غلام قادر مسڻ جنم جي ڏينهن تي لکيل سٽون

'شخصيتون ۽ خاڪا' فورم ۾ ساجد مسڻ طرفان آندل موضوعَ ‏17 سيپٽمبر 2021۔

  1. ساجد مسڻ

    ساجد مسڻ
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2021
    تحريرون:
    16
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    پنهنجي پر ۾ ڇا پئي ڄاڻو، سو آ ماڻهو موتيءَ داڻو...

    جنم ڏينهن جي مناسبت سان...

    عوام دوست پوليس آفيسر ۽ محبتي ماڻهو غلام قادر مسڻ!

    اڄ منهنجي وڏي ڀاءُ محترم غلام قادر مسڻ جو جنم ڏينهن آهي،سندس جنم 6 مئي 1980ع تي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ، تعلقه نصير آباد ڀرسان واقع تاريخي ڳوٺ چنهڙ ۾ هڪ پرائمري استاد مٺل خان مسڻ جي گهر ۾ ٿيو.

    ان حقيقت کان گهڻا ئي منهنجا دوست ۽ احباب بي خبر هوندا ته هي نه صرف منهنجو وڏو ڀاءُ آهي، پر هن تي اسان جي ڏاڏي سائين جو نالو به رکيل آهي، هونهن به چيو ويندو آهي ته وڏو ڀاءُ پيءُ جي برابر هوندو آهي، پر خوش قسمتيءَ سان بابا سائين به هن کي پنهنجي ئي والد صاحب واري نظر سان ڏسندو آهي،يعني' روحاني طور اسان جي ڏاڏي جيترو درجو به هن جي حصي ۾ اچي ٿو.

    مان جڏهن ڇهين ڪلاس ۾ پڙهندو هيس ته پاڻ 2002ع ۾ جنرل پرويز مشرف جي دور حڪومت ۾ ڪميشن جو امتحان پاس ڪري پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ اي-ايس _آءِ ASI ٿيو هو، حقيقت اها آهي ته ان وقت مونکي ڏاڍي پريشاني ٿيندي هئي، جڏهن هي ڊيوٽي سبب گهر ۾ نه هوندو هو، ۽ مان هن کان اسڪول جي هوم ورڪ ۾ مدد وٺڻ جو هريل هوندو هيس، تقريري مقابلن ۾ حصو وٺندس هيس ته سندن کان ئي تقريرون لکرائيندو هيس.

    هي طبيعت ۾ تمام سادو، اصول پرست، بردبار، خوددار،عاجز ۽ انڪسار آهي. پاڻ پنهنجي زندگيءَ جو منشور غريبن جو غمخوار، يتيمن جو يار، مسڪينن جو مددگار، پاڙيوارن جي ڏک سک ۾ ڀاڱي ڀائيوار،مٽ مائٽ جو ڏکي وقت ۾ سهارو ثابت ٿيڻ وارو بڻائي ڇڏيو آهي.

    هي خودادادي صلاحيتن سان ڀرپور آهي، مالڪ سائين هن کي صبر ۽ شڪر جي دولت سان مالا مال ڪيو آهي.
    پاڻ هر ڪم صبر، شڪر، حڪمت عملي ۽ ڏاهپ سان ڪندو آهي، جيتوڻيڪ اسان ڪڏهن ڪڏهن جلدبازي ۾ اچي ڪري، هن تي ڪاوڙ جو اظهار به ڪندا آهيون ته توهان هن وقت تائين هي ڪم به نه ڪري سگهيا آهيو، پر حقيقت اها آهي ته ان ڪم جي پورائي کانپوءِ ئي اسان کي هن جي حڪمت عملي ۽ ڏاهپ نظر ايندي آهي، پوءِ ته اسان کي شرم ساري جو ئي منهن ڏسڻو پوندو آهي.

    هي سماجي طور نه صرف بهترين عوام دوست پوليس آفيسر ثابت ٿيو آهي، پر ساڳي وقت تي گهر ۾ سڀني ڀاتين جي خوشين جو ڀرجهلو پڻ آهي. جڏهن هي گهر پهچندو آهي ته گهر جا سڀئي ٻار خوشيءَ مان چاچا ڊيوٽي وارو اچي ويو؛ واري نعري سان سندس معمول موجب ڀليڪار ڪندا آهن،ساڻس مذاق ڪندا آهن، راند روند ڪندا آهن، گهر جا ننڍڙا ٻار هن کي ٻار سمجهي، ٻاراڙڪي راند ۾ خوشي سان شامل ڪندا آهن، پاڻ به سندن جي خوشين کي مانُ ڏيندي،ٻارڙن سان وقتائتو ٻار ٿي ويندو آهي، مان سمجهان ٿو معصوم ٻارڙن جي ايتري شديد محبت ڪنهن ڪنهن خوشنصيب انسان کي ئي نصيب ٿيندي آهي.

    علم و ادب سان ٿورو گهڻو منهنجو تعلق رهيو آهي، پر حقيقيت اها آهي ته مان جڏهن به ڪاٿي مُنجهي پوندو آهيان ته سندن کان ئي مدد وٺندو آهيان، هن کان ئي مضمون چيڪ ڪرائيندو آهيان،ڪڏهن ڪڏهن ته پاڻ کان ئي ڪنهن خاص موضوع تي لکرائي به وٺندو آهي، جڏهن مان اهو مضمون چيڪ ڪندو آهيان ته ان جو معيار مون واري مضمونن کان گهڻو بهتر هوندو آهي، اها ڪيڏي نه حيرت انگيز ڳالھ آھي جو پاڻ پوليس آفيسر هجڻ سان گڏوگڏ لڪيل بهترين اديب پڻ آهي.

    پاڻ ڪڏهن به پاڻ وڻائڻ يا تڪڙي ۽ سستي شهرت حاصل ڪرڻ جو شوق رکندڙن مان ناهي، اسان جي هن سماج ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا اهڙا ڪردار ملندا، جيڪي پاڻ کي پوئتي رکي، هميشه ٻين کي موقعو ڏيندا هجن.

    اڄ هن جي سالگره جي موقعي تي مان اهو اعتراف پڻ ڪيان ٿو ته،مان هن جي لاءِ ڪجهه به نه ڪري سگهيو آهيان،سدائين هن کي رنجايو آهي، هميشه جائز يا ناجائز پنهنجون ئي خواهشون پوريون ڪرايون آهن،پنهنجو ئي مفاد رکيو آهي،هر ڳالھ تي بضد ٿي پنهنجي ئي ڳالھ کي ترجيح ڏني آهي،پنهنجي ئي ڳالھ مڃرائي آهي،پاڻ به وري ايترا مهربان، وڏي دل رکندڙ، وسيع سوچ جا مالڪ جو پنهنجي خواهشن کي پوئتي رکي، اسان کي ترجيح ڏني آهي.

    جڏهن ته مونکي يونيورسٽي تائين تعليم ڏيارڻ سندن جو ئي خواب هو، مان اڄ به شرمسار آهيان ته سندن جي خواب جي تعبير اڄ تائين پوري ناهيان ڪري سگهيو.

    هن عظيم انسان وڏي ڀاءُ جي حيثيت سان، اسان کي ڱپيءُ وانگر ئي شفقت ڀريو هٿ رکيو آهي، سڀني ننڍن توڙي وڏن معاملن کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪرڻ،انتها حد تائين به صبر ڪرڻ، هميشه جيان اڄ تائين ننڍو ڀاءُ سمجهي درگذر ڪندو آيو آهي،جيڪا ڳالھ هر وڏو ڀاءُ ائين برداشت ڪري نه ٿو سگهي.


    مون کي ته ان ڳالهه تي به حيرت ٿيندي اٿم جو سندس ظاهري خير خواه، پاڻ کي ساڻس سچا، همدردي ۽ هڏڏوکي سمجهندڙ به کيس گهڻن موقعن تي استعمال ڪري ويندا آهن، تڏهن به پاڻ روايتي طور صبر و شڪر جو رستو اختيار ڪندو آهي، اهڙيون بي مثال ۽ لازوال خوبيون ڪنهن ڪنهن انسان جي نصيب ۾ اينديون آهن.

    اڄ سالگره جي هن خوشيءَ ڀري موقعي تي هن لاءِ کوڙ ساريون دعائون ۽ نيڪ تمنائون آهن ته پاڻ ڪٿي به رهن، سدائين شاد آباد رهن، پنهنجي زندگيءَ ۾ ٺاهيل منشور تي عمل ڪندي زندگي گذارين، ڇاڪاڻ ته ٻين جي لاءِ ئي زندگي گذارڻ اصل زندگي جو مقصد به اهو ئي آهي.

    تڏهن ته ڀٽائي صاحب به اهڙن ڪردارن لاءِ چيو آهي ته:
    ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج،
    ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو