرين سان پرجڻ لڳيون. ڪجهه دير تائين هي سلسلو هلندو رهيو، نيٽ آخر بس جون سڀ سيٽون ڀرجي ويون. هاڻ ڇوڪرا پوائنٽ ۾ بيهڻ لڳا. ائين ئي هڪ ڇوڪري به اڳتي بيهي رهي. ان بعد وري ٻئي ڇوڪري به بيهي رهي. ائين ئي وري هڪ وڌيڪ يعني ٽين ڇوڪري به بيٺي ڇو ته هاڻ پوائنٽ اندر ڪابه سيٽ ويهڻ جي لاءَ خالي نه هئي. پوئنٽ ۾ موجود سڀ جون سڀ سيٽون شاگردن سان ڀرجي چڪيون هيون پوائنٽ جي سيٽن تمام ٿيڻ بعد هاڻ هن اندر سوار ٿيندڙ ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين کي بيهڻو ٿي پيو. بيهڻ وارن ۾ ڪجهه ڇوڪرا بس جي آخر ۾ بيٺا هئا ۽ ٽي ڇوڪريون بس جي شروع ۾ بيٺل هيون. ايتري ۾ مون ڏٺو ته پوائنٽ اندر ئي موجود ٽن واري سيٽ تي ويٺل شايد يونيورسٽي جي اسٽاف جي ميمبرن مان ٽن ڄڻن پاڻ ۾ مشورو ڪرڻ شروع ڪيو. هڪڙي شروعات ڪئي ته يار اڳيان نياڻيون بيٺيون آهن اهيو سٺو نه ٿو لڳي. ٻئي به هن سان سهمت ٿيندي هائوڪار ۾ پنهنجي خيال جو اظهار هن جي حمايت ۾ ئي ظاهر ڪيو. ٽن مان ٻه ڄڻان ته هن ڳالهه ته راضي ٿي لڳا هن سيٽ کي اڳيان بيٺل انهن ڇوڪرين لاءِ خالي ڪرڻ گهرجي. اڃا هنن ٻن پاڻ ۾ ڳالهايو پئي ته هنن سان ويٺل ٽئين همراهه بغير پنهنجي خيال پيش ڪرڻ جي بغير ڪنهن اظهار جي بغير ها يا نا ڪرڻ جي عملي قدم کڻندي اٿي بيٺو ته ادا واقعي اڳيان ليڊيز بيٺي آهي اسان ويٺا هجون اهيو عمل اسان کي ڪين ٿو جڳائي. ائين ئي هنن ٽنهين همراهن پنهنجي سيٺ ڇڏي ڏني ۽ بيٺل گرلس اسٽوڊنٽس کي چيو ته امان ويهي رهو. هتي هي شاگرد هرگز نه هئا هي اسٽاف جا ميمبر پئي لڳا ڇو ته هنن مان هر هڪ جي عمر مون کي 50 جي لڳ ڀڳ ٿي لڳي. معني ته هي اسان جي موجود نوجوان نسل جا فرد نه هئا پر اسان جي موجود نوجوان نسل جا بزرگ هئا. اسان جي نسل جا رهنما کڻي چئجي هئا.

    سائين ليڊيز لاءِ اٿڻ واري هي روايت آئون ڳوٺن اندر ڏسندو ٿو اچان. عورت کي هن قسم جو احترام ڏيڻ واري روايت مان ٻاراڻي عمر کان ڳوٺن جي ماڻهن ۾ پسي رهيو آهيان انهن فردن ۾ پسي رهيو آهيان جيڪي تعليم يافته نه آهن جيڪي پڙهيل نه آهن جيڪڏهن آهن به ته انهن جو شمار اڄ جي نوجوان نسل ۾ نه ٿو ٿئي هنن جو شمار اسان اولڊ جنريشن ۾ ڪنداسين اهي هن قسم جي روايت تي هلن ٿا.باقي اڄ جي نوجوان نسل جيڪا يا ته تعليم پرائي رهي آهي يا پرائي چڪي آهي انهن جا خيال انهن جا نظريه انهن جو طريقو تبديل آهي. هي عورت جي برابري واري نعاري کان متاثر، عورت جي برابري واري درجي تي يقين رکندڙ نسل آهي. عورت ۽ مرد جي برابري واري ڳالهه کي هي الائي ڪٿان کان ڪٿي کڻي ويا آهن ڳالهه ته چڱي هئي پر هنن جيڪو سمجهيو آهي هنن جيڪو نتيجو ڪڍيو آهي اهو عجيب آهي. هنن وٽ عورت ۽ مرد کي برابري حاصل آهي. اهو ئي سبب آهي ته موجوده نوجوان نسل عورت کي آزادي ڏيڻ واري نعاري جي آڙ ۾ عورت جي احترام واري ڳالهه کي وساري ويٺي آهن جيڪا عورت کي برابر ڏيڻ کان اڳتي جي ڳالهه آهي عورت کي برابري کان به اڳتي وڌي احترام ڏين جي ڳالهه آهي. نوجوان سمجهن ٿا ته جڏهن عورت ۽ مرد برابر آهم ته پوءِ هر ڳالهه ۾ عورت کي مرد جي برابري ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن بس ۾ هن پوائنٽ ۾ ڇوڪرا بيٺا آهن ته پوءِ ڇوڪريون به بيٺيون هجن ان ۾ وڏي ڳالهه ڪهڙي آهي. جهڙا اسان انسان آهيون تهڙيون هي ڇوڪريون به انسان آهن. هنن جي لاءِ عورت کي پاڻ کان وڌيڪ عزت ڏيڻ، پاڻ کان وڌيڪ احترام ڏيڻ جو تصور نه آهي بس برابري واري ڳالهه ۾ هي نوجوان نسل گم ٿي وئي آهي. مغرب جي موجوده تهذيب کان متاثر ٿيندڙ اسان جي هي پڙهيل لکيل يا پڙهندڙ نسل سنڌ جي انهن عظيم روايتن کان اڻ ڄاڻ ٿيندي وڃي جنهن ۾ عورت کي برابري واري نگاهه کان مٿي ڏٺو ويندو آهي. برابري کان مٿي احترام ڏنو ويندو آهي عورت جي عزت ڪئي ويندي آهي. عورت جو احترام ڪيو ويندو آهي. بابا مغرب ۾ عورت ۽ مرد جي برابري واري ڳالهه جا ڪيترائي سٺا ۽ سهڻا پهلو آهن جنهن کي اسان مشرق وارا اپنائڻ تي هرگز راضي نه آهيون باقي ان پهلو کي پکڙيون ٿا جيڪو اسان وٽ موجود بهترين پهلو کان پوئتي آهي. تعليم جيڪڏهن نالو آهي شعور جو تعليم جيڪڏهن نالو آهي روشني پرائڻ جو ته پوءِ اسان جي نسل کي پنهنجي سماج جي بهترين روايتن کان منهن نه موڙڻ گهرجي پنهنجي سنڌي سماج جي عظيم ۽ اعليٰ رويتن کي برقرار رکڻ گهرجي ۽ ان سان گڏوگڏ انهن روايتن کي ٽوڙڻ گهرجي جيڪي غلط آهن جيڪي علم جي اڻ هوند ڪري اسان جي معاشري ۾ اسان جي سنڌي سماج ۾ موجود آهن انهن روايتن کي ختم ڪرڻ گهرجي پر هتي ته قصو ئي عجيب ٿو لڳي ڳالهه ئي عجيب ٿيو وڃي. مغرب جي سماج جون اهي ڳالهيون اسان اپنائي رهيا آهيون جنهن ڳالهين کان اسان وٽ هزار درجا وڌيڪ سٺيون ڳالهيون ۽ روايتون موجود آهن. ۽ پنهنجي سماج مان انهن ڳالهين کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهيون جنهن کي ڪيترو ئي عرصو پهرين ڇڏي ڏيڻ گهرجي ها. موجوده تعليم يافته طبقو مغرب جي سماج ۾ موجود نظرين تحت انهن ڳالهين کي اپنائي رهيو آهي جيڪي بهتر نه آهن جيڪي شيون مغرب جي سماج ۾ سٺيون آهن انهن کي هي هرگز نه پيا اپنائين ۽ جيڪي ڳالهيون اسان جي سماج ۾ بهترين هيون يا آهن انهن کي ڇڏي رهيو آهي ۽ جن کي ڇڏڻ گهرجي انهن ۾ اڃا به اڻيل آهي ۽ جن بهترين روايتن کي قائم ۽ برقرار رکڻ گهرجي جيڪي رويتون اسان لاءِ فخر جو سبب آهن انهن کي ڇڏي رهيا آهيون.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو