محمد يوسف ميمڻ: سنڌ دوست ڪامورو ۽ سگا اسلام آباد جو سرواڻ

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏25 جولائي 2020۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]

    محمد يوسف ميمڻ: سنڌ دوست ڪامورو ۽ سگا اسلام آباد جو سرواڻ

    تحرير: ڄام آدرش انڙ

    ورھاڱي ۾ وڇڙي ويلن سنڌي ديوانن جي ڇڪَ مون کي مشتاق گبول جي ڏنل تحفي طور دادا لڇمڻ دٻي جي ڪتاب ”مون مان مان ناراض“ ۽ موبائل مون کي انهن تي پڄڻ ۾ آساني نصيب ڪئي ائين هندستان پاسي سنڌي ديوانن سان منهنجو ڳانڍاپو جڙيو، ھندستان جي ديوانن مان وري لڇمڻ ڪومل جي معرفت منهنجو تعلق يوسف ميمڻ صاحب سان جڙيو ۽ مان ڪومل صاحب جي اسرار تي خاص طور تي يوسف ميمڻ صاحب سان ملاقات لاءِ اسلام آباد جو سفر ڪيو، اُھو مئي 2011 جو جو دور ھو مان يوسف صاحب سان شاھ لطيف ڪميونٽي سينٽر تي اچي ڪري ملاقات ڪئي يوسف ميمڻ صاحب سان ملي ڪري سندس شخصيت مان اندازو ٿيو ته پاڻ کاھوڙي ۽ سچو کرو ماڻھو آھي ساڻس کوڙ ساري بي تڪلف ڪچهري ٿي سندس سٿ منهنجي بي تڪلف ڪچهري تي ڪجه پريشان نظر آيو ته هي ڇوڪرو ڪير آ جيڪو يوسف ميمڻ صاحب سان ايڏو ويجهو ۽ ھجتي ٿي پيو ڳالهائي، مون ساڻس ٻن ڪلاڪن جي مختصر ڪچهري ۾ اُھو سڀ ڪجه گهڻي ڀاڱي ڄاڻي ورتو جيڪو ڪجه ڪرڻ ۾ کيس زمانو لڳي ويو هيو، ان حد تائين جو ھڪ ٻوٽي تي نظر پوندي مون کانئس اهيو به پڇو ته هي ٻوٽو ڪنهن جو لڳل آھي ته پاڻ بڌايائون ته هي الطاف شيخ جو لڳايل آھي ھاڻي ته اُھو ٻوٽو وڌي وڻ ٿي ويو هوندو. اُن دوران ساڻس چانھ به نصيب ٿي ۽ گهڻين ڳالهين ۾ شاھ لطيف ڪميونٽي سينٽر کي بجلي جي سرڪٽ مان لڳل باھ بابت پڻ ذڪر ٿيو، ھن اسلام آباد ۾ جيڪو ننڍڙي سنڌ جو قيام ڪيو ان لاءِ کيس نظر ميمڻ صاحب زور بار وڌو ۽ پوءِ ڪيئن ھن محنت ڪئي ۽ پنهنجي تعلقات جي بنياد تي هن ايڏو وڏو ڪم ڪري ڏيکاريو، ۽ سچ ته پوءِ بٿ پاڻ ڪڏھين سينو تاڻي ڪا به ھام نه ھڻي ته ھي سڀ ڪم منهنجي کاتي ۾ لکيو وڃي، سنڌي ماڻھن کي تمام گهٽ قيمت تي رهائش انهن جي نوڪري جي معاملي ۾ مدد ۽ سندن اُتي مستقل رھائش ۾ مدد ڪرڻ، وفاق توڙي سنڌ ۾ سنڌ جي نوجوانن جي روزگار لاءِ ڪوششون ڄڻ ته يوسف ميمڻ صاحب جو خواب ۽ مقصد رهيا هجن، مون سندن اجازت سان سندن تعارف سنڌ جي نوجوانن تائين پڄائڻ جي ننڍڙي ڪوشش ڪئي آھي، سندن پاران ئي ڏنل معلومات کي جيئن جو تيئن انگريزي مان سنڌي ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي.

    تعارف:
    ٢۵ جولاء ١٩۴٩ ڌاري باشعور زميدار محترم شمس الدين ميمڻ جي گهر (شمس آباد دادو) ۾ اک کولي، شروعاتي تعليم دادو مان حاصل ڪئي،

    سال (١٩٨٦ع کان ١٩٨٨ع) تائين اڪنامڪ ڊولپمينٽ ميڪرو ۽ مائڪرو اڪنامڪس ۾ يونيورسٽي آف سنسناٽي آمريڪا مان ماسٽرس ڪئي.
    سال ١٩٧٠ع ۾ اڪنامڪ ڊولپمينٽ ۾ يونيورسٹي آف سنڌ مان ماسٽرس ڪئي.
    سال (١٩٦٦ع کان ١٩٦٩ع تائين) شماريات بيين الاقوامي تجارت ناڻي بينڪ ززراعت ۽ اقتصاد ۾ يونيورسٹي آف سنڌ مان بي-اي ڪئي.

    حاصل ڪيل عھدا
    پهريان پاڻ ليڪچرار طور اٺ مھينا اسلاميه ڪاليج ڪراچي ۾ ڪم ڪيو بعد ۾ سي ايس ايس پاس ڪري ٽرينگ لاءِ لاھور پڻ رهيا،

    ١. سال (٢٠١١ع کان ٢٠١٢ع تائين) بجلي ۽ پاڻي جي وزارت جو مشير.
    ٢. سال (٢٠٠٦ع کان ٢٠٠٨ع تائين) بجلي ۽ پاڻي جي وزارت جو اضافي سيڪريٽري.
    ٣. ٢ ڊسمبر (٢٠٠۵ع کان ٢٠٠٧ع تائين) بجلي ۽ پاڻي جي وزارت جي اضافي چارج ۽ پاليسي ۽ امپليمينٽيشن سيل جو ميمبر.
    ۴. ٩ جولاء (٢٠٠٧ع کان فيبروري ٢٠٠٨ع تائين) پرائيويٽ پاور ۽ انفرااسٽرڪچر بورڊ اسلام آباد جو مينيجنگ ڊاريڪٽر.
    ۵. ٨ مارچ ( ٢٠٠٨ع کان ١٧ جون ٢٠٠٨ع تائين) متبادل توانائي جي ترقي واري بورڊ اسلام آباد جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر.
    ٦. جولاء (٢٠٠۴ع کان ٢٠٠٦ع تائين) بجلي ۽ پاڻي جي وزارت جو گڏيل سيڪريٽري.
    ٧. نومبر (١٩٩٩ع کان ٢٠٠۴ع تائين) ڪنسلٽنٽ نيشنل ريڪنسٽرڪشن بيورو جو چيف ايگزيڪيوٽو سيڪريٽري.
    ٨. سال (١٩٩٦ع کان ١٩٩٩ع تائين) ناڻي مساوات دفاع ايوئيشن صحت سماجي ڀلائي ۽ ڪامرس جي وزارتن جو سيڪشن آفيسر/ڊپٽي/جوائنٽ سيڪريٽري ۽ وزيراعظم جي ( اقتصادي مالي ونگ) سيڙپڪاري جي مرڪز ۽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن اسلام آباد جو سيڪريٽري.
    ٩. نومبر (١٩٩٠ع کان جولاء ١٩٩۵ع تائين) پاڪستان جرمني پولينڊ ۽ آسٽرليا جي سفارتخاني جو تجارتي قونصلر.

    بجلي ۽ پاڻي مالياتي ترقي ۽ صنعتي مسئلن جي مرڪزن جو ڊاريڪٽر:

    ١. سال (٢٠١٠ کان ٢٠١٣ تائين) نيشنل صنعتي پارڪ جو ڊاريڪٽر.
    ٢. سال (٢٠١١ کان ٢٠١٣ تائين) اين آء ٽي لسٽڊ انڊسٽريل يونٽ ڪراچي جو ڊاريڪٽر.
    ٣. سال (٢٠٠۵ کان ٢٠٠٨ تائين) پاڪستان انجنئرنگ ڪائونسل اسلام آباد جو ميمبر.
    ۴. سال (٢٠٠۴ کان ٢٠٠٨ تائين) بوڊ نيسپيڪ لاھور جو ڊاريڪٽر.
    ۵. سال (٢٠٠۴ کان ٢٠٠٨ تائين) بوڊ نيشنل پاور ڪنسٽرڪشن ڪمپني لاھور جو ڊاريڪٽر.
    ٦. سال (٢٠٠۴ کان ٢٠٠٨ تائين) متبادل توانائي ترقي بورڊ اسلام آباد جو ڊاريڪٽر.
    ٧. سال (١٩٩٧ کان ١٩٩٩ تائين) اي بي ايل ڪراچي جو ڊاريڪٽر.

    *تنظيمي ڪم:*
    * محمد يوسف ميمڻ ١۵ آڪٽومبر ١٩٧٦ع اسلام آباد ۾ سنڌي برادري کي منظم ڪري سگا اسلام آباد شاخ جو بنياد قائم ڪيو.
    ھو نومبر ١٩٧٦ع ۾ سگا اسلام آباد شاخ ۾ با حيثيت صدر منتخب ڪيو ويو.
    ھن وفاقي حڪومت ۾ سنڌ صوبي جي نمائندگي جي واڌاري لاء زور ڀريو، اسلام آباد ۾ بيروزگار توڙي ملازمت ڪندڙ نوجوانن جي رھائش جو گڏيل انتظام ڪيو ۽ ان سان گڏوگڏ مختلف تعليمي ادبي ۽ سماجي گڏجاڻين ۽ سرگرمين لاء اسلام آباد ۾ سنڌ سينٽر قائم ڪيائين.
    ھن ضيا الحق جي مارشل لا واري دور ۾ ڪيترين ئي مشڪلاتن کي ڀرپور طريقي سان منھن ڏيڻ جي جرئت ڪئي، سگا اسلام آباد ۾ سرڪاري ملازم جي ميمبرشپ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي جنھنڪري سگا اسلام آباد (١٩٨۵-١٩٩٠) تائين محقق رھي.
    ھو (١٩٧٦ کان وٺي اڄ ڏينھن تائين) به طور بنيادي ڪارڪن ۽ آفيسر جي حيثيت سان سگا اسلام آباد جي خدمت ڪندو رھيو آ ۽ سگا اسلام آباد کي مضبوط ۽ سگھارو بنائڻ لاء ڏينهن رات ڪوشان رهيو آھي،
    ھن اسلام آباد ۾ متحرق برادري جي پيدا ڪرڻ ۽ وفاق ۾ سنڌي ماڻھن جي خدمت ڪرڻ لاء پر عزم ڪوشش ڪندو رهيو آھي، ۽ ھن سگا تائين ھر ماڻھو جي رسائي تمام گھڻو آسان ڪري ڇڏي.
    ھو خدمتن جي سطع ڏيکارڻ ۽ سرگرمين جي ڪاميابيء کي يقيني بنائڻ لاء ھڪ وفادار ڪارڪن وانگر ھميشا منظر جي پويان ڪم ڪندو رھيو آھي.

    اسلام آباد ۾ ڪميونٽيء لاء خدمتون:
    محمد يوسف ميمڻ سنڌ سرحد بلوچستان ۽ ڪشمير صوبي جي ٻوڏ ۽ زلزلي متاثرين ماڻھن لاء طبي ۽ آرام جي ڪيمپ جي سھولت جو بندوبست ڪيو ۽ ان سان گڏوگڏ ضلع اٽڪ ۽ اسلام آباد ۾ رھندڙ ملاح برادري جي ماڻھن لاء کاڌي ۽ طبي امداد جو پڻ بندوبست ڪيو.
    ھن اڪثر ڪري اڳواڻيء وارا ڪم ڪيا ۽ شاھ عبداللطيف ڪميونٽي سينٽر اسلام آباد ۾ مني سنڌ ورڪنگ وومين ھاسٽل، يوٿ ھاسٽل، ڪميونٽي ھال ۽ آڊيٽوريم جي تعميرات لاء معروف ۽ سازگار ڪردار ادا ڪيو آھي.
    ھن سال ١٩٨۵ع ۾ شاھ عبداللطيف لائبريري قائم ڪئي ۽ سگا جي مقصدن جي عزم ۽ ارادن کي جاري رکيو، سنڌي ڪتابن رسالن ۽ ٻين سماجي ۽ ادبي گڏجاڻين ۽ سرگرمين کي ھٿي پڻ ڏني.
    ھن سال ٢٠٠٠ع ۾ شاھ عبدالطيف ڪميونٽي سينٽر ۾ ڊاڪٽر فيروز احمد انفارميشن اينڊ ريسورسز لائبريري جو قيام ڪيو ۽ ان کي پذيرائي ڏنائين ۽ سنڌي ڪتاب رسالا ۽ رپورٽون طلب ڪرڻ شروع ڪيائين جيڪو اڄ ٨٠٠٠ کان وڌيڪ ڪتابن ۽ رسالن جو ذخيرو بڻيل آھي.
    ھن مارچ ٢٠٠۵ع سنڌ حڪومت پاڪستان حڪومت ۽ ٻين ذريعن کان امداد طلب ڪري شاھ عبدالطيف ڀٽائي آڊيٽوريم جو رھيل تعميراتي ڪم پنھنجي نگراني ۾ مڪمل ڪرايو.
    ھن بيروزگار نوجوانن جي رھائش جي لاء مناسب قيمت تي شاھ عبدللطيف ڪميونٽي سينٽر جي حد اندر سگا يوٿ ھاسٽل قائم ڪرڻ جو منصوبو پيش ڪيو، ھن منصوبي جي لاء امداد حاصل ڪيو، سال ٢٠٠٦ع ۾ ان ھاسٽل جو افتتاح ڪيو ويو ۽ ان سھولت مان ھن مھل تائين ٧٠٠٠ کان وڌيڪ ماڻھو فائدو حاصل ڪري چڪا آھن،
    ھن سگا ڪميونٽي ھال جي تعميرات جي پڻ نگراني ڪئي ۽ سال ٢٠٠٦ع ۾ ان کي سگا جي ميمبرن جي ھفتيوار گڏجاڻين ۽ سرگرمين جي لاء ڪارگر بڻايو ويو.
    ھن ٢٠٠٨ع ۾ وفاقي حڪومت کان سڙي ويل سگا آڊيٽوريم جي بحاليء لاء امداد حاصل ڪيو ۽ سال ٢٠٠٩ع ۾ ان سھولت کي بحال ڪري استعمال ۾ آندو ويو.
    ھن شاھ عبدللطيف ڪميونٽي سينٽر ۾ ساوڪ ڪاري لاء تقريبن ٣٣ وڻ پوک مھم منظم ڪرايون جنھن ۾ سگا جي ميمبرن سميت سنڌي برادري جي ماڻھن سوين ٻوٽا پوکيا.
    ھن ھاڻي تازو ئي اسلام آباد ۾ سگا ورڪنگ وومين ھاسٽل جي تعميرات جي لاء سنڌ حڪومت کان ڏھ ڪروڙ رپين جو فنڊ حاصل ڪرايو، جنهن ۾ ١٠٠ بيڊن واري ھاسٽل مڪمل ٿي چڪي آهي جيڪا ڪرونا جي خاتمي کان پوءِ جلد ئي کولي ويندي.
    ھو سنڌ حڪومت جي سھڪار سان سگا (مرد) ھاسٽل ۽ گيسٽ ھائوس جي تعميرات جي ابتدائي ڪم تي ڪم ڪري رھيو آهي جيڪي انشاالله ايندڙ سال تعمير ٿي ويندو.
    هن قومي صلاحيت ۽ اتحاد جو مقصد هن جي پنهنجي ذميواري وسيلي ڪيو ۽ گذريل 43 سالن تائين سگا جي مقصد ۽ اهداف حاصل ڪرڻ لاء مسلسل ڪوششون ڪندو رھيو آھي.
    اسلام آباد ۾ سنڌي برادري جي قيام سان گڏ پنھنجي بيغرض رضاڪارانا معاشري جي فلاحي خدمتن کي ساراھيندي سگا کيس چار ڀيرا انعامن سان نوازيو آھي.
    سندس ڏھاڪن کان وٺي ڊگھي محنت جوش ۽ ڪوششن سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن ۽ شاه عبدللطيف ڪميونٽي سينٽر (مني سنڌ) جي مثبت مستقبل کي وفاق جي گاديء جي ھنڌ ۾ يقيني بڻائي ڇڏيو آهي.

    اڄ سائين محمد يوسف ميمڻ صاحب جو جنم ڏينهن آھي سندس صحت ۽ دراز عمر جي لاءِ دعا ڪجي ٿي شل مالڪ کيس سُک ۽ سلامتي عطا ڪري آمين.
     
  2. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    تاريخ جو حصو آهي اوهان جو مضمون.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو