لاڙڪاڻي جو عوامي شخص، حاجي منور علي عباسي....!

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏30 مارچ 2021۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    لاڙڪاڻي جو عوامي شخص، حاجي منور علي عباسي....!

    فقير محمد سنڌي

    زندگي تن جي سچ پچ ته آ زندگي،
    جي ٻين جي ڀلي لاءِ جئن ٿا سدا.
    ( واسديو نرمل )

    لاڙڪاڻي جو عوامي شخص، حاجي منور علي عباسي ،30 سيپٽمبر 1944ع تي خان محمد عباسي جي گهر ڳوٺ وليد لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. منور جي معني آهي، شفاف - چمڪندڙ. واقعي پنهنجي نالي جي معني وانگر خوبصورت شخصيت جو مالڪ رهيو. سدائين بھتر طريقي سان عوام لاءِ سوچيو، دنيا جي اندر سيبتائي گهڻن مشڪل ڪمن کي آسان ڪندي آهي. جنھن شخص ۾ تخليقي صلاحيت موجود هوندي آهي اُهي فرد وقت اچڻ تي بهترين منصوبابندي ڪري پنهنجي ڳوٺ، شهر ۽ صوبي جي ماڻهن لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. اهڙن شخصن ۾ حاجي منور علي عباسي به شامل آهي. جنھن جي زندگيءَ جا پاسا عوامي رهيا. عوامي شخص ٿي رهڻ هن دنيا ۾ ڪو سولو ڪم ڪونھي، اهڙو ڪم تاريخ ۾ بردبار شخص ئي ڪندا آهن. حاجي منور علي عباسي سدائين جدت ۽ نواڻ کي اوليت ڏني، جنهن جي ڪري حاجي منور علي عباسي ڪاميابي سان عوامي دلين ۾ پنهنجي لاءِ مضبوط جڳھ ٺاهي ورتي. ان عوامي بنيادن تي تاريخ حاجي منور عباسي کي ياد رکندي رهندي.

    تعليم :-
    حاجي منور عباسي ابتدائي تعليم وليدن مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ 1960ع ۾ پنهنجي شهر لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي. بي. اي ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان 1966ع ۾ پاس ڪيائين. ايل ايل بي گورنمينٽ لا ڪاليج لاڙڪاڻي مان 1981ع ڌاري ڪئي.

    سماجي خدمتون :-
    حاجي منور علي عباسي سماجي ڪمن ۾ پاڻ ملهايو. والي بال ۽ ڪرڪيٽ جو سٺو رانديگر پڻ هو. 1977ع ۾ ڊسٽرڪٽ ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن لاڙڪاڻي جو صدر ٿيو، 1989ع ۾ لاڙڪاڻي ڊويزنل ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن بورڊ جو ميمبر ۽ بورڊ آف ڪرڪيٽ ڪنٽرول آف پاڪستان(Bccp) جو تاحيات ميمبر رهيو.
    1983ع کان عباسي ڪلهوڙا تنظيم سنڌ جو سرپرست اعلي ۽ پڳدار رهيو. عباسي ڪلهوڙا تنظيم طرفان هر سال اکين جي آپريشن لاءِ وليدن ۾ ٽي ڏينهن مفت ڪيمپ جو انتظام ڪندو هو. ڪميونٽي سينٽر، نوجوانن لاءِ يوٿ پروگرام، پرائمري، سيڪنڊري گرلس اسڪول، ووڪيشنل سينٽر ۽ ان سان گڏ منور آباد محلي کي جديد سهولتن سان آراستا ڪرڻ سندس جو بنيادي عمل ۾ شامل هو. حاجي منور علي عباسي جي اوطاق شهرين ۽ ڳوٺاڻن لاءِ هر وقت کليل رهندي آهي، جيئن هر برادري جي فرد کي آساني سان انصاف ملي سگهي. شخصي تربيت ۾ پنهنجي مامي ڪامريڊ علي محمد عباسي ۽ پنهنجي والده ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي کان ڀرپور اتساھ حاصل ڪيو.
    حاجي منور علي عباسي جو سماجي ڪارنامو اهو به آهي ته :- ڪراچي ۾ سنڌين جي پاڪستان ڪوارٽرز، مارٽن ڪوارٽرز ۽ ايف. بي ايريا ۾ 252 ڪوارٽرن کي مارشل لا حڪومت ۾ بيدخل ٿيڻ کان بچائڻ آهي. حاجي منورعلي عباسي لاءِ ڏاھن جون چوڻيون ٿيون ياد اچن ٿيون.
    امبر شيرافگن جو زندگيءَ بابت خاڪو آهي ته : "زندگي مشڪل ضرور آهي مگر انساني قوت کان وڌيڪ مشڪل ڪونھي، همت سان، مستقل ۽ مسلسل محنت ڪندا رهو، ڪاميابي ضرور توهان جا قدم چمندي "
    ايديسن جي زندگيءَ جو تجربو آهي ته :"آءُ زندگيءَ ۾ڪڏهن ناڪام ڪونه رهيس، ڇا ڪاڻ ته مون هر ناڪاميءَ مان ڪجهه نه ڪجهه فائدو ۽ سبق ضرور سکيو. " انهن قولن ڏئڻ جو مطلب اهو آهي ته، جيئن اسان جي معاشري ۾ حاجي منور علي عباسي جو ڪردار شاندار آهي ائين ئي اسان جي نوجوانن، شاگردن، سماج سڌارڪ، سياسي ۽سماجي فردن کي اتساهه حاصل ڪرڻ گهرجي.

    سياسي زندگي:-
    بنيادي طور حاجي منور علي عباسي پ پ پ سان واڳيل رهيو ۽ پارٽي جو باني ميمبر جو اعزاز حاصل هيس. سياست ۾ 1970ع کان 1973ع تائين پاڪستان پيپلزپارٽي تعلقي لاڙڪاڻي جو صدر رهيو. 1973ع کان 1976ع تائين جنرل سيڪريٽري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پنهنجون سياسي خدمتون سرانجام ڏنائين. سياست ۾ تڪليف وارو پاسو ضرور ايندو آهي ۽ ان تڪليف کي مانجھي مڙس دليريءَ سان منهن ڏيندا آهن. اهڙو ئي وقت حاجي منور علي عباسيءَ جي زندگيءَ ۾ به آيو. 1977ع کان 1986ع تائين مارشل لا حڪومت خلاف ۽ ايم آر ڊي جدوجهد ۾ مختلف وقتن تي اڍائي ٽي سال مختلف جيلن ۾ قيد ۽ بند جون تڪليفون به برداشت ڪيون. زندگيءَ جي قيد هستيءَ ۾ ڪيترائي موڙ اچن ٿا جيڪي انسان کي نه چاهيندي به پار ڪرڻا پون ٿا. جيڪي فرد ڏکين حالتن کي مات ڏين ٿا. اهي ئي امر رهڻا آهن. اهڙن فردن لاءِ شاعرن جي سرتاج حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي فرمايو آهي ته :
    پهرين ڪاتي پاءِ، پڇج پوءِ پريتڻو،
    ڏک پريان جو ڏيل ۾، واڄٽ جئن وڄاءِ،
    سيخن ماه پچاءِ، جي نالو ڳيڙئي نينهن جو.
    ان سختي واري دور ۾ حاجي منور علي عباسي جو سياسي سفر ڏينهون ڏينهن پنهنجي منزل طئي ڪندو رهيو. ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي ۾ حاجي صاحب پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. ايم آر ڊي تحريڪ هلڻ بعد 1983ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي حڪم تي سڀني عهدن تان دستبردار ٿيو. جنهن شيءَ کان دستبردار ٿيڻ به اڳيئن قوت کي شڪست ڏيڻ جي برابر آهي، اهو عمل سياست جي ميدان ۾ دل ۽ گردي وارا شخص ڪندا آهن.
    حاجي منور علي عباسي 1987ع ۾ پارٽي پاران لاڙڪاڻي ميونسپل ڪاميٽي جو ميمبر ۽ ميونسپالٽي جو چيئرمين ٿيو. 18هين نومبر 1988ع تي پاڪستان پيپلزپارٽي پاران لاڙڪاڻي مان سنڌ اسيمبليءَ ميمبر چونڊيو، 1989ع ۾ صوبائي وزير ٽرانسپورٽ ۽ بهبودي آبادي پوءِ 4هين آگسٽ 1990ع تي صوبائي وزير بلديات بڻيو. 8هين آڪٽوبر 1993ع تي لاڙڪاڻي جي تڪ تان مير مرتضي ڀٽو جي مقابلي ۾ اميدوار بيٺو ۽ ٿورن ووٽن تان هارايو، ان اليڪشن ۾ مير مرتضي ڀٽو ورڪ سندس امڙ بيگم نصرت ڀٽو ڪئي جنهن جي ڪري مير مرتضي سوڀارو ٿيو.
    3 فيبروري 1997ع تي وارھ تڪ تان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو ۽ 1999ع تائين سنڌ اسيمبليءَ ۾ سنڌ جي قومي مسئلن تي ڀرپور ڌيان ڏنو. حاجي منور علي عباسي پنهنجي قسمت ۽ عمل تي برابر جي زندگي گذاري، هٿ جو ڪشادو انسان، سچ جو ساٿاري ۽ قول ۽ فعل ۾ کرو انسان ڪوڪو آهي هن زماني ۾ پنهنجي زندگيءَ جي پلن کي رائگان نٿي ڇڏيو ۽ هن خوف ورتل سماج ۾ اڳڀرائي جي ڪوشش ڪئي.
    2020ع انساني زندگيءَ لاءِ خوف جي علامت بڻيل رهيو. جنھن ۾ معيشت، عبادت، صحت، تعليم ۽ زندگيءَ جو هر ڪاروهنوار ٺپ ٿي ويو، روحاني سڪون بخشيندڙ هنڌ بند ۽ محدود دائري ۾ اچي ويا انهيءَ ويل حاجي منور عباسي جهڙن فردن جي ضرورت هئي. ۽ اهو ڪردار عباسي ڪلهوڙا تنظيم ادا به ڪيو. پر انسان ڪري به ڇا! موت اٽل آهي، جنهن سان هر ساھ واري کي منهن مقابل ٿئڻو آهي. اهڙئي امتحان مان لاڙڪاڻي جي عوام کي به گذرڻو پيو، 26هين جون 2020ع تي مسيحائي ڪردار رکندڙ حاجي منور علي عباسي راھ رباني ورتي. آخري آرام گاهه وليد محلا عرب پير مقام ۾ اٿس.
    آخر ۾ حاجي منور علي عباسي لاءِ واسديو موهي جون هي سٽون ته :

    اگهه جيڪي ڏئي، ڪڇڻو ناهي،
    وزن پگهر جو ڪرڻو ناهي.
    ترت ٻئي تاراپڻ ڏيندس،
    سج کي هيڻو رکڻو ناهي.
    ڪنھن جي به مدد نٿو ڪريان مان،
    ڀڳوان بڻي رهڻو ناهي.
    هيٺ رديءَ ۾ پيو هو جيون،
    صاحب وٽ ڪجهه ڇڏڻو ناهي.

    حوالا :
    لاڙڪاڻو ساھ سيباڻو - مرتب، گل محمد گاد. مارچ 1985ع.
    لاڙڪاڻو امر شخصيتون- مرتب، عبدالستار ڀٽي، لاڙڪاڻو ريسرچ اڪيڊمي. آگسٽ 2000ع.
    سنڌ جي تاريخ( سهيڙيل تاريخ وار)-فقير محمد سنڌي ،قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو، 2013ع.
    ماڻڪ موتي سنڌ جا - پروفيسر عبدالستار بلوچ، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، 2017ع.
    منهنجون لاڙڪاڻو، ساھ سيباڻو -( ريڊيو اسڪرپٽ )
    فقير محمد سنڌي ،( اڻ ڇپيل )..
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو