بابا سائين مٺل خان مسڻ

'شخصيتون ۽ خاڪا' فورم ۾ ساجد مسڻ طرفان آندل موضوعَ ‏17 سيپٽمبر 2021۔

  1. ساجد مسڻ

    ساجد مسڻ
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2021
    تحريرون:
    16
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    بابا سائين جي جنم ڏينهن جي مناسبت سان...
    ساجد مسڻ
    انسان جڏهن هن دنيا ۾ اک کولي ٿو ته هن کي ڪيترائي ئي رشتا ملن ٿا، جن ۾ ماءُ، ڀيڻ، ڀاءُ سوٽ، ماسات، پڦاٽ وغيره وغيره اچي وڃن ٿا؛ پر انهن سڀني رشتن ۾ جيڪو شرف الله سائين والد کي ڏنو آهي، اهو قابل تعريف ۽ قابل داد پڻ آهي.

    جئين حديث مبارڪ آهي ته "پيءُ جي راضپي ۾ رب جو راضپو شامل آهي".

    اسان کي ان حديث جي روشني ۾ والد صاحب جي اهميت و افاديت جي خبر پوي ٿي.

    والد ئي صرف اهڙو رشتو آهي، جيڪو پنهنجي پٽ سان ڪيتري به ڪاوڙ ڇو نه ڪري، پر اها هن جي عارضي ڪاوڙ هوندي آهي، ان ڪاوڙ ۾ ڪا به منافقت نه هوندي آهي، ان ڪاوڙ ۾ ڪا به نفرت نه هوندي آهي، نه ئي ان ڪاوڙ ۾ ڪا بدلي وٺڻ جي باھ شامل هوندي آهي، جيئن دنياوي طور ٻين عام رشتن ۾ ناسهپ، اڻ برابري ۽ اجنبيت ۽ بدلي وٺڻ لاءِ صرف موقعو گهربل هوندو آهي.

    اهو والد صاحب جو رشتو ئي هوندو آهي، جيڪو پنهنجي اولاد کي، پنهنجي پهرين ترجيح ۾ شامل ڪندو آهي، پنهنجي خواهشن کي پٺ تي رکي اولاد جي خواهش کي پهرين اوليت ڏيندو آهي.

    اهو صرف والد صاحب جو ئي رشتو آهي، جيڪو بنا فرق جي پنهنجي اولاد کي هر شيءَ وٺي ڏيندو آهي، اهو صرف والد صاحب جو ئي رشتو آهي، جيڪو پنهنجي اولاد جي ساراه ٻڌڻ تي تمام گهڻو خوش ٿيندو آهي،جيڪو ظاهري طور ڀلي پٽ جي حالت تي ڳڻتي ظاهر ڪندو هجي، پر پٽ جي ساره ٻڌڻ کان پوءِ ان ۾ ڄڻ نئون روح ڦوڪجي ويندو آهي، هو وري پر اميدي سان جيئڻ لڳندو آهي،وري پٽ جي روشن مستقبل جا خواب ڏسڻ شروع ڪندو آهي، اهو صرف پيءُ ئي آهي،جنهن کي درياهه دل هوندي آهي، جيڪو پٽ جون سڀئي ننڍيون توڙي وڏيون غلطيون عام غلطيون سمجهي نه صرف درگذر ڪندو آهي، بلڪ معاف پڻ ڪندو آهي.

    قدرت جي نعمتن مان جيڪا بي بها نعمت آهي، اها فقط پيءُ ئي آهي.
    اڄ منهنجي مٺڙي پيءُ محترم مٺل خان مسڻ جو جنم ڏينهن آهي، جيڪو ڏينهن منهنجي لاءِ دنيا جي سڀني خوشين وارن ڏينهن کان افضل، اتم ۽ اعلي' آهي.
    چيو ويندو آهي ته والدين جي خوشي ملهائڻ يا والدين کي خوشين ڀرين موقعن تي خوش رکڻ سان رب پاڪ به راضي رهندو آهي.

    دعا آهي ته مالڪ سائين بابا سائين کي اڃا به وڌيڪ خوشيون عطا فرمائي ۽ خضري حياتي ڏي...

    جڳ جڳ جيئو شال سدائين بابا سائين!
    آمين ثم آمين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو