محترم جناب امتياز ابڙو جي لکين ڪالمن جو مجموعو

'سنڌي ادب' فورم ۾ عبدالوهاب طرفان آندل موضوعَ ‏20 آگسٽ 2010۔

  1. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب امتياز ابڙو جي لکين ڪالمن جو مجموعو

    وتائي فقير سان ڪچهري!



    ڇنڇر 19 مئي 2007ع

    -توهان کان سوال پڇنداسين.

    وتايو: اڇا...معنيٰ توهان وڪيل آهيو؟

    -نه نه...اسين توهان کان انٽرويو جا سوال پڇنداسين.

    وتايو: پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته توهان اهڙا سوال ڪري ڪهڙا نوان سوال اٿارڻ ٿا چاهيو...؟ اهو ته امان پڇندي هئي ته وتايا، هاڻي توکي شاديءَ لاءِ ”ها“ چوڻ گهرجي، ڇو ته اهو منهنجي زندگيءَ ۽ موت جو سوال آهي...۽ آئون به امان کي اهو ئي چوندو هوس ته، ”شادي ان ڪري ته ڪو نه ٿو ڪريان جو اهو تنهنجي ئي زندگي ۽ موت جو سوال آهي..!“

    -توهان پنهنجو پاڻ کي فقير ڇو ٿا سڏايو؟

    وتايو: آئون پنڻ وارو فقير ڪونه آهيان...آئون ته بس لَڪِير جو فقير آهيان ...هڪڙي ڏينهن آئون ڳوٺ جي وڏيري جي چاليهي جي ڀت تان موٽي رهيو هوس ته ڪجهه ڪتا مون کي اڪيلو ڏسي ڀئونڪڻ لڳا... تڏهن مون کي پهريون دفعو خبر پئي ته آئون چاليهَن جا ڀَت کائي کائي فقيرن جهڙو ٿي ويو آهيان. جيتوڻيڪ اسان جي ڳوٺ جا ڪتا پهرين فقيرن جي پٺيان ڪونه ڀئونڪندا هئا...اهو رواج مون اچي وڌو..!

    -توهان جو ڪافي سالن کان پوءِ سنڌ اچڻ ٿيو آهي...توهان کي سنڌ جي ماڻهن ۾ ڪا تبديلي نظر آئي؟

    وتايو : نه...هي اڳي به مڇيءَ کي ”مَشِي“چوندا هئا...هاڻي به ”مَشِي“ئي چوندا آهن...البت اها تبديلي آهي ته هي اڃا تائين گڏهه کي به گڏهه ئي چوندا آهن. گڏهه کي گهوڙو رڳو ان مهل چوندا آهن، جنهن مهل هنن کي گهوڙن کي چيڙائڻو هوندو آهي...!

    - اسان ٻڌو آهي توهان کي ماحولياتي گدلاڻ جي سلسلي جي هڪ سيمينار ۾ سڏايو ويو آهي...

    ڇا توهان جي دور ۾ ماحولياتي گدلاڻ هئي؟

    وتايو : اسان جي دور ۾ به هئي....پر اسان ڪنهن کي ٻڌائيندا ڪونه هئاسين، متان انهي تي سيمينار نه ڪرائڻا پون... هڪڙو ڇوڪرو منهنجي گهر جي ٻاهران باٿ روم ٺاهيو ويٺو هو ۽ ماحولياتي گدلاڻ ڦهلائي رهيو هو...مون هن کي ڪَن کان جهلي چيو هو ته ڪنهن جو پٽ آهين؟

    -پوءِ ڇا ٿيو؟

    وتايو : پوءِ ڇا، سڀ لطيفا توکي هتي ئي ٻڌائي ڇڏيان ڇا؟...باقي لطيفو منهنجي ڪتاب ۾ پڙهي ڇڏجان...!

    -توهان کي خبر آهي....توهان جون ڳالهيون ٻڌي ماڻهو ڏاڍو کلندا آهن؟

    وتايو : ڇو آئون ڊس انفرميشن منسٽر آهيان...؟

    -نه...دراصل توهان جي لطيفن ۾ وڏو سبق هوندو آهي؟

    وتايو : سبق ته ٺهندا ئي ان ڪري آهن ته جيئن انهن کي ڪير به حاصل نه ڪري سگهي...جيئن اها ڳالهه جنهن کي هڪ ڪَن مان ٻُڌي ٻئي ڪَن مان ڪڍي ڇڏجي ته ان ڳالهه کي نصيحت چئبو آهي!

    -توهان پنهنجي ماءُ جي نالي ايئن ڇو چيو هو ته .. هڪڙي ڳالهه امان جي هٿ ۾ آهي ...وڻيس ته ڀت رڌي، وڻيس ماني پچائي....؟

    وتايو : ها...پر هڪڙي ڳالهه مون کي چوڻ وسري ويئي...۽ اها هيءَ ته ڪڏهن ڪڏهن امان ٻئي ڪم ڪندي هئي..يعني ڀَتُ به رڌيندي هئي ۽ ماني به پچائيندي هئي...!

    -توهان جي انهي ڀت ۾ ڪهڙي فلاسافي هئي؟

    وتايو : ڀت ۾ رڳو چانور هوندا آهن!

    - توهان جي لطيفن ۾ توهان جي ماءُ جو ذڪر گهڻو ڇو آهي؟

    وتايو : ڇو ته جنهن مهل آئون پيدا ٿي رهيو هوس ته امان ئي منهنجي قريب هئي!

    - ڀلا ڇو توهان جي قصن ۾ ڪٿي به توهان جي زال جو ذڪر ڪونهي؟

    وتايو: توهان منهنجي زال جا قصا پڙهو...انهن ۾ وري منهنجو ذڪر ڪونه هوندو... دراصل مونکي گهڻو ته ياد ڪونه ٿو پوي، پر شايد مون شادي ڪانه ڪئي هئي...۽ مون شادي ان ڪري ڪانه ڪئي هوندي جو هڪ دفعي منهنجي ماءُ بابي کي چيو هو ته ”هي ٻاهران ننڍڙو گهمائي اچ!“ ته بابي چيو هو ”هر هر ٿي چوين...ٻار گهمائي اچ...ڇا آئون ٽانگو آهيان؟“...ان کان پوءِ منهنجي دماغ ۾ اهو ويهي رهيو ته شادي ڪرڻ معنيٰ ٽانگو هلائڻ...!

    - توهان تعليم حاصل ڇو نه ڪئي؟

    وتايو : اسان جي دور ۾ تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ جيڪي ڪجهه حاصل ٿيندو هو، اهو ته اسان وٽ اڳ ۾ ئي موجود هو...جيئن اڄ صبح هڪ شاگرد کان پڇيم ته ”پٽ تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ توکي ڇا حاصل ٿيو ؟“ چيائين ”تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ بس اها تعليم ئي حاصل ٿي...!“ آئون وري تعليم حاصل ڪريان ها، اگر ان ۾ امتحان نه هجن ها...مون کي ته ڏکئي ۾ ڏکيو ڪم لڳندو ئي هو امتحان ڏيڻ، ان ڪري ته مون شادي به ڪانه ڪئي... جو اهو اهڙو امتحان آهي، جنهن ۾ فرسٽ ڪلاس ته آهي ڪونه، سيڪنڊ ڪلاس ڪنهن کي ملي ڪونه..۽ ٿرڊ ڪلاس اڄ تائين ڪنهن کنيو ڪونه ..!

    - توهان جي دور ۾ هٿيار هوندا هئا؟

    وتايو : هوندا هئا...پر اسان جي دور ۾ حڪمرانن زنانين جتين تي لائيسنس مقرر ڪري رکيو هو... مون ڏٺو آهي ته هن دور ۾ به گهڻي کان گهڻو هٿيار اهو ئي ٿو استعمال ٿئي!

    - توهان کي خبر آهي ته توهان جا لطيفا اليڪشن ۾ ٻڌائي، ماڻهن کي کلايو ويندو آهي؟

    وتايو: انهي جي ضرورت به نٿي رهي...اليڪشن ۾ ته ماڻهو بغير لطيفن جي به پيا کلندا آهن!

    -توهان جي لطيفن ۾ ڪافي هنڌن تي توهان جلدبازي ڪندي نظر اچو ٿا؟

    وتايو: جيڪي جلدباز هوندا آهن، اهي ڇهن ستن ٻارن جا پيءُ ٿي ويندا آهن... منهنجو ايمان آهي ته سُستي هزار نعمت آهي...جيڪڏهن هزار نعمت نه هجي ته به سُستيءَ مان سئو سئو واريون ڏهه نعمتون ٺهي وينديون... سُست ۽ جلد باز ۾ رڳو اهو فرق آهي ته جيڪو سائيڪل هلائي پيو، اهو جلد باز آهي ۽ جيڪو سائيڪل جي پٺيان ويٺو آهي اهو سست آهي!

    - توهان جي دور ۾ آزادي ڪيتري هئي...؟

    وتايو: اسان جي دور ۾ ايترو ته ساهه کنيو ويندو هو جو جيترو ساهه کڻڻو هوندو هو، بس اوترو ئي کڻندا هئاسين، مٿي ڪونه کڻندا هئاسين....اسان جي ڳوٺ ۾ جڏهن اڃا آڪسيجن به ڪانه پهتي هئي تڏهن وڏيري کي چيوسين ته ”اليڪشن کٽيو ته ڳوٺ کي آڪسيجن منظور ڪرائي ڏجو...!“ وڏيري چيو ”ڪوشش ڪريون ٿا...في الحال توهان هوا مان ساهه کڻو!“

    -ڇا توهان جي دور ۾ ماڻهو مهمان نواز وڌيڪ هئا...؟

    وتايو: ها....اڄڪلهه ڪنهن وٽ پهچي چئبو ته آئون توسان ملڻ آيو آهيان ته همراهه خوش ٿيندو آهي...۽ وري چئبو ته آئون ماني به کائي آيو آهيان ته اڃا به وڌيڪ خوش ٿيندو آهي!

    -توهان کي هيءُ اسان جو جمهوري دور ڪيئن لڳو؟

    وتايو: چون ٿا ته هتي ماڻهن کي ڳالهائڻ جي آزادي آهي ...پر مونکي ته هتي ڳالهائڻ جي آزادي ڏسڻ ۾ نه آئي...ايتري قدر جو زال سان موبائيل تي ڳالهائڻ لاءِ به پهرين ڪارڊ ٿو وٺڻو پوي...!

    abro_Imtiaz@hotmail.com
     
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب امتياز ابڙو جي لکين ڪالمن جو مجموعو

    سبق ساڳيو: چمچو



    جمع 25 مئي 2007ع

    هن سبق ۾ اسين پڙهنداسين ته:

    (1) اهي قدرتي چمچا جن جي ڪري ملڪي ترقي ممڪن ٿي آهي.

    (2) هٿرادو ۽ قدرتي چمچن ۾ فرق؟

    (3) سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ غيرسرڪاري چمچا!

    گذريل سبق ۾ اسين پڙهي آيا آهيون ته خانداني چمچا ڇا آهن ۽ انهن جي افزائشِ نسل لاءِ هيستائين ڪهڙا اُپاءَ ورتا ويا آهن. چمچا زراعت لاءِ جيترا مفيد آهن، اوتري وري زراعت چمچن لاءِ هاڃيڪار ڇو آهي... مٿئين شڪل نمبر 420۾ جيڪو چمچو توهان ڏسو پيا، اهو خود به چار سئو ويهه آهي...جيڪڏهن شڪل توهان کي ڏسڻ ۾ نه پئي اچي ته سمجهو ته انهيءَ چمچي جي شڪل ئي اهڙي آهي، جو انهيءَ کان شڪل نه هجي ته اهو سٺو آهي...!

    سنڌ جي اتر جي به اتر ۾ ڳپل حصي مان چمچن جا چشما وهن ٿا...هتي وڏي مقدار ۾ سٺي قسم جو گولڊن چمچو به لڌو ويو آهي. انهن چمچن جي افزائشِ نسل لاءِ دوست ملڪن آمريڪا ۽ برطانيا جي سهڪار سان وڏا چمچن جا ”اِسپوُن فارم“ کولڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي.

    چمچي جي وصف:

    ڪجهه ماڻهو چمچا گيريءَ کي عادت سمجهندا آهن، ڪي نوڪري سمجهندا...۽ ڪن جي خيال ۾ چمچا گيري هڪ فن آهي...پڇيو ويو ”هڪ چمچي ۽ چور ۾ ڪهڙو فرق آهي؟“ جواب مليو، ”جيڪو منهن تي ڪوڙي تعريف ڪري، اهو چمچو ۽ جيڪو منهن تي سچي تعريف به نه ڪري ته اهو چور!“

    چمچن جي حفاظت:

    چمچن جي حفاظت اسان جي ذميواري آهي. چمچن جو نسل بچائڻ لاءِ اسانکي ڪهڙا اپاءَ وٺڻ گهرجن. پهرئين اهو ته چمچا گيريءَ جي ڪري ڪيترائي ماڻهو روزگار سان لڳل آهن...ٻيو اهو ته نوان چمچا پيدا ته ٿي وڃن ٿا، پر انهن کي ڪهڙن ادارن ۾ استعمال ڪجي...ان لاءِ حڪمتِ عمليءَ جي مٿان حڪمتِ بي عملي سوار آهي...چمچن جو به هڪ عالمي ڏينهن ملهائڻ گهرجي...۽ چمچا گيريءَ جا ڪتابچا ڇپائي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مفت تقسيم ڪيا وڃن ته جيئن ننڍو توڙي وڏو ”چمچا اِزم “ جو نظريو گهر ويٺي حاصل ڪري سگهي.

    چمچن جا قسم:

    چمچن جا قسم ايترا آهن جو شهر جا چمچا کٽي ويندا، پر قِسم نه کُٽندا...جيئن سياسي چمچو، هيءُ هڪ اهڙو چمچو آهي، جيڪو هر سماج لاءِ ضروري ٿئي ٿو...انهيءَ کانسوءِ ترقي ممڪن نه آهي...خود هٽلر جي ڪابينا ۾ پنجاهه کن ته رڳو وڏي سائيز جا چمچا هوندا هئا...جارج واشنگٽن ته چمچن کي ڳوليندو هو...۽ چمچن جا مقابلا ڪرائي جيڪو نَڪَ جو ڏاڍو چمچو ڳوليندو هو، ان کي انفرميشن منسٽر بنائي ڇڏيندو هو...!

    هڪ ٻيو اهم قسم”ثقافتي چمچو“ هر دور ۾ خود به خود پيدا ٿيندو رهندو آهي...ان کان سواءِ ” خانداني چمچو “ وري سستو چمچو هوندو آهي، جيڪو هر جاءِ تي لڀجي ويندو...يعني هڪڙو ڳولبو آهي ته6 ملندا آهن...جيئن هڪ مشهور چمچي کان سندس قسم پڇيو ويو ته چيائين، ”آئون ته چمچن جو به چمچو آهيان!“

    چمچن جي تاريخ:

    ڪجهه ماڻهو سوني چمچي سان گڏ پيدا ٿيندا آهن، ڪي چمچن جي گهرن ۾ پيدا ٿيندا آهن، ڪي وري وڏا ٿي پوءِ چمچا ٿيندا آهن...ڪن کي مرڻ تائين چمچو ٿيڻ جي جستجو هوندي آهي، پر ٿي نه سگهندا آهن...ڪن کي چيو ويندو آهي ته چمچو ٿيءُ پر رڳو انهي ڊپ ۾ نه ٿي سگهندا آهن ته جيڪڏهن سٺو چمچو ثابت نه ٿيس ته ٻيا چمچا کلندا...اسڪالر انهيءَ ڳالهه تي اڃا ورهايل آهن ته، ”اسان وٽ سڀ کان وڌيڪ چمچا ڪهڙي دور ۾ رهيا آهن؟“ ڪن جو خيال آهي ته ايوب وارو دور، ڇو ته اڃا شروعاتي دور هو، ان ڪري چمچن تڏهن ايترو فروغ حاصل نه ڪيو هو...ان ڪري ايوب جو دور چمچن جو ارتقائي دور آهي...ڀُٽي جي شروعاتي دور ۾ چمچا ته موجود هئا، پر انهن کي اڃا سرڪاري سرپرستي حاصل نه ٿي هئي...ان وقت سنڌ جي ڪجهه مشهور چمچن کي ته اها به خبر ڪا نه هوندي هئي ته اسين جيڪا پگهار کڻون پيا، اها نوڪريءَ جو پيا کڻو، يا سٺي چمچا گيريءَ جي...اسڪالر انهن ٻنهي دورن تي تحقيق ڪرڻ کانپوءِ خاموش ٿي ويا. ان جو جڏهن سبب پڇيوسين ته خبر پئي ته اسڪالر هاڻي خود چمچا گيريءَ ۾ لڳي ويا آهن!

    چمچن جي اهميت:

    چمچا گيريءَ جي فروغ لاءِ هڪ يونيورسٽي کولي پئي وڃي، جتي مختلف ڪورس آهن، جيئن ”سنهي ڪرڻ“...اهو ٻن سالن جو ڊپلومه ڪورس آهي...”مکڻ لڳائڻ“...هڪ سال جو ڪورس، جنهن ۾ مکڻ شاگرد کي پاڻ کڻي اچڻو پوندو ۽ يونيورسٽيءَ وارا رڳو مکڻ لڳائڻ سيکاريندا، ڇو ته اڄڪلهه جيڪو سٺو مکڻ يونيورسٽين ۾ لڳايو وڃي ٿو، اهڙو ٻيو ڪٿي به نٿو لڳايو وڃي!

    اضافي سرگرميون:

    ورلڊ بئنڪ جي رپورٽ آهي ته چمچا گيريءَ جي شرح تسلي بخش ناهي...ان ڪري سال ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنج لک چمچا اڃا به تيار ڪرڻا پوندا، تڏهن وڃي اسان ملڪي ايڪاناميءَ ۾ پنهنجن پيرن تي کڙا ٿينداسين! جيتوڻيڪ ان رپورٽ کي غلط ڄاڻائيندي اسان جي دوست گلڻ ڪاسائيءَ جو چوڻ آهي ته، ”اسان وٽ چمچا ايترا آهن جو هڪ سروي مطابق هر ڏهن سرڪاري ملازمن مان اٺ چمچا آهن!“ پڇيوسين، ”باقي ٻه ملازم ڪيڏانهن ويا؟“ چيائين، ”اهي ان ڏينهن موڪل تي هئا!“

    اهم شخصيت:

    باباءِ چمچا جناب سَر ڪفگير ڪانٽائيءَ جا وڏا آيا ته خبر ناهي ڪٿان هئا، پر هن صاحب پنهنجين سڻڀين صلاحيتن جي بَدولت انگريزن جي دور ۾ چمچا گيريءَ جا ٽي قانون ايجاد ڪيا...پهريون آڍ مَهٽ ڪرڻ...ٻيون چَمپي ڪرڻ ۽ ٽيون سڌي سَنئين مالش ڪرڻ...ڪنهن پڇيو، ”سائين اهو سڀ ڪجهه ڪندي حجاب محسوس ٿئي ته پوءِ...؟“ ته پاڻ مشهور تاريخي جملو ورجائيندي چيائون ”عزت ۽ پئسو اچڻي وڃڻي شئي آهي...هڪ مضبوط چمچو بي عزتين کان نه ڊڄندو آهي!“

    چمچي بنجڻ لاءِ هن انگريزن لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون، ايترو جو هي پاڻ انگريزن جي زالن کي چمچا گيريءَ جي ٽيوشن ڏيندو رهيو! شروعاتي ڏينهنِ ۾ هيءُ هڪ انگريز جي نوڪر جي گهر ۾ به نوڪر هو...اهو نوڪر هڪڙي اليڪشن ۾ بيٺو ته هن سڄي شهر جي بهترين چمچن کي گڏ ڪيو ۽ همراهه کي ايترن ته ووٽن تان کٽرايو جو ايترا ووٽ ته ووٽر لسٽ ۾ به ڪونه هئا!

    هڪڙي ڏينهن پنهنجي هڪ نوڪر کان پڇيائون ”چمچي جو نالو پڪارڻ سان توهان جي دماغ شريف ۾ پهرئين ڪهڙي صورت ٿي ٺهي؟“ هُن چيو، ”قبله توهان جي!“ فرمايائون ”ثابت ٿيو ته چمچا انسانن ۾ ايترا ئي مقبول آهن، جيترا انسان چمچن ۾!“ هڪ ٻئي پڇيو، ”سائين توهان جا ٻار؟“ فرمايائون ”اهي ته اڃا صغير آهن هي ته اهي ننڍڙا چمچا آهن، جهڙا دوا جي شيشين مان نڪرندا آهن ته...هڪڙو چمچو صبح، هڪڙو شام...!“ پڇيو ويو ”پوءِ توهان جو ٻيو خاندان... ؟“ فرمايائون ”منهنجو چاچو ڪانٽو...منهنجي ناني ڏوئي...منهنجو مامون پيالو...منهنجو وڏو ڀاءُ وڏي مُنهن وارو چمچو...“ ته يڪدم ڪنهن وچ ۾ پڇيو، ”جناب... اهو توهان جو خاندان آهي يا ڊنر سيٽ؟“

    abro_Imtiaz@hotmail.com
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب امتياز ابڙو جي لکين ڪالمن جو مجموعو

    چانهن جي ڪوپ ۾ طوفان



    خميس 1 3 مئي 7 0 0 2 ع

    *منهنجي چانهه ۾ مک پيئي آهي...!

    *سر جيڪڏهن توهان کي اها نٿي وڻي ته آئون توهان کي ٻي آڻي ڏيان!

    *ڇا، چانهن؟؟

    *نه...مک!

    *بيوقوف...آئون ٻي مک ڇا ڪندس...ڇا مون کي مکين جي ڪئمپ کولڻي آهي؟

    *سر...اها اکين جي ڪئمپ هوندي آهي!

    *ڳالهه ساڳي آهي...جنهن صفائيءَ سان انهن ڪئمپن ۾ اکيون ڏٺيون وڃن ٿيون...جو انهن ٺهيل اکين مان پوءِ رڳو مکيون پيون نڪرنديون آهن!

    *سر اڄڪلهه مهانگائي ايتري آهي جو توهان کي چانهن جي هڪڙي ڪوپ ۾ صرف هڪڙي ئي مک ملي سگهي ٿي...بس!

    *احمق...مون کي هن مک جي ضرورت ناهي!

    *پر سَر، اسان توهان کي هيءَ پنهنجي نظريهءِ ضرورت تحت ڏني آهي...ڇو ته پنجن رپين جي چانهن سان گڏ اسين ٻه مکيون نٿا ڏيئي سگهون...صرف هڪڙي ئي ڏيئي سگهون ٿا!

    *هن هوٽل جي ٻاهران ”ڪيفي مکيان“ لکيل هئڻ گهربو هو...مهرباني ڪري، مون کي نئون ڪوپ آڻي ڏي!

    *ٺلهو؟

    نه...چانهن سان ڀريل!

    *پر سر...چانهن جو هڪڙو ڪوپ توهان خالي ڪيو ڪونهي...۽ ٻئي ڪوپ جي خواهش پيا ڪريو.!

    * ڏسين ڪونه پيو ته هن ۾ مک پيئي آهي...!

    *سر آئون ڏسان پيو ته مک پيئي آهي...پر ڇا توهان مک کي شاباس ڪونه ڏيندئو ته هئڙي ”لا اينڊ آرڊر“ جي صورتحال خراب هئڻ جي باوجود هيءَ جيئري آهي!

    *اکيون کولي ڏس...هيءَ مک مري چڪي آهي!

    *نه سر...لڳي ايئن پيو...هيءَ آهي ته جيئري...پر غربت ايتري آهي جو هيءَ مئل پئي لڳي!

    *پوءِ هيءَ چُري پُري ڇو ڪانه ٿي؟

    *سر...ٿي سگهي ٿو هن بي روزگاريءَ کان تنگ ٿي چانهن ۾ ٽپو ڏنو هجي...يا ٿي سگهي ٿو هن مک جو ارادو وهنجڻ جو هجي پر سوئمنگ نه اچڻ جي ڪري هن جي نڪ ۾ پاڻي هليو ويو هجي...!

    *بيوقوف...مکِ کي نڪ ٿيندو آهي ڇا؟

    *سر، انسان ٿورئي آهي جو بنا نڪ جي به هلي وڃي...مکين کي ته باقائدا نڪ ٿيندو آهي...مون پاڻ هڪ مک کي زڪام ڳاڙيندي ڏٺو هو...!

    *شٽ اپ...!

    *سر ، ايئن پکين کان نفرت ڪرڻ سٺي ڳالهه ڪانهي!

    *مک...پکي ڪونهي!

    *سر، اسان پاڻ پڙهيو آهي ته جيڪا شئي اڏامي، ان کي پکي چئجي!

    *ايئن ته پوءِ افواهه به اڏامندا آهن...ڇا، اهي به پکي آهن؟

    * سر، توهان چانهه مان مک ڪڍي مون کي ڏيو...۽ چانهه پي ڇڏيو؟

    *ڇو؟ تون مک جي ” ڊي اين اي“ ٽيسٽ ڪرائيندين...؟

    *سر، اسان کي پاڻ هنن مکين بيزار ڪري ماريو آهي!

    *پوءِ توهان ”مک ڪانفرنس“ ڪرايو...۽ انهي ۾ مکين جا مسئلا حڪومت اڳيان پيش ڪريو...جيڪڏهن ايئن حل نه ٿئي ته پوءِ مکين جي خلاف هڪ ريلي ڪڍو!

    *سر، اها ريلي...ڇا ريل جي ڀيڻ آهي؟

    *نه...ريل جو ريليءَ سان ڪو به تعلق ناهي، ايئن ئي جيئن ڊڪ چينيءَ جو چين سان ڪوبه تعلق ناهي...تاريخ ۾ سڀ کان وڏي ريلي هٽلر جي خلاف جرمنيءَ ۾ نڪتي هئي!

    *ان ۾ ڪيترا ماڻهو هئا...سر؟

    *ان ۾ ايترا ته ماڻهو هئا ، جيترا صرف ريليءَ ۾ ئي ٿي سگهن ٿا...!

    *سر...ريلي ڪنهن دريافت ڪئي؟

    * ريليءَ کي پهرئين ڪولمبس دريافت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر ڪولمبس کي چيائون، تون آمريڪا دريافت ڪر...ريلي ڳولڻ جو ڪم واسڪو ڊي گاما تي رکيائون...واسڪو ڊي گاما جيڪو ”سا


    --------------------------------------------------------------------------------
    ري گا ما“ جو ننڊو ڀاءُ هو، انهيءَ وري صاف انڪار ڪري ڇڏيو، ته اهي مون کان ڪهڙا ڪم پيا وٺو...آئون واندو ئي ڪونه آهيان، ڇو ته مون کي هندستان ڳولڻو آهي!

    *توهان ريليءَ تان ڪٿي وڃي نڪتئو؟

    *ريليءَ ۾ اها ئي ته خوبي هوندي آهي ته ماڻهو ڪٿان کان ڪٿي وڃي پهچندو آهي!

    *سر ڇا، توهان لاءِ ٻي مک واري چانهن کڻي اچان!؟

    *بيوقوف...تون چانهن جي ٿو ڳالهه ڪرين، آئون ته پنهنجي نڪ تي به مک ويهڻ ڪونه ڏيندو آهيان...!

    *سر...هتي چانهن ۾ مک کانسواءِ ڪا ٻي شئي پئجي به نٿي سگهي...!

    *ڇو؟

    *ڇو ته هن هوٽل ۾ ويهه هزار کان مٿي ته مکيون آهن ۽ پنج هزار کن ته اهڙيون به هونديون، جن جو ڊوميسائيل به هتي جو ڪونهي...!

    *ڇا، هتي هر ماڻهوءَ جي چانهن ۾ مک پوندي آهي؟

    *جي سر...!

    *پوءِ ماڻهو ڇا ڪندا آهن؟

    *ڪي ماڻهو چانهن پي مٿان مک کائي ڇڏيندا آهن، ڪي وري پهرئين مک کائي، مٿان چانهن پي ڇڏيندا آهن...ڪي مک ڪڍي ٽيبل تي رکندا آهن ۽ پوءِ چانهن پي مک گهر کڻي هليا ويندا آهن...ڪي وري مک کي کڻي کيسي ۾ رکندا ۽ مٿان رڳو بوتل پي هليا ويندا آهن...ڪي وري مک ڪڍي ساسر ۾ رکندا ۽ پهرئين ٽاس ڪندا ته مک کائجي يا نه...!

    *چڱو ترس ته آئون گهران فون ڪري ٿو پڇان...هيلو...ڪير...بيگم...ڀلا ٻڌ، مک کائڻ سان ڪجهه ٿيندو ته ڪونه...؟

    *نه...ڪجهه ڪونه ٿيندو!

    *اهو تون ڪيئن ٿي چوين؟

    *جيڪڏهن ڪجهه ٿئي ها، ته توکي روزانو کير جو گلاس صاف نه ڏيان ها!

    abro_Imtiaz@hotmail.com
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب امتياز ابڙو جي لکين ڪالمن جو مجموعو

    ماڻهن جا نالا



    خميس 21 جون 2007ع

    اسان ”بهادر“ کي سڃاڻون اهو پهرئين نمبر جو ڊڄڻو آهي...هڪڙي دفعي هاٿيءَ کي ڀونڊو ڏنائين ته ڪنهن چيس، ”هاٿيءَ کي ڀونڊو ڏبو ته اهو سئو سالن کانپوءِ به بدلو وٺندو آهي، سو هاڻي هاٿي توکان بدلو وٺندو!“ ان کانپوءِ ڊپ ۾ سڄي زندگي ڪنهن چڙيا گهر جي ڀر سان به ڪونه لنگهيو...ڪجهه سالن کانپوءِ زال ٿلهي ٿي ويس ته ان هاٿيءَ جي قبر تي وڃي چيائين، ”اي هاٿي، مون کي معاف ڪر...بيشڪ، تنهنجو بدلو سڀني بدلن مان وڏو بدلو آهي!“

    هڪڙي ڏينهن سليمان کي چيم، ”تنهنجو نالو سليمان آهي، ان ڪري تو وٽ سليماني ٽوپي هوندي؟“ چيائين،” نه...اسان جي نصيب ۾ ته رڳو سليماني چانهه آهي!“ اسان جي هڪ ٻئي دوست جو نالو غلامون آهي....هڪڙي ڏينهن چيائين، ”غلام قومن ۾ نالا به آزاد ڪونه آهن..“ اسان منظور کي به سڃاڻون...هن جو ورتاءُ ماڻهن سان سٺو آهي، پر ان جي باوجود اسان ڪيترن ئي ماڻهن کي هن جي خلاف روڊن تي بينر کڻي احتجاج ڪندي ڏٺو آهي... بينرن تي لکيل هوندو آهي...”مهانگو اٽو، نا منظور...فلاڻو آفيسر، نامنظور!“...بلڪل ايئن ئي ايوب شيخ، ڪيترو به ايوبي مارشل لا جي خلاف ڳالهائي...پر جڏهن به کانئس نالو پڇيو ويندو ته چوندو....ايوب...!

    ڪنهن ٻار جو نالو ”وزير“ رکڻ معنيٰ ٻار کي نفسياتي مريض بنائڻ...راند ڪندي ٻار چوندا، وزير ٻڌي نٿو يا وزير ڪوڙ پيو ڳالهائي يا وزير ڌانڌلي ڪئي...ته اهو ننڍڙو وزير سوچڻ تي مجبور ٿي پوندو ته، ”ٻيلي آئون ڳالهايان ته سچ پيو، پوءِ هي وات مان ڪوڙ ڇو پيو نڪري؟“...ايئن ئي ڪجهه ڏينهن اڳ ٽاڪ منجهند جو اسان هڪ مزدور ڏٺو...سخت اُس ۽ گرميءَ ۾ سيمنٽ ڍوئي رهيو هو. پڇيوسين، ”توهان جو نالو؟“ چيائين،” سردار...“ چيوسين، ”نه، تنهنجو نالو هئڻ گهرجي...سَر¸ڌار“.

    ڇوڪرين کي وري پنهنجي نالي پٺيان ” گُل“ رکڻ جو رواج اهڙو اچي پيو جو جنهن کي به ٿورو شڪ ٿي پيو ته اسان جي خوشبو هاڻي گهڻو وقت رهي نه رهي، تنهن ڪري ڇو نه ” گُل“ سڏائي ڪجهه پوپٽن کي مايوس ٿيڻ کان بچايون...يا جن ڇوڪرين جو وزن آهستي آهستي وڌندو پئي ويو ته انهن کي سهيلين مشورو ڏنو ته، ”ان کان اڳ جو ماڻهو توهان کي گلدان چوڻ شروع ڪن...توهان خود ئي پاڻ کي گل سڏائڻ شروع ڪريو...هلو، توهان جي چوٽيءَ ۾ جيڪڏهن ڪنهن گل نه هنيو ته توهان وري پنهنجي نالي پٺيان گل هڻي ڇڏيو!“ جيئن پاڪستان ۾ صنم جو نالو ايترو ته مروج ٿي ويو، جو هر ٻن ڇوڪرين کانپوءِ ٽئين صنم ٿي نڪتي...جيڪڏهن توهان ڪنهن پبلڪ پارڪ ۾ وڃي رهيا آهيو ۽ زور سان صنم ڪري پڪاريو ته ستن مان پنج نهارڻ لڳنديون، جن مان ٻه صنم هونديون، ٽئينءَ جي ڀيڻ جو نالو صنم هوندو، چوٿينءَ جي پاڙي ۾ صنم رهندي هوندي ۽ باقي هڪڙي وري خود ڪنهن جي صنم ٿيڻ جي آرزو ۾ هوندي، جيتوڻيڪ جڏهن کان موبائيل فون عام ٿي آهي ته هاڻي خبر ئي ڪانه ٿي پوي ته ڪير ڪنهن جي صنم آهي...!

    اسان وٽ مارئيءَ جو نالو به ايترو عام آهي جو جيڪو 1971ع واري جنگ ۾ صرف مارئي هو، اهو 1988ع واري اليڪشن کانپوءِ يڪدم ماروي ٿي ويو...خود تاريخدانن عمر بادشاهه کي ايترو ڪنفيوز ڪري ڇڏيو جو مارئيءَ کان هلي وڃي پڇيائين ته، ”هي تاريخدان توکي امر ڪرڻ جي بدران آمر ڪرڻ جي چڪر ۾ آهن...پر اڄ مون سان صاف ڪر ته تون مارئي آهين يا ماروي آهين؟“ مارئيءَ يا مارويءَ به سڌو سنئون جواب ڏنو ته، ”آئون سنڌيءَ ۾ مارئي ۽ انگريزيءَ ۾ ماروي آهيان...جيئن ته تنهنجي انگريزي ۽ نظر ٻئي خراب آهن...ان ڪري تون ڀلي مونکي ادي مارئي ڪري سڏ!“

    عمر ڪجهه دير سوچ جي درياءَ ۾ هليو ويو، پر پوءِ ڏٺائين ته درياءَ ۾ پاڻي ئي ڪونهي ته يڪدم ٻاهر نڪري آيو...چيائين، ”مارئي منهنجي ذهن ۾ هڪڙي شخصيت آهي...ڇا تون ٻڌائي سگهين ٿي ته اها شخصيت ڪير آهي؟“ مارئيءَ دڙڪو ڏنس، ”آئون توکي نواز علي شوق پئي لڳان...جو مون کان شخصيت ٿو ڳولرائين!“ عمر چيو ”ادي...ڪالهه آئون ڪراچي ويس ته اتي مون هڪ حيرت ۾ وجهندڙ منظر ڏٺو! مون هڪڙي بينر تي ڏٺو ته لکيل هو، مارئي ملير جي!“ مارئيءَ چيو، ”ڀليو هوندين...اهو ڪو تو سترهن سال پراڻو بينر ڏٺو هوندو...هاڻي منهنجو گهر ملير ۾ ناهي...توکي غلط فهمي ٿي آهي...تو ڪنهن حڪيم جو اشتهار ڏٺو هوندو!“ عمر دانهن ڪئي، ”نه ڀيڻ...قسم سان مون هڪ ٽرڪ پٺيان لڳل هڪ وڏي ڳاڙهي بينر تي لکيل ڏٺو هو ته...مارئي ملير جي!“ مارئيءَ ٻيهر دڙڪو ڏنس، ”عمر ڀاءُ...بادشاهن سان گڏ رهي رهي تنهنجي نظر ۽ نظريو ٻئي ڪمزور ٿي ويا آهن...پهرئين اهو ته ٻڌاءِ، تو مئٽرڪ به ڪا نه ڪئي، پوءِ تون سنڌي ڪيئن ٿو پڙهي وڃين؟“ عمر يڪدم اُٺ تي چڙهي ويهي رهيو. چيائين، ”ٺيڪ آهي..تون جيڪڏهن منهنجي ڳالهه نٿي مڃين...ته هل ڪراچي ته آئون توکي اهو بينر ڏيکاريان...جنهن تي لکيل آهي، مارئي ملير جي!“ مارئيءَ دانهن ڪئي، ”عمر ادا، آئون جيڪڏهن ملير جي هجان ها ته منهنجا ٻار به ڪنهن ملير جي اسڪول ۾ پڙهندا هجن ها!“ عمر يڪدم پڇيو،” پوءِ ڇا، تون مارئي ڊفينس جي آهين؟“ پڇيائين، ”ڊفينس جي ڇو؟“ عمر چيو، ”ڇو ته تون اڄڪلهه ڊفينس واري پوزيشن ۾ آهين!“

    عمر ڪجهه دير خاموش رهڻ کانپوءِ ٻيهر چيو، ”مون ته توکي پهرئين به چيو هو ته ملير کي ڇڏي اچي منهنجو محل وَساءِ ..پر تنهنجو ضد هو ته...نه مون کي ملير جي مٽيءَ جي خوشبوءِ ٿي ياد اچي...پوءِ مون تنهنجي اها خواهش پوري ڪرڻ لاءِ ملير مان هڪڙو گڏهه مٽيءَ جو ڀرائي اچي تنهنجي اڳيان پيش ڪيو ته هيءَ وٺ...ملير جي مٽي...۽ سنگهه انهيءَ جي خوشبو...!“ مارئيءَ چيو، ”ها...پر ملير جي مٽي تنهنجي محل ۾ اچڻ کان پوءِ خود قيد ٿي ويئي...!“ عمر چيو، ”توکي مون پهرئين ٻڌايو هو ته ملير ۾ گند تمام گهڻو آهي...اتي جي گٽرن کي ڍڪ ئي ڪونه آهن...پنج پنج ڏينهن ڀنگي ٻهارو ڪونه ٿا ڏين...گٽر ايترا ته ٽٻا ٽٻ آهن جو ان ۾ ٻه ماڻهو ٿا ڪِرن ته ڪڍڻ کانپوءِ ٽي ٿا نڪرن...خبر پوندي آهي ته هڪڙو ماڻهو هفتو اڳ ڪريو هو!“

    ڪجهه دير سوچڻ کانپوءِ عمر وري پڇيو، ”پوءِ ڇا، تون مارئي لانڍيءَ جي آهين...يا ڪورنگيءَ جي آهين...يا مرڳو مارئي گرو مندر جي آهين؟“ جواب مليو، ”نه، آئون اتي جي به ڪانه آهيان!“ ”پوءِ ڀلا ڪٿي جي آهين؟“ مارئي مسڪرائيندي چيو، ”ادا...تون ڪيڏو نه سادو آهين...ڇا تو ڪڏهن صدر جي بسن ۾ سفر ڪيو آهي؟“ عمر چيو، ”ها...ڪراچيءَ جي هر بس جو گذر صدر مان ضرور ٿئي ٿو!“ مارئيءَ چيو، ”ته پوءِ ٻڌي ڇڏ، توکي ٻڌائي ٿي ڇڏيان ته...هاڻي منهنجو گهر صدر ۾ آهي...ان ڪري هاڻي آئون آهيان...مارئي صدر جي...!“

    abro_Imtiaz@hotmail.com
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب امتياز ابڙو جي لکين ڪالمن جو مجموعو

    هڏن جو ڊاڪٽر



    جمع 20 جولاءِ 2007ع

    هڏا انسان کي ان ڪري مليا آهن ته جيئن هڏن واري ڊاڪٽر جو روزگار ٺهيل هجي...انسان کي هَڏا نه هجن ته هڏن وارا ڊاڪٽر بُکيا مري وڃن...ننڍپڻ ۾ جڏهن ماستر چوندو هو ته اهڙا لَڪُڻ هڻندو سانءِ جو هڏ گڏ ڀڄي پوندئي...ته ان زماني ۾ جيڪي هڏا ڀڄندا هئا، انهن کي ٺهرائڻ تي ايترو خرچ ڪونه ايندو هو...اڄڪلهه جيڪڏهن ماستر هڏ گڏ ڀڃي ته ايڪسري ڪرائڻ ۾ ئي ايترو خرچ ايندو، جو ايترا پئسا ماستر کي ڏيئي ڇڏجن ته ماستر سڄو سال موچڙا ڪونه هڻندو...!

    ڪيلو اهو فروٽ آهي جنهن جي کَلَ تان تِرڪي ماڻهو سڌو هڏن واري ڊاڪٽر وٽ پهچندو آهي....هونءَ اڄڪلهه انب ايترا آهن جو هڏن واري اسپتال ۾ پهچي ڏهن مريضن کان پڇبو ته اٺ انب جي کلن تان ترڪيا هوندا...ان ڪري ڪنهن هڏن واري ڊاڪٽر کان پڇبو ته، ”توهان جي پسند جو ميوو...؟“ ته يڪدم چوندو، ”ڪيلو ۽ ٻئي نمبر تي انب!“...پڇبو ”ٻئي نمبر تي انب ڇو؟“ ته چوندو، ”ڇو ته ڪجهه ماڻهو انب جي کل تان ترڪڻ کانپوءِ به بچي ويندا آهن، جڏهن ته اها سهولت ڪيلي جي کل تان ترڪڻ ۾ ناهي!“ خود هڏن وارا ڊاڪٽر به ڪيلو کائي ان جي کل سدائين رستي تي اڇليندا...هڪڙي هڏن واري ڊاڪٽر ته انهيءَ ڪم لاءِ هڪ ملازم رکيو آهي، جنهن جو ڪم ئي آهي شهر جي مختلف هنڌن تي ڪيلن جون کلون اڇلڻ...۽ رستا به اهڙا ڳوليندو، جتان رڳو پوڙها پوڙها لنگهن....ڊاڪٽر کان پڇيوسين ته چيائين، انهي فارمولا سان روزانو گهٽ ۾ گهٽ ٻه مريض ٽنگون ڀڃايو پهچيو وڃن!

    ٻانهن ڀڄڻ جي سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻه معنائون ورتيون وڃن ٿيون...ان ڪري چوڻ گهرجي ٻانهن جو ڀڄي پوڻ....پر جيڪڏهن چيوسين ته ٻانهن جو ڀڄي وڃڻ....ته پوءِ جهيڙو ٿيڻ جا امڪان ٿي ويندا....جيڪڏهن چوندئو، فلاڻي جي ٻانهن ڀڄي ويئي...! ۽ فلاڻي جي ٻانهن ڀڄي پيئي....ته ٻه معنائون نڪري اينديون...ائين ته ڪيترائي ماڻهو آهن، جن جي روزانو ڪٿي نه ڪٿي ٽنگ ڀڳي پيئي هوندي آهي...ڀڃڻ جي معاملي ۾ هڏن وارا ڊاڪٽر سڀ ڀڳل شيون جوڙي سگهندا آهن...پر ڪجهه شيون ٺاهڻ کان قاصر هوندا آهن...جيئن هڪڙي زال پنهنجي مڙس کي هڏن واري ڊاڪٽر وٽ وٺي ويئي ته هن جو علاج ڪريو، هن ۾ ڀڃڻ جي بيماري آهي! ڊاڪٽر پڇيو، ”ڇا ٿو ڀڃي؟“ مائيءَ چيو، ”ٻيو ته ڪجهه نه...بس...هر هر اکيون ٿو ڀڃي...!“

    هڏن واري ڊاڪٽر جو وارڊ به اهڙن سامانن سان ڀريل هوندو، جو غور ڪبو ته سواءِ نرسن جي سڀني هنڌن تي رڳو هڏا نظر ايندا...نرسون به سوچي سمجهي اهڙيون وزن واريون رکندا، جو لڳندو تور ڪري پوءِ رکيون ويون هجن...اسان جي خيال ۾ ائين مريضن ۾ احساسِ ڪمتري ٿيندي آهي ۽ اهي ڊاڪٽرن کان پڇڻ لڳندا آهن ته، اهڙيون نرسون...ڇا توهان پاڻ ٺاهيون آهن يا ڪٿان امداد ۾ مليون آهن...؟

    ڪلينڪ ۾ وڃبو ته ڊاڪٽر جي ٽيبل تي ايترا هڏا پيل هوندا جو مريض جو اڌ ساهه ته انهن هڏن کي ڏسي نڪري ويندو ۽ باقي بچيو اڌ ساهه...اهو وري آپريشن جو خرچ ٻڌي نڪري ويندو...هونءَ به هڏن واري ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ کانپوءِ جڏهن اهو آپريشن لاءِ چوندو آهي ته جسم ۾ اهي هڏا به ڀڄي پوندا آهن جيڪي صحيح هوندا آهن...جيئن اسان جي پوڙهي چاچي جي ٽنگ جي آپريشن لاءِ ڊاڪٽر خرچ ايترو ٻڌايو جو چاچي چيو، ”ڊاڪٽر، هيءَ منهنجي ٽنگ جي آپريشن ٿا ڪريو يا وزيرستان ۾ آپريشن ٿا ڪريو؟“

    هونءَ به جڏهن کان پاڪستان ۾ ايم بي بي ايس پڙهڻ جو رجحان شروع ٿيو آهي بيماريون به وڌيڪ ڦهلجڻ شروع ٿيون آهن....هيترا جيڪي ڊاڪٽر نڪرندا انهن ويچارن کي به ته آخر مريض کپندا...هاڻي ته ڊاڪٽر مريضن کان گهڻا ٿي پيا آهن...جو توهان ٽن مريضن سان ملندا ته انهن مان ٻه ڊاڪٽر نڪرندا، جيڪي خود ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ آيا هوندا...جيئن اڳي ٻار چوندا هئا ته، آئون ڊاڪٽر ٿي قوم جي خدمت ڪندس...هاڻي خود ڊاڪٽر ايترا ٿي ويا آهن جو هر ٻار چوندو آهي ته، ”آئون بيمار ٿي ڊاڪٽرن جي خدمت ڪندس...!“

    اسان هڪ هڏن واري ڊاڪٽر کي سڃاڻون...پري کان هڏن وارو مريض لڳندو، ويجهو وڃبو ته هڏن وارو ڊاڪٽر لڳندو...ڪنهن شاديءَ جي ڊنر تي ويندو ته مرغيءَ جي هڏن کي به اهڙي پيار سان پيو چٻاڙيندو، ڄڻ اها مرغي ڪڏهن هن جي مريضا رهي چڪي هجي...بدن جو ايترو سنهڙو جو ڪو ڊاڪٽريءَ جو شاگرد اسپتال ۾ کيس ڏسي وٺي ته آرٿوپيڊڪ جو اڌ ڪورس ته ماڻهو هن کي ڏسي سکي وٺي...اڄڪلهه ڪپڙن ۾ پاڻ کي لڪائي هلندو آهي، هاڻي ته ڪپڙن مان ايترو ٿو ڏسڻ ۾ اچي جو جيڪڏهن هن کي لطيفو ٻڌائبو ته خبر ئي ڪانه پوندي ته کلي پيو يا ماٺڪو ويٺو آهي!

    مصروف ايترو رهندو آهي، جو اسپتال ويندو ته ايترو تڪڙو، ڄڻ ڪنهن سان وڙهڻ پيو وڃي...۽ گهر موٽندو ته به ايترو تڪڙو، ڄڻ ڪنهن سان وڙهي ڀڳو آهي! هن جي دوستن جي به خبر ڪانه پوندي جو جنهن به ماڻهوءَ کي هن سان گڏ ڏسبو لڳندو، شايد ڪنهن فريڪچر جي سلسلي ۾ آيو آهي...ذهين ايترو جو زال سان بحث ڪونه ڪندو...۽ جڏهن به ڪندو زال جي غير موجودگيءَ ۾ ڪندو...انهن ماڻهن سان گڏ ڪونه ويهندو، جن ۾ ويهڻ سان ماڻهو بلڪل به ڊاڪٽر نه لڳي...هونءَ ڊاڪٽرن سان گڏ ويهندو ته به ڊاڪٽر ڪونه لڳندو آهي! جيئن قربانيءَ جي عيد تي سندس زال کيس چيو، ”ٻڪرو پاڻ جهڙو نهآ ڻجانءِ...ڪو تندرست ٻڪرو آڻجان!“ ته ڊاڪٽر به يڪدم چيو، ”ٺيڪ آهي، آئون ٻَڪرَ جون آغا خان مان ٽيسٽون ڪرائي پوءِ وٺي ايندس!“

    ڪٿي ليڪچر ڏيندو ته چوندو، ”جنهن ماڻهوءَ جا ڪڏهن هڏا ناهن ڀڳا، سمجهو ته انهيءَ ڪڏهن سچو پيار ئي ناهي ڪيو!“...ان ڪري ڪٿي پيار جو پرڻو ٿيندو ته ڳولي ڳولي انهن همراهن کي پنهنجو وزيٽنگ ڪارڊ ڏيئي ايندو ته، مون وٽ پيار جي پرڻي ڪرڻ وارن لاءِ خاص پيڪيج آهي...اڪثر اهي ڳالهيون ڪندو، جيڪي توهان ٻڌڻ نه چاهيندا، يعني سياست تي ڳالهائيندئو ته به ڦيرائي سيرائي اچي هڏن تي ختم ڪندو...هڪڙي ڏينهن پڇيوسين، ”سائين APC ڇا جو شارٽ فارم آهي؟“ ته يڪدم چيائين، ”آرٿو پيڊڪ سينٽر“

    ڪجهه ماڻهو موٽر سائيڪل ايتري تيز هلائيندا آهن، جو هنن جي پٺيان ويٺل ياد ڪرڻ لڳندا آهن ته اسين ڪهڙا ڪهڙا هڏن وارا ڊاڪٽر سڃاڻون ٿا...ڪنهن چيو، ”ٽرئفڪ پوليس وارا ملڪ مان ختم ٿيڻ گهرجن پڇيوسين: ”ڇو؟“ ته جواب مليو، ”انهن سان هڏن وارن ڊاڪٽرن جي روزگار کي ڌڪ ٿو لڳي.“ جيئن صحت واري وزير کان ڪنهن پڇيو، ”توهان هڏن وارين اسپتالن جي ترقيءَ لاءِ ڇا ڪيو؟“ ته چيائين: ”اسان ملڪ ۾ چنگچين جو تعداد وڌائي ڇڏيو آهي!“...بلڪل ائين ئي هڪڙي دوست کان مون پڇيو، ”تنهنجي ٻانهن ڪيئن ڀڳي؟“ چيائين، ”هوءَ جيڪا سامهون فليٽ ۾ ڇوڪري رهندي آهي نه....جنهن جي پيءُ جي نوڪري اسلام آباد ۾ آهي!“ پڇيوسين، ”ها...سو ڇا ٿيو؟“ چيائين، ”اڄڪلهه اهو موڪل تي آهي.“

    abro_Imtiaz@hotmail.com
     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب امتياز ابڙو جي لکين ڪالمن جو مجموعو

    صحافي



    جمع 3 آگسٽ 2007ع

    اڄ ڪاوش جي سال¸گراهه آهي، ان ڪري ٻين سان گڏ اڄ ڪاوش ۾ صحافين جي به عيدآهي...اخبارون نه هجن ها ته پوءِ اسين پڪوڙا ڪهڙن ڪاغذن ۾ وٺون ها...ان حساب سان اخبارون نه هجن ها ته اسان کي خبر ئي ڪانه پوي ها ته ٽينڊر نوٽيس ڪهڙي بلا جو نالو آهي...بلڪل ائين ئي صحافي نه هجن ها ته اسان کي اها به خبر نه پوي ها ته وزير آباد ۾ ڪيترا وزير آهن ۽ ڪيترا منسٽر آهن... ڪيترائي صحافي اسان جا دوست آهن ۽ ڪيترائي اسان جا دوست وري صحافي به آهن...ڪاوش ۾ ڪافي سالن کان ڀوڳن ڀوڳن ۾ لکان پيو، ان ڪري ڪاوش سان پيارآهي...اسان کي ته نجمه ڪاوش به رڳو ان ڪري وڻندي آهي جو ان جي نالي جي آخر ۾ ڪاوش آهي!

    ڪالم نگار ٿيڻ ڏکيو ڪم آهي، جو پوءِ ماڻهن کان پڇڻو ٿو پوي ته اڄ جيڪو تو ڪالم نه پڙهيو اهڙو وري ڪڏهن ڪونه ڇپبو، جيئن جن ماڻهن ارباب نيڪ محمد کي ناهي پڙهيو، اهي به هن کي نيڪ سمجهندا آهن، جن پڙهيو آهي، اهي به نه پڙهڻ وارن جهڙيون ڳالهيون ڪندا آهن. نيڪ محمد جي هڪڙي خوبي اها به آهي ته هن کي سڀ خراب نٿا سمجهن!

    جيئن اسان جو دوست محمود مغل وري ڪالم لکڻ مهل ڪيلڪيوليٽر اڳيان رکي پوءِ لکندو آهي ته، ”هيءُ ٿيو منهنجو هڪ سئو پنجون ڪالم...۽ جن پڙهندڙ مهربانن هي ڪالم نه پڙهيا، انهن کي آئون مهربان ئي ان ڪري پيو چوان جو انهن ڪالم ڪونه پڙهيا...سو منظور ميراڻيءَ سان اهو واعدو هو ته هڪ سئو ٻارهون ڪالم لکڻ کان پوءِ، جڏهن هيءُ بندو، هڪ سئو ٽي ويهين ڪالم تان ٽپندو، جڏهن هڪ سئو چوٽيهين ڪالم تي پهچندو ته هڪ ڪتاب ڇپرائيندو، جنهن جو نالو ئي رکبو...منهنجا هڪ سئو اوڻيتاليهه ڪالم...مهاڳ ۾ لکيل هوندو، مهربان قدردان، بازار ۾ هن ڪتاب جي قيمت آهي سئو رپيا پر...پر توهان جي ذوق ۽ بد ذوق جي پيش نظر هن ڪتاب جي قيمت آهي صرف ويهه رپيا، ويهه رپيا، ويهه رپيا...!“

    اڄڪلهه ڪاوش ۾ ڊاڪٽر گهڻو ٿا لکن....جيئن ڊاڪٽر مسرت خواجه، ڊاڪٽر رفيق چانڊيو، ڊاڪٽر ايوب شيخ، ڊاڪٽر مير عالم مري...حرام جو ڪنهن ڪمپائونڊر جو آرٽيڪل اچي...منظور ميراڻيءَ کي چيم، ”ايترا ڊاڪٽر...ڇا، او پي ڊي کولڻ جو پروگرام آهي..؟“ ڊاڪٽرياڻيون ته پاڻ وٽ هونئن به گهٽ لکن...هڪڙي ڊاڪٽرياڻي هئي، جنهن جا ڪالم اهڙا ئي هوندا هئا، ڄڻ مريض جي لاءِ دوا سجيسٽ پئي ڪندي هئي، ايترو جو اسان جي هڪ دوست ته هن جا ڪالم ڪَٽي رکي ڇڏيا، پوءِ جڏهن ٻارن کي زڪام ٿيندو هو ته انهن کي ڪالم سونگهائيندو هو ته زڪام لهي ويندو هو...بلڪل ائين ئي اسان جو ڪي ٽي اين جو دوست سڪندر ايتري پيار سان خبرون پڙهندو آهي جو ايتري لهجي سان ته ٻن ٻن بئنڪن کان لون منظور ڪرائي سگهجي ٿو...ٽي وي خبرن ۾ اسان کي رڳو اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي آهي ته، بار بار پنهنجو تعارف ڇو ڪرايو ويندو آهي...جيئن هن چيو، ”آئون آهيان سڪندر بلوچ ۽ توهان ڏسي رهيا آهيو ڪي ٽي اين!“...ته مون واري جهوني ڏاڏي رڙ ڪندي چيو، ”ڇا اسين انڌا آهيون يا اسان جي يادداشت ايتري ڪمزور آهي جو هي همراهه ڪلاڪ ڪلاڪ تي اچي ٿو ٻڌائي ته، ”آئون آهيان سڪندر بلوچ...!“

    قلم تلوار کان تيز آهي، ان جو ثبوت ان ڳالهه مان لڳايو ته، سرڪاري آفيسر خدا کان ۽ صحافين کان ڊڄندا آهن...توهان چوندئو ته پوءِ سرڪاري آفيسر شاعرن کان ڇو نٿا ڊڄن...ته ادا، شاعر رڳو ان مهل ڊيڄاريندا آهن جنهن مهل چوندا آهن، ”شعر عرض آهي...!“ ڪنهن به صحافيءَ لاءِ ائين نه چوڻ گهرجي ته هيءُ قيمتي صحافي آهي، ڇو ته هڪ شاعرا جي ڪتاب جي مهورت تي هڪ اديب چيو، هيءَ وڏي قيمتي شاعرا آهي...۽ هيٺ لٿو ته ڪيترائي پوڙها پوڙها شاعر هن کان قيمت پڇڻ لڳا...بلڪل ائين ئي هڪ صحافيءَ کان ڪنهن پڇيو، ”فون تي ڪنهن سان پيو ڳالهائين؟“ چيائين، ”زال سان !“ دوست حيرت ۾ پڇيو، ”ايترو پيار سان!؟“ چيائين، ”ها...منهنجي زال ڪانهي!“

    ايڊيٽر جي پوسٽ ايتري ڏکي آهي جو هيءَ نوڪري انهن ماڻهن لاءِ تمام سٺي آهي، جيڪي هن ۾ رهڻ نٿا چاهين...ايڊيٽر جي پوسٽ ڏکي ان ڪري آهي جو ان ۾ سينس سان گڏ سينس آف هيومر جي به ضرورت پوي ٿي...جيئن ڪي ٽي اين جي ايڊيٽر ماڻڪ ڪنگراڻيءَ هڪڙي ڊرامي مان لفظ ”ايمرجنسي“ سنسر ڪري ڇڏيو...پڇيائونس، ”ڇو؟“ ته چيائين، انهيءَ جي آخر ۾ ”جنسي“به چوڻو پوي ٿو...!“

    اخبار ۽ ٽي وي جي خبرن ۾ اهو فرق آهي ته اخبار پڙهڻ ۾ مزدوري ڪجهه وڌيڪ ٿي ڪرڻي پوي...ٽي وي خبرن ۾ وري اها سهولت آهي ته جيڪڏهن خبرون نه وڻيون ته توهان خبرون پڙهڻ واريءَ کي ڏسي وٺندا...اسان کي ته ٽي وي خبرن ۾ ڊرامو وڻندو آهي، جنهن جو سبب اسين اهو ٿا سمجهون ته ڊرامي ۾ ايترا ڄڻا هوندا آهن جو لڳندو هي سڀ ڪنهن جي خلاف اتحاد ٺاهيو ويٺا آهن...خبرن ۾ اسان کي قوالي به وڻندي آهي...قواليءَ ۾ وري اهو هوندو آهي ته سڀ اهڙي ڪم ۾ لڳا پيا هوندا آهن، جو لڳندو آهي ته ڪير به ڪنهن کي ڪونه پيو ٻڌي...اسان کي ته رڳو اها قوالي وڻندي آهي، جنهن ۾ تاڙين بدران ڊيسڪون وڄايون وينديون آهن!

    صحافي چانهن کي گهڻو پسند ڪندا آهن، جيتوڻيڪ هنن جي حالت چانهن پيئڻ کانپوءِ به ساڳي هوندي آهي، جيڪا چانهن پيئڻ کان اڳ هوندي آهي...سوچيندا پيا ته به اهڙو ئي منهن ٺاهيو ويٺا هوندا، جهڙو منهن ساسر ۾ چانهه پيئڻ وقت ٺاهبو آهي...اسان جو هڪ ڪالم نگار دوست ته سگريٽ ايترا پيئندو آهي جو پڇيوسين، ”هن ڪالم لکڻ تي ڪيترو ٽائيم لڳو؟“ چيائين، ”چار پاڪيٽ...!“...وري پاڻ ئي پڇيائين، ”ڀلا توهان کي منهنجو ڪالم ڪيئن لڳو؟“ چيم، ”اهڙو لڳو جو ڊاڪٽر کان پَٽي ڪرائڻي پئي!“ بلڪل ائين ئي اسان جي هڪ جهوني صحافيءَ چيو، ”نواز شريف جا هاڻي وزيراعظم ٿيڻ جا امڪان گهٽ آهن!“ پڇيوسين، ”ڪيئن؟“ ته چيائين، ”ڇو ته آمريڪي به هاڻي هن جو نالو مسٽر نواز جي بدران چوندا آهن، مسٽر was ...!“

    ڪجهه صحافي ملڪ لاءِ دولت هوندا آهن جيتوڻيڪ هنن وٽ خود مسواڙ جا به پئسا نه هوندا...ڪجهه صحافي سماجي تبديليءَ جا خواب ڏسندا آهن، ڪجهه وري خواب ڏسندا، پر جلد جاڳي پوندا آهن...جيئن هڪڙي صحافيءَ چيو، مون ايترا ته خواب ڏٺا آهن جو هاڻي سوچيان پيو ته انهن خوابن جو ڪتاب ڇپرايان! صحافي پنهنجي ڪم سان ڪيترا سچا هوندا آهن ان جو اندازو ان مان لڳايو ته هڪڙي هنڌ خود ڪش حملو ٿيو، ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا...سڀني ٽي وي چئنلن جا نمائندا پهچي ويا...هڪ صحافيءَ کي خودڪش حملو ڪندڙ جي سسي هٿ اچي ويئي، جيڪا هن کڻندي ڪئميرا ۾ نهاري چيو، ”ناظرين هيءَ اسان هڪ سِسِي لَڌي آهي!“ ته سسيءَ مان آواز آيو، ”you are watching LEO TV“

    abro_Imtiaz@hotmail.com
     
  7. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب امتياز ابڙو جي لکين ڪالمن جو مجموعو

    اونداهه جو وزير ۽ لوڊ شيڊنگ





    ڇنڇر 20 جون 2009ع



    خوشخبري اها آهي ته ملڪ جي فائدي ۽ ڀلائيءَ لاءِ لوڊ شيڊنگ ۾ اضافو ڪري هاڻي لوڊ شيڊنگ پوري جا پورا 24 ڪلاڪ ڪئي ويئي آهي...اهڙو اعلان ڪالهه اڌ رات جي وقت اونداهه جي وزير هڪڙي قبرستان جو افتتاح ڪندي ڪيو ته، ’’خدا جو شڪر آهي ته اڄ اسان ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اونداهه پهچائڻ جو واعدو پورو ڪيو آهي...۽ پنهنجي نانيءَ سان ڪيل وچن کي پاڻي ڏنو آهي....انشاءَالله هاڻي ملڪ جو ٻچو ٻچو روشنيءَ جو ننڍڙو ذرو به نه ڏسي سگهندو!“ اهو اعلان هن هڪ لالٽين ٻاريندي ڪيو. اونداهه جي وزير وڌيڪ چيو ته، ’’ملڪ ۾ غريبن جي خاتمي تائين لوڊ شيڊنگ جاري رهندي...۽ هلندڙ مالي سال جي پڄاڻيءَ تائين ملڪ کي اونداهون ڪرڻ وارين سڀني رٿائن کي مڪمل ڪيو ويندو. قوم واپڊا ۽ پيپڪو کي دُعائون ڏي، جن ٿوري وقت ۾ ملڪ مان روشنيءَ جهڙي لعنت ختم ڪرڻ ۾ ماڻهن جو ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيو آهي...اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن اسان وٽ بلڪل انڌوڪار ڇائنجي ويندي ۽ ماڻهن کي اها به خبر نه رهندي ته هوا به ڪنهن شئي جو نالو ٿيندي هئي...!‘‘

    اونداهه جي وزير اهو به چيو ته،’’هن بجيٽ ۾ ملڪ مان هوا جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ پنج هزار ونجڻين جا نوان ڪارخانا کوليا ويندا....جن ماڻهن کي اوجاڳن جي ڪري اڌ مٿي جو سور ٿي پيو آهي...انهن جي باقي اڌ مٿي جي لاءِ لوڊ شيڊنگ جو ٽائيم چوويهن ڪلاڪن مان وڌائي اٺاويهه ڪلاڪ ڪيو ويو آهي....اسان جو هوا ۽ روشنيءَ سان مقابلو جاري آهي، فتح لوڊ شيڊنگ جي ٿيندي...اسان کي انڌن کان سکڻ گھرجي ته اهي ڪيئن ٿا روشنيءَ جي بغير زندگي گذارين!‘‘ اها ڳالهه هن اکين تي ڪارو چشمو پائيندي ڪئي. اونداهه جي وزير وڌيڪ چيو ته، ’’جن خاندانن جي گھرن ۾ پگھر وهائڻ جي باوجود گھر جا سڀ ڀاتي اڃا جيئرا آهن...انهن ۾ في گھر جي حساب سان هڪ سئو ميڻ بتيون ۽ 8 وال پوسٽر انعام طور ڏنا ويندا...جن پوسٽرن مان هر ڪنهن تي هڪ سمنڊ جو فوٽو هوندو، جنهن ۾ ڇپيل هوندو ته هوا لڳي رهي آهي ۽ پکي اڏامي رهيا آهن...گرميءَ جي ٽائيم ۾ انهن تصويرن کي ڏسي توهان هوا جو لطف وٺي سگھو ٿا....اهڙيون تصويرون اسان ملڪ جي هر باشندي لاءِ فري مهيا ڪنداسين ته جيئن گرميءَ کان بچڻ لاءِ عوام اهي تصويرون ڏسي سمنڊ جي ٿڌي ٿڌي هوا کان لطف اندوز ٿي سگھي....متان چئو ته حڪومت اسان لاءِ ڪجهھ به نه ڪيو....‘‘

    ان موقعي تي وزير صاحب هڪ روشني ميوزيم قائم ڪرڻ جو به اعلان ڪيو ۽ چيو ته، جن ماڻهن کي بجليءَ جا سامان ڏٺي مهينن جا مهينا ٿي ويا آهن اهي هن ميوزيم ۾ اچي بلب، راڊون ۽ پنکا ڏسي سگھن ٿا....ته ڪنهن وقت ۾ هتي جي ماڻهن جي استعمال ۾ هوندا هئا...توهان هن ميوزيم ۾ پنهنجي فيمليءَ سان گڏ اچي ٽيويون ، فرجون، واشنگ مشينون نه صرف پنهنجن ٻارن کي ڏيکاري سگھو ٿا پر انهن سامانن کي هٿ به لائي سگھو ٿا...پنهنجن ٻارن کي ٽيويون ڏيکاري اهو به ٻڌائي سگھو ٿا ته هي اهي ٽيويون آهن جن ۾ ڪنهن زماني ۾ سئو سئو چئنل هلندا هئا....هڪ صحافيءَ جي سوال ته موبائيل فون تي ڪال ۽ ايس ايم ايس اچڻ مهل جيڪا روشني نڪري ٿي، اها ڪيئن ختم ڪندئو؟...ته چيائين، انهيءَ جي لاءِ اسان ملڪ جي نامور ستن انڌن تي مشتمل هڪ ڪاميٽي جوڙي آهي....جيڪا موبائيل مان نڪتل روشنيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪنهن کوهه جي تري ۾ ويهي ميٽنگ ڪندا ته اهڙي روشنيءَ جي خلاف ڪهڙا ”لوُلا ۽ لنگڙا“ اپاءَ ورتا وڃن. هڪ ٻئي اونڌي سوال جو جواب ڏيندي چيائين ته، اسان ملڪ ۾ موجود سڀني گرميءَ جي دشمن قوتن کي هڪڙي جاءِ تي گڏ ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي....ته جيئن سڀئي گرميءَ جون دشمن قوتون هڪ جاءِ تي گڏ ٿي روشني ۽ هوا جي خلاف جدوجهد ڪن....پڇيو ويو، ’’اهي گرميءَ جون دشمن قوتون ڪهڙيون آهن؟‘‘ ته چيائين، ’’هڪڙو ته آهي نوراني شربت....جيڪو سنڌ جي هر ميلي ملاکڙي تي گرميءَ خلاف عوامي جدوجهد ڪندي ڏٺو ويو آهي...ٻي آهي سنڌي ٿاڌل...حڪومت اهڙن عظيم مشروبات کي پنهنجي تحويل ۾ وٺڻ جو سوچيو آهي....انهيءَ سان ملڪ جي تقريبن ٻه هزار ميگا واٽ گرمي گھٽ ٿي سگھندي.....!‘‘ هوڏانهن ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ڪالهه شاهراهه فيصل تي ڪجهه اسيمبلي ميمبرن پنهنجي پنهنجي علائقي ۾ لوڊشيڊنگ ۽ ان جا فائدا جي عنوان هيٺ سيمينار ۽ ورڪشاپ ڪرائڻ لاءِ جلوس ڪڍيو...جنهن کانپوءِ ميمبرن اتفاق راءِ سان هڪ قرارداد منظور ڪندي گهر ڪئي ته سنڌ جي هر شهر ۾ هڪڙو ميڻ بتين ۽ لالٽينن جو اسٽال مفت لڳايو وڃي...بعد ۾ ميمبرن لوڊ شيڊنگ زندهه باد جا نعرا هڻندي روڊن ۽ رستن تي لڳل بلب، راڊون ڀڃڻ شروع ڪيون، هو پاڻ سان گڏ وڏا وڏا بينر به کڻي آيا هئا، جن تي لکيل هو، ”اوندهه اڄ به زندهه آهي”....”ملڪ جي تقدير، پگهر جي زنجير‘‘ ....’’تون ڪيترا جنريٽر ٻاريندين، هر گهر ۾ اونداهه آڻينداسين!‘‘

    احتجاج ۾ ايترا ته وزير هئا جو سڄو ايم اي جناح روڊ مڪمل طور تي بند ٿي ويو ۽ ائين پئي لڳو ڄڻ اهي سڀ صدر صاحب سان گڏ ڪنهن ٻاهرين ملڪ جي دوري تي پيا وڃن....پوليس جون ساڻن چڪريون به ٿيون يعني پوليس اڳيان ۽ ميمبر پٺيان....نيٺ ميمبرن پوليس مٿان آنسو گئس وسائڻ شروع ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ سڀ پوليس وارا ڇڙ وڇڙ ٿي ويا...ائين ميمبر ’’ملڪ جي تقدير، پگهر جي زنجير“ جا نعرا هڻندا پوليس جو گهيرو ٽوڙي صفا ننڍڙي وزير هائوس پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا...جتان وري صفا ننڍڙي وزير، ننڍڙي هئڻ جو فائدو وٺندي هڪڙي وڏي دريءَ مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي...پر ٻئي پاسي ميمبرن هن کي زبردستي ڪلهي تي کڻي هڪ يادداشت نامو پيش ڪيو...جنهن کي ڏسي ننڍڙي وزير چيو ته منهنجي خود يادداشت صحيح ڪانهي...ميمبرن جو مطالبو هو ته مسلسل لوڊشيڊنگ سبب واپڊا، ڪي اي ايس سي ۽ نيپرا ۾ گولڊ ميڊل ورهايا وڃن. انهي کان اڳ سنڌ جي اڻ رٿابندي، ڦيٽاڙي ۽ تنزليءَ واري کاتي طرفان اونداهه جي وزير جي مان ۾ هڪ آجياڻو ڏنو ويو، جنهن ۾ سڄي ملڪ کان آيل ڪامياب ۽ بهترين رشوت خور آفيسرن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي...سڀ کان پهرئين لوڊ شيڊنگ جي گرميءَ هٿان شهيد ٿي ويلن جي مان ۾ ٻن منٽن جي اونداهه ڪئي ويئي...جنهن کانپوءِ اقوام متحدا کان آيل وفد اونداهه جي وزير کي ٻن ڪروڙ ڊالرن جا ڏيئا امداد طور ڏنا...ان موقعي تي بلڪه موقعي مان فائدو وٺندي اونداهه جي وزير چيو ته....هي ڏيئا رڳو اسانجي ملڪ ۾ ئي ٻري سگھن ٿا...ڇو ته هي ڏيئا دنيا جا واحد ڏيئا آهن جيڪي انساني تيل مان ٻرن ٿا.....۽ اسين واپڊا جا شڪر گذار آهيون جيڪي پنهنجي محنت ۽ جفا ڪشيءَ سان هر سال ماڻهن مان اهڙو تيل ڪڍي رهيا آهن. اونداهه جي وزير وڌيڪ چيو ته، لوڊ شيڊنگ در اصل ماڻهن ۾ سماجي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ خوبصورت منصوبو آهي...لوڊ شيڊنگ هوندي ته ماڻهو سمهي نه سگھندا....ائين اسان ڀٽائيءَ جي پوئواري ڪنداسين ته ستا اٿي جاڳ....۽ ا ئين هن موجودهه اونداهي جمهوري دور ۾ پنهنجي عوام کي فراهم ڪيل اوجاڳي جي عادت اهڙي وجهنداسين جو هو پنهنجي عمر ۾ ننڊ جي نالي کان به سڪندا...عوام ۾ سجاڳيءَ جي هيءَ مهم تڏهن ڪامياب ويندي جڏهن راتين جو بجلي بند ڪري ماڻهن کي هر وقت سجاڳ رکيو وڃي...لوڊ شيڊنگ سجاڳيءَ جو نالو آهي....پوءِ جيترو عوام جاڳندو، اوتري قوم جاڳندي....قوم کي جاڳائڻ اسان جي منشور ۾ شامل آهي.

    تازو هڪ رسالي پنهنجي سالياني رپورٽ ۾ اسان جي پياري ملڪ کي صبر جي شرح ۾ پهرئين نمبر تي ڏيکاريو آهي...رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هڪ پاڪستانيءَ جا جنت ۾ وڃڻ جا چانسز ٻين ملڪن جي ماڻهن کان وڌيڪ آهن....ڇو ته هتي ماڻهن وٽ لوڊ شيڊنگ جي سهوليت موجود آهي...جنهن ڪري هتي جو هر مرد صبر جو شهزادو ۽ هر عورت صبر جي ديوي آهي....مئگزين ۾ هڪ نظم به ڇاپيو ويو آهي، جنهن جو ترجمو ڪجهه هن طرح آهي ته، ”ها، توهان ڏسو.....لوڊ شيڊنگ توهان جي دلين ۾ هڪ صبر جو درياءُ ٺاهي رهي آهي، پوءِ اهو درياءُ جڏهن وهي ٿو ته، توهان کي خبر پوي ٿي ته اهو درياءُ نه پر...اهو پگھر آهي. اي منهنجا غريب هم وطنو، يقين سان اهو عظيم پگھر، توهان لاءِ هڪ نوڪريءَ جي تحفي جيان آهي. اها نوڪري، جيڪا توهان پئسا ڏيڻ جي بغير حاصل ڪئي هجي!“ اسان جي خيال ۾ ته لوڊ شيڊنگ ملڪ کي کڻي ڪيترا به فائدا ڏنا هجن...پر هڪڙو ئي فائدو ڇا گھٽ آهي ته اونداهه جي ڪري هاڻي اسان جا نوجوان پڙهڻ جهڙي زهر کان بچي ويا آهن، جنهن جي ڪري امتحان ۾ ڪاميابي ايتري ضروري ناهي رهي، ۽ جنهن جي ڪري بي روزگاريءَ ۾ اضافو ٿيڻ کان پيارو ملڪ بچي ويو آهي...خدا جو شڪر آهي ته لوڊ شيڊنگ ملڪ ۾ آدمشماري جي اضافي کي به روڪي ڇڏيو آهي...اسان هڪڙي دوست کان پڇيو، ”توهان کي اولاد ڇو نٿو ٿئي؟“ چيائين، ”لوڊ شيڊنگ جي ڪري....!“ وڏي ۾ وڏي پريشاني ته رڳو اولاد جي شادي ڪرائيندڙ مائٽن سان آهي...جيئن هڪڙي ڪنوار پنهنجي مائٽن کي چيو ته، ”يا ته شادي نه ڪرايو...جيڪڏهن ڪرايو ٿا ته پوءِ ان سان گڏ يو پي ايس به ڏيو!“

    سرحد ۽ بلوچستان ۾ ته پٺاڻ ئي ايترا آهن جو اتي بجليءَ جي ايتري ضرورت ناهي جيتري نسوار جي ضرورت آهي....اتي ته احتجاج ئي ان ڳالهه جي ڪري ٿيندو آهي ته، صوبي مان نسوار جي کوٽ پوري ڪريو!...وڏي ۾ وڏو مسئلو ته آهي ئي باقي ٻن صوبن جو...جتي مئڪپ جي انڊسٽري گرميءَ جي ڪري تباهه ٿي ويئي آهي...مائي اڃا مئڪپ ڪرائي گهر ٿي موٽي ته ساڳي جي ساڳي...هاڻي ته بيوٽي پارلرن پگھر فري مئڪپ جي ايجاد ڪئي آهي....هڪڙي بيوٽي پارلر ٻاهران لکيل هو، ”اسان جو ڪيل فيشل ۽ ماسڪ لوڊ شيڊنگ کان پاڪ آهي....اسان وٽ ڪنوار جو مئڪپ گرمي پروف اصولن تحت ڪيو وڃي ٿو...ٻارنهن ڪلاڪن تائين پگھر نه نڪرڻ جي گارنٽي...مڙس سڃاڻي وڃي ته پئسا واپس!“

    abro-imtiaz@hotmail.com
     
  8. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب امتياز ابڙو جي لکين ڪالمن جو مجموعو

    ڪاوش جا پڙهندڙ




    سومر 3 آگسٽ 2009ع



    ڪجهه ڏينهن اڳ مون سنڌ جي ڪيترن ئي اديبن، دانشورن، فنڪارن کان ڪاوش جي باري ۾ سندن رايا ورتا...هنن جيڪي ڪوڙ ڳالهايا، اهي هيٺ پيش ڪجن ٿا. اديبن کي دعوتون ڪرائي ادب ۾ نمايان حيثيت حاصل ڪندڙ نامياري ڪهاڻيڪار ريٽائرسنڌيءَ چيو ته، پهرين ته ڪاوش جي سالگرهه تي کوڙ ساريون واڌايون. ان کان پوءِ مان اهو چوندس ته اسان جي پوري فيملي ڪاوش جي پڙهندڙ آهي. اسان وٽ ته ماسِي ڪم واري به پهرئين ڪاوش پڙهندي آهي ۽ پوءِ ٿانون ۾ هٿ وجھندي آهي. آئون وري جنهن ڏينهن ڪاوش نه پڙهندو آهيان، انهي ڏينهن مونتي غشيءَ جا دورا پوندا آهن. ڪاوش مون کي ايتري ته وڻندي آهي جو آئون ته ماني به اخبار تي رکي پوءِ کائيندو آهيان. جيئن هڪڙي دفعي اخبار جي ايڊيٽوريل پيج مٿان ٻوڙ هارجي پيو....ڏٺم ته اسان جو هڪڙو ڪالم نگار سڄو ڍڪجي ويو هو...۽ انهي جي نڪ مٿان ٻوٽي وڃي ڪري هئي...مون به ڏاڍي پيار سان ٻوڙ اگھي ڇڏيو. هڪڙي دفعي مڇي کائي منهنجي پٽ ڪنڊو اڇليو ته اهو هڪڙي سياستدان جي مُڇن مٿان وڃي ڪريو...انهي ڏينهن کانپوءِ مون اخبار وڇائي ماني کائڻ واري ڪم خلاف هڪڙو خط به لکيو جيڪو ڪونه ڇپيو...ڇوته ايڊيٽر جو خيال هو ته انهي سان ملڪ مان ٻوڙ هارڻ وارو رجحان ختم ٿي ويندو!نامياري ڊرامانگار قادر جوڻيجي چيو ته، ڪاوش جڏهن نئين نئيننڪتي هئي ته ماڻهو انهي کي شڪ جي نگاهه سان ڏسندا هئا...جيئن منهنجا ساهرا مون کي شڪي نگاهن سان ڏسندا آهن. ان مهل جنهن مهل آئون شڪي حالت ۾ هوندو آهيان. اخبار نيٽ تي اچڻ کانپوءِ ان کي نائيجريا جا شيدي به پڙهندا آهن، چاهي انهن کي سنڌي سمجھه ۾ اچي يا نه....پر ويب سائيٽ ضرور کولي ڏسندا آهن. هاڻي سنڌي ٻوليءَ کي ڪو به خطرو نه آهي، ڇو ته اها هاڻي نائيجيريا ۽ يوگنڊا جي شيدين جي ڊرائنگ رومن تائين به وڃي پهتي آهي...۽ اهو ڪاوش جو سنڌي ٻوليءَ تي احسان آهي! سنڌي ٻولي جي بي اختيار اداري واري جهونيءَ چيو ته، ڪاوش اديبن ۾ وڌ کان وڌ پڙهي ويندڙ اخبار آهي، جيڪا هنن ڪڏهن به پنهنجن پئسن سان وٺي ڪانه پڙهي آهي. هميشه ڪنهن نه ڪنهن کان وٺي پوءِ پڙهندا آهن. آئون ڪاوش جي شروعاتي پڙهندڙن مان آهيان...يعني اڃا ڪاوش ايجاد به ڪانه ٿي هئي، آئون تڏهن کان پڙهي رهي آهيان!....ڪجھه ماڻهو ڪاوش جي ٻوليءَ تي سر عام تنقيد ڪندا آهن، جيڪو صحيح ناهي. آئون خود به تنقيد ڪندي آهيان پر ان مهل، جنهن مهل منهنجي سامهون ڪيربه نه هجي!

    سنڌي ٻوليءَ جي صفا جهوني دانشور ۽ برک اديب (اصل ۾ بک اديب) ڦوڪڻي ٽونگڙائيءَ چيو ته ڪاوش اخبار سنڌي ماڻهن ۾ سجاڳي آندي آهي....يعني جيڪي ستا پيا هوندا آهن، انهن لاءِ اهڙيون خبرون لڳايون وينديون آهن جو انهن جي ننڊ غائب ٿي وڃي...پوءِ جن سنڌين کي صبح جو سوير آفيس لاءِ اٿڻو هوندو آهي....اهي رات جو ڀر ۾ اخبار رکي سمهندا آهن ته جيئن صبح جو سوير سجاڳي ٿئي ... ائين ڪاوش سنڌي ماڻهن ۾ سجاڳي آندي، جيڪا اسان لاءِ فخر لائق آهي. سنڌي اجائي سنگت جي ميجر جنرل سيڪريٽري نان سنڌيءَ چيو ته، سالگرهه واري موقعي تي مان ڪاوش سٿ کي دل جي ...جيتوڻيڪ منهنجو اندر سڙي ٿو ڇو ته منهنجا ڪالم ڇاپيا نٿا وڃن...انڪري دل جي ساڙ منجهان واڌايون ڏيان ٿو. منهنجا اهي سڀ ڪالم ڪاوش وارن رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ اڇلي ڇڏيا، جن کي ذري گھٽ ايوارڊ ملڻ جو ڊپ هو. جيئن منهنجا ٽي مشهور ڪالم هئا، ’’لوڊ شيڊنگ جي گرمين ۾ عشق‘‘، ’’سنڌي ڪهاڻيءَ کي ٻيهر جيئرو ڪندڙ نجوميءَ جي تلاش‘‘ ۽ ’’سنڌي شاعريءَ مان اديبائن جي گمشدگي‘‘.ڪي ٽي اين جي ڊائريڪٽر فيوز محترم ڪنفيوز چيو ته، ڪاوش ۾ ڪم ڪندي نون ماڻهن سان ملاقات ٿي. موٽ ۾ مون کي گهڻو ڪجهه مليو ۽ جيڪو به مليو، هميشه کلئي عام ورتوسين. ڪاوش منهنجي جان آهي. مونکي ته اداڪارا نجمه ڪاوش به رڳو ان ڪري وڻندي آهي ڇو ته انهي جي نالي پٺيان ڪاوش آهي! ڪي ٽي اين جي نيوز ڪاسٽرياڻي عاملا پگھر چيو ته، جڏهن به ڪاوش جي سالگرهه ايندي آهي ته خوشي ٿيندي آهي ته اڄ وري هڪ ڪيڪ کائڻ لاءِ ملندو...ڇو ته سالگرهه ۾ مهمان گھرائجن يا نه، پر ڪيڪ کي ضرور گھرائڻو پوندو آهي. ڪي ٽي اين نيٽ ورڪ جون سالگراهون ايتريون ٿيون ٿين جو اسان هاڻي سالگرهه جي ڪيڪ تي لڳل ميڻ بتيون وسائڻ لاءِ به هڪ ماڻهو رکيو آهي. باقائدا هڪ ٿلهو متارو حبشي اسٽائيل جو همراهه آهي جنهن جي هڪڙي ئي ڦوڪ جهڙي اسرافيل جي ڦوڪ هوندي آهي...اهڙي ته زور سان ڦوڪ ڏيندو آهي، جو اهي ميڻ بتيون وري مهينن تائين ٻري نه سگھنديون آهن! ڪي ٽي اين جي گھوسٽ خاليءَ چيو ته، صبح جو اک کلڻ سان منهنجي اک ٻن شين تي پوندي آهي...هڪڙي مائيءَ تي ۽ ٻي ڪاوش تي ...پوءِ آئون يڪدم ڪاوش پڙهڻ لڳندو آهيان ته هوءَ دانهون ڪري چوندي آهي ته، مون کان وڌيڪ توکي انهي جو خيال آهي....اها روز صبح جو اچيو ٺڪا ڪري...ٻارن کي اسڪول به ڪونه ٿو ڇڏيو اچين...سو منهنجا ادا، ڪاوش اهڙو نشو آهي جو چئن دفعا اسانجي طلاق ٿيندي ٿيندي بچي آهي!

    شاعر ۽ گلوڪار واحد تڪڙي چيو ته، مان ان وقت کان ڪاوش اخبار پڙهندو پيو اچان جڏهن هڪ روپئي ۾ ملندي هئي ۽ اڄ ڏهين روپين جي ٿي وئي آهي پوءِ به پڙهان پيو. ۽ توهان سوچيو ته مون ڪاوش جي پٺيان ڪيترو خرچ ڪيو آهي...ايترو خرچ جيڪڏهن آئون پنهنجي محبوبا جي پٺيان ڪريان ها ته هينئر ڇهن ستن ٻارن جو پيءُ هجان ها....! اداڪارا خُفيه گُل چيو ته، شوبز جي باري ۾ سڀ کان پهرئين ڪاوش ئي خبر ڏيندي آهي ته ڪهڙو فنڪار ڪهڙي فنڪارڻ سان، ڪيتري فنڪاريءَ سان، پيچ پيو اڙائي ۽ ڪنهن ڪنهن کي آسرن ۾ پيو رکي....جيستائين مان ڪاوش کي نه پڙهندي آهيان ، پاڻيءَ مان نڪتل مڇيءَ وانگر ڦٿڪندي رهندي آهيان...پوءِ جيئن ئي ڪاوش ملندي آهي ته اهڙو سڪون اچي ويندو آهي ڄڻ ڪنهن ڊائريڪٽر ڇهن مهينن جا روڪيل پئسا مَس مَس ڏنا هجن! گلوڪارا گجريلا ڪاليءَ چيو ته، جڏهن مون کي منهنجي پهرئين مڙس طلاق ڏني ته اها ڪاوش ئي هئي جنهن سڀ کان پهرئين خبر ڏني....خود مون کي به اخبار مان ئي خبر پئي ته انهي نڀاڳي مڙس مون کي طلاق ڏيئي زندگيءَ ۾ ڪو پهريون سٺو ڪم ڪيو آهي...انهي کانپوءِ اها ڪاوش ئي هئي جنهن سڀ کان پهرئين منهنجو افيئر فاش ڪيو ته آئون اداڪار انب باغائيءَ سان لڪي لڪي ڪالا باغ ۾ ملڻ وڃان ٿي.نيٺِ سَلهجي پوڻ جي ڊپ کان مون کي ٻي شادي به ڪرڻي پئي...سچ ته ڪاوش فنڪارن جي وڏي مدد ڪئي آهي!

    گلوڪارا گلابي گُل چيو ته، مان انهن ڏينهنِ کان ڪاوش جي هائيڊ پارڪ جا خط پڙهي رهي آهيان، جڏهن اڃا مون کي پڙهڻ ئي رڳو پرايا خط ايندا هئا...ننڍپڻ کان ڪاوش ۾ لکيل خط پڙهڻ جو اهو فائدو ٿيو جو پوءِ جيڪي ’’لو ليٽر‘‘ مونکي ايندا هئا، اهي به مان آسانيءَ سان پڙهي ويندي هئس...نه صرف پنهنجا پر مميءَ جا، ’’لو ليٽر‘‘ به ان کي پڙهي ٻڌائيندي هئس...سچ ته ڪاوش جو اسان فنڪارن تي وڏو احسان آهي. اسپتال ۾ بيماريءَ جي بستري تي پيل صفا جهوني اداڪار غريب محمد ماکي چيو ته، پوڙهو آهيان، اخبار جا اکر ايترا ته ننڍڙا هوندا آهن جو نرسن کان اخبار پڙهائي ٻڌندو آهيان...نرسون سُوئي هڻڻ اينديون آهن ته انهن کي چوندو آهيان، پهرئين اخبار ٻڌايو پوءِ سوئي هڻائيندس....جيڪڏهن ڪاوش وارا منهنجي بيماريءَ جي خبر شايع نه ڪن ها ته اڄ مان مري چڪو هجان ها.آئون ته رڳو جيئرو ئي انڪري آهيان ته جيئن ڪاوش ۾ پنهنجي وفات جي خبر پڙهي پوءِ مران...هونئن آئون لهان ته ٽَڪو به ڪونه، پر پنهنجي بيماريءَ جي باري ۾ وڏا وڏا آرٽيڪل ڏسي في الحال مون مرڻ جو پروگرام ئي ملتوي ڪري ڇڏيو آهي...۽ قسم کنيو آهي ته جيستائين ثقافت کاتي جي خزاني کي اڌ خالي نه ڪندس ...تيستائين مرڻ ته ڇا ڪوڙو بيهوش به ڪونه ٿيندس!

    abro-imtiaz@hotmail.com
     
  9. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب امتياز ابڙو جي لکين ڪالمن جو مجموعو

    عيد عجيب!




    سومر 21 سيپٽمبر 2009ع



    عيد اهو ڏينهن آهي جنهن ڏينهن ٻه ڄڻا پاڻ ۾ ملي وري ٻي عيد تي ملڻ جي ڌمڪي ڏيندا آهن. اڃا ته اسان وٽ ايتري جهموريت به ناهي آئي جو جنهن اسٽائيل ۾ ٻه مرد عيد ملندا آهن انهي اسٽائيل ۾ جيڪڏهن عورت ۽ مرد عيد ملن ته ٻنهي کي اتي جو اتي ڪارو ڪاري ڪري مارين...اسان وٽ ته ويچارا زال مڙس به کُلي نموني عيد نه ملي سگهندا آهن، سدائين انتظار پيا ڪندا ته هاڻي ماڻهو ٽرن ته عيد ملون!

    عيد اهو ڏينهن آهي جنهن ڏينهن توهان کي انهن ماڻهن سان به ملڻو پوندو آهي جن جي لاءِ توهان سڄو سال حزبِ مخالفت ۾ هوندا آهيو...يا جن سان ملي پوءِ ڪنهن سان به ملڻ تي دل نه چوندي آهي...ڪجهه ماڻهو عيد ملندا ڪونه آهن پر عيد وڙهندا آهن، ڀاڪر ائين پائيندا ڄڻ يڪو انهن ويهن پنجويهن عيدن جو به ڀاڪر پائي ڇڏيندا، جن عيدن تي اسين هنن کي لڀجي نه سگهيا هئاسين....ڪي مسلمان ڀائر وري ايترو وڏو ڀاڪر پائيندا ڄڻ سڀني کان وڏي ڀاڪر پائڻ واري کي عيد جو فلم وارو شو مفت ڏيکاريو ويندو...نوجوان ويچارا ته ڀاڪر پائڻ سکندا ئي عيد عيد جي ڏينهن تي آهن!

    عيد ٿيندي آهي ته وڏي عمر وارا پوڙها ٻار ٿي پوندا آهن ۽ ٻار پاڻ کي وڏو سمجھڻ شروع ڪندا آهن....جن جا وارَ اڇا هوندا آهن، اهي ويهين ويهين رپين ۾ پنهنجا ويهه سال گھٽائڻ لاءِ حجامن جي دڪان تي پهچي ويندا آهن. جن روڊن تي بيوٽي پارلر هوندا آهن، اتان ته گس ئي ڪو نه ملندو آهي...چوندا آهن ته ٻئي پاسي کان ڦري وڃو!...بيشڪ، بيوٽي پارلر اهو ’’جادو ئي گھر‘‘ آهي ، جنهن ۾ جيڪا مائي اندر ويندي آهي،گھٽ ۾ گھٽ اها ساڳي مائي ته اسان ڪڏهن به ٻاهر نڪرندي نه ڏٺيون...اسان ته جڏهن به ڏٺو هميشه نيون نيون مايون نڪرندي ڏٺيون...خبر ناهي ايتريون مايون اندر وڃن ٿيون ته ڪيڏانهن غائب ٿيو وڃن؟ پوءِ اهي مڙس وري اجايو پيا خوش ٿيندا آهن ته هلو جيڪا ٿلهي ۽ پوڙهي بيوٽي پارلر ۾ ڏيئي آيو هوس، انهي جي بدران هيءَ ڪيڏي نه سهڻي عورت ملي آهي....پر خبر تڏهن پوندي اٿن، جڏهن سندن ڀر ۾ بيٺل ٻار، انهي عورت کي ”اَمِي اَمِي“ ڪري سڏڻ لڳندا آهن!

    عيد جو ڏينهن کائڻ جو ڏينهن هوندو آهي (هڪٻئي کي کائڻ جو نه)....مٺائيءَ جي دڪان تي اهي ماڻهو به چڙهي ويندا آهن جن کي سڄو سال کنڊ مهانگي هئڻ جي شڪايت رهندي آهي...عورتون ته عيد تي به ڊائيٽنگ ڪنديون، مٺائي ايتري ٿوري کائينديون جو خود مٺائيءَ کي به خبر نه پوندي ته آئون کاڌي پئي وڃان يا نه...؟ باقي مرد ته اهو جانور آهي جو جيڪڏهن ڪسٽرڊکائڻ ويهندو ته پهرين اهو ئي چاهيندو ته هڪڙي چمچي ۾ به ٻن چمچن جيترو مال وجھي کائجي...شگر جي مريضن کي به ڏسبو ته عيد جي ڏينهن رڳو مٺيون مٺيون شيون پيا کائيندا...بلڊ پريشر وارا به عيد جي ڏينهن ڳولي ڳولي اهڙيوين شيون پيا کائيندا، جن کي کائڻ کانپوءِ وري الائي ڪيترا ڏينهن دوائون پيا کائيندا...!

    جيڪڏهن ٻه ٿلها همراهه عيد ملي رهيا هجن ته سنهڙن کي التماس آهي ته انهن جي وچ مان لنگھڻ کان پاسو ڪن، نه ته پوءِ انهن جا پاسا ڪو نه هوندا...جيڪڏهن توهان خود ٿلها آهيو ته پوءِ سنهڙن دوستن سان ملڻ کان پرهيز ڪريو...يا ته عيد کان اڳ هلڪا هلڪا ڀاڪر پائڻ جو ڇهن ڏينهن جو ڪورس ڪريو....جيتوڻيڪ اسان ڪڏهن به ڪنهن ٿلهي جي ڀاڪر هٿان ڪو سنهڙو مرندي نه ڏٺو آهي، پر اسين خود به مرڻ جي ڳالهه ڪونه پيا ڪريون....اسين چاهيون ٿا ته هن ويچاري سنهڙي جيڪو کاڌو آهي اهو هن جي پيٽ ۾ ئي رهي...ٻاهر نه نڪري اچي!

    جيڪڏهن توهان پاڻ سنهڙا آهيو ته عيد جي ڏينهن الرٽ رهو، پري کان ڪو ٿلهو ايندي ڏسو ته گس ئي ٻيو وٺو....اهو مشورو اسين توهان کي انڪري پيا ڏيون جو توهان کي به ننڍڙا ننڍڙا ٻچا هوندا...يا وڏيون وڏيون زالون هونديون...يا جيڪڏهن هروڀرو توهان ضد ڪري ڪنهن ٿلهي سان عيد ٿا ملو ته پوءِ پهرئين توهان پنهنجيون پاسراٽيون ڳڻي ڇڏيو ۽ پوءِ ملو....هاڻي وري توهان پاسراٽيون ڳڻيو....جيڪڏهن پوريون آهن ته ٺيڪ آهي، جيڪڏهن هڪ ٻه کٽل آهن ته ٿلهي کان ڀرائي وٺو!

    غريب ته اها عظيم شئي آهي جو عيد جي ڏينهن وري اهڙو سهڻو ٿيو پيو هلندو جو باقي سڄو سال اهڙي شڪل کڻي هلي ته ماڻهو انهيءَ کي وزير سمجھي نوڪريءَ جون درخواستون ڏين. سڄو سال اٽي جي قطارن ۾ بيهي بيهي پاڻ به جهڙو اٽو ٿيو پيو هوندو آهي، پر عيد جي ڏينهن نئون نڪورو خوش خوش....بازارن ۾ پنهنجي اندر جو درد لڪايو ائين مسڪرائي پيو هلندو ڄڻ ڪنهن منسٽر وٽان کنڊ جي ٻوري تحفي ۾ ملي هجيس!

    شاعر وري اها قوم آهي جو ڪير هنن سان انهي ڊپ ۾ ڪونه پيو ملندو متان ڪو ڳاٽي وارو غزل نه ٺڪاءُ ڪرائي وجهي...ڊاڪٽر ته عيد جي ڏينهن به خاموش نه هوندا آهن...ڪنهن سان ڀاڪر پائي ملندا ته ڇاتيءَ تي هٿ رکي ائين ملندا ڄڻ انفيڪشن ڏسي رهيا هجن...ماسترن جون هونئن به ٻه ڪيٽيگريون آهن....هڪڙا اهي جيڪي عيد ملهائيندا آهن ۽ ٻيا اهي جن کي عيد ملهائيندي آهي...عيد جو ڏينهن شادي شدهه مڙسن لاءِ وڌيڪ خوشيءَ وارو هوندو آهي، ڇوته هن ڏينهن تي اڪثر زالون پنهنجن مائيٽن ۾ هليون وينديون آهن!

    پوليس وارا، حجام ۽ فقير هن ڏينهن کي ٻين ماڻهن جي مقابلي ۾ وڌيڪ برڪت وارو سمجھندا آهن...ٻارن ۽ پوليس وارن ۾ ته اها ئي هڪجهڙائي آهي ته اهي رڳو عيدي وٺندا آهن...بازار ۾ به ڏسبو ته ٻيا مرد عيد جا بُوٽ پيا جانچيندا، پر گنجو رڳو ٽوپين جا اگھه پيو پڇندو!...جيئن هڪ ٻار کان ماستر پڇيو، ”سمنڊ، چنڊ ۽ گنجي ۾ ڪهڙو فرق آهي؟“ ته چيائين، ”سمنڊ ڇوليون هڻندو آهي، چنڊ چمڪندو آهي‘‘

    هن عيد تي ته حڪومت آرڊيننس ڪڍيو آهي ته ڪنهن به گنجي کي عيد جي رات ڪنهن به گھر جي ڇت تي چڙهڻ کان منع ڪجي ٿي ڇو ته پوءِ ”ڪميٽيءَ“ کي چنڊ ڏسڻ واري عمل ۾ رنڊڪ ٿي پوي، ڇو ته انهن جون دوربينون انهيءَ دور جون آهن جڏهن چنڊ ڇت تان نه پر هيٺان زمين تان ئي ڏسڻ ۾ اچي ويندا هئا...پر جڏهن کان موبائيل فون نڪتي آهي چنڊ کي الائي ڪيئن خبر پئجيو وڃي....نتيجي ۾ چنڊ ڳولبو پيو هڪڙي ڇت تي ۽ ملندو پيو وري ٻي ڇت تان....!

    abro-imtiaz@hotmail.com
     
  10. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب امتياز ابڙو جي لکين ڪالمن جو مجموعو

    ٻڪرا پڙي





    چنچر 28 نومبر 2009ع



    اڄڪلهه ٻڪريون ايتريون مهانگيون آهن جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪا ٻڪري خريد ڪري گهر پيو موٽندو ته هام اهڙي پيو هڻندو ڄڻ اين آر او معاف ڪرايو پيو اچي...ائين ئي ٻڪرا پڙيءَ ۾ هڪڙو ٻڪرو ۽ هڪ ٻڪري پاڻ ۾ ڪچهري ڪري رهيا هئا، جيڪا ڪجهه هن طرح هئي:

    ٻڪرو: ٻڌاءِ ، اڄ توکي ڪير ڪير خريد ڪرڻ آيا ؟

    ٻڪري: صبح هڪڙو همراهه آيو...ان هڪ هزار روپين جيترو ٻڪرو گهريو ته منهنجي مالڪ چيس، ”هڪ هزار ۾ ته تون رڳو ٻڪر جي سـڱن تي چڙهي ويهي سگهين ٿو!‘‘

    ٻڪرو: اڇا، تنهنجو مالڪ ڳالهائڻ جو شينهن لڳو پيو آهي!

    ٻڪري: ها، همراهه به يڪدم چيس، ”مون توهان کان سستو ٻڪرو پڇيو آهي پر توهان ڪاوڙ ۾ ائين پيا ڳالهايو ڄڻ مون توهان کي کنڊ جو اگهه گهٽ ڪرڻ لاءِ چيو هجي!“

    ٻڪرو: ۽ ڪر خبر چا ر...هُو واپاري، جنهن توتي هٿ پئي ڦيرايا...انهي ۾ ته ٽڪي

    جو به شرم نه هو!

    ٻڪري: ها...مئو...رڳو هٿ ڦيرائي هليو ويو!

    ٻڪرو: هي انسان ڪهڙي قسم جا آهن، ڪنهن پرائي نياڻي سياڻيءَ جو خيال ڪونه ٿا ڪن!

    ٻڪري: ها، پورا ڏهه منٽ منهنجي پٺيءَ تي هٿ ڦيرائيندو رهيو...پر خريد ڪونه ڪيائين!

    ٻڪرو: بلڪل پاڻ واري هن جهنگلي ٻڪر وانگر پئي لڳو، جيڪو توکي آسرن ۾ رکي وري هڪ ٻي ڀوري ٻڪريءَ سان ڀڄي ويو هو!

    ٻڪري: ها...هن منهنجا ڏند به ائين پئي ڏٺا ڄڻ آئون سگريٽ پيئندي هجان!

    ٻڪرو: اوهه...نو.....شِٽِ!

    ٻڪري: هڪڙو دڪاندار آيو، انهي اچڻ شرط پڇيو ته ٻڪريون مهانگيون يا ٻڪرا...؟پر منهنجي مالڪ چيس، ”اسان وٽ ٻڪرن جا به ايترا ئي پئسا آهن جيترا ٻڪرين جا...بس، ٻڪرين جي مئڪپ جو خرچ رڳو ٿورو وڌيڪ ٿيو وڃي.‘‘

    ٻڪرو: واهه.....پوءِ؟

    ٻڪري: پوءِ وري هوءَ پوڙهي ٻڪري ڏيکاريائينس، جنهن جا ٻه پير قبر ۾ آهن ...ته همراهه چيو ته هيءَ مري پوندي ...مون واري مالڪ به چيس، ”عيد جي رات مري وڃي ته صبح جو سوير ڪُهي ڇڏجوس....ڪهڙو هن جو پوسٽ مارٽم ٿيندو!“ همراهه ٻڪريءَ جي خوبين جي باري ۾ پڇيو ته چيائينس، ”هن کي توهان عورتن واري سيٽ تي بيهاريندئو ته ڪنهن کي خبر به ڪانه پوندي!“

    ٻڪرو: خبر اٿئي مونکي وري هڪڙو سنڌي اديب ڏسڻ آيو هو!

    ٻڪري: پر سنڌي اديبن تي ته قرباني جائز ئي ڪانهي!

    ٻڪرو: خبر ناهي...پر منهنجي مالڪ هن کي چيو ته، ”توهان کي اهڙو ٻڪرو ٿو ڏيکاريان جو توهان کي پنهنجو ننڍپڻ ياد اچي ويندو!“ ائين چئي هن کي منهنجي اڳيان بيهاري چيائين، ”هي ڏسو...هي هڪ تاريخي ٻڪرو آهي!“ اديب حيران ٿي پڇيو، ”ڇا، هن جنگِ آزاديءَ ۾ حصو ورتو هو ؟“ مون واري مالڪ چيس، ”توهان کي خبر ناهي...پر بهادر شاهه ظفر جي چاليهي جي ڀَت ۾، هن ٻڪري جي مائيٽن جو گوشت هو...۽ ان کانسواءِ مرزا غالب ته هن جي ابن ڏاڏن جا پاوا کائي پوءِ غزل لکندو هو!“ اديب کي ڳالهه ڪانه وڻي ته منهنجي مالڪ منهنجي نازڪ ڪن کي زور سان پڪڙي چيو، ”هيءُ کڻو...ٻه جِي بِي جو ڪارڊ ، رات جو ٽارچ وانگر ٻرندو....ايم پي ٿري آواز ٿو ڪڍي ....۽ ايف ايم فري !“ اديب به منهنجي بي عزتي ڪندي چيو، ”ڀلا هن جا ڏند اصلي آهن يا اسان جي هڪڙي پوڙهي دانشور وانگر ٻٽيهو لڳايو اٿس!“ مالڪ به ٺهه پهه چيس، ”توهان ٻڪرو قربانيءَ لاءِ پيا خريد ڪريو يا ٻڪري کان اکڙوٽ ڀڃائيندئو؟“

    ٻڪري : توکي خبر آهي ٻنپهرن مهل مون کي هڪڙو ڊاڪٽر ڏسڻ آيو هو.

    ٻڪرو : ڇو تنهجي طبيعت خراب هئي ڇا؟

    ٻڪري :نه نه...مون کي خريد ڪرڻ آيو هو....ڇا ته ڊيشنگ ڊاڪٽر هو....منهنجي پٺيءَ تي هٿ لاٿائين ته راتوڪي آيل کنگهه به لهي ويئي!

    ٻڪرو : پوءِ خريد ڇو نه ڪيائين؟

    ٻڪري : نڀاڳو... ڪنجوس هو...منهجي مالڪ کي چيائين، ’’ دراصل اسانکي پئسا ڏيئي سامان وٺڻ جي عادت ئي ڪانهي....انهي ڪري اها ڪميشن ۾ ڏي....پئسا آئون هڪڙي دوائن جي ڪمپنيءَ کي چوندس...اها ڏيئي ويندئي!“

    ٻڪرو : ۽ توکي خبر آهي....مونکي به هڪڙو پروفيسر ڏسڻ آيو هو!

    ٻڪري: ٽيوشن پڙهائڻ لاءِ....؟

    ٻڪرو: نه....خريد ڪرڻ لاءِ....

    ٻڪري: اڇا....!

    ٻڪرو: ها...ڪلاڪ کن ته منهنجا ڏند پئي ڏٺائين، جيتوڻيڪ خود سندس ٻه اڳيان ڏند ڀڳل هئا!...۽ توڀان....منهنجين پاسراٽين کي ته ائين جانچي پئي ڏٺائين ڄڻ مونکي ڪا خود ڪش جيڪٽ پاتل هجي!

    ٻڪري: اوهه نو....!

    ٻڪرو: ها، منهنجي مالڪ کان سوال ايترا پڇيائين، جو نيٺ منهنجي مالڪ ڪاوڙ ۾ چيس، ”توهان کي ٻڪرو قربانيءَ لاءِ کپي يا انهي کي سپلا جو صدر بنائيندئو؟“

    ٻڪري: انهن ڳالهين جي ڪري ته منهنجي مالڪ آغا خان مان منهنجيون ٽيسٽون ڪرائي رکيون آهن.....۽ جيڪو سوال پڇندو آهي انهيءَ کي رپورٽون ڏيکاريندو آهي!

    ٻڪرو: انهي کان ته پاڻ به انسان هجون ها!

    ٻڪري: شڪر جو ڪونه آهيون...

    ٻڪرو: ڇو؟

    ٻڪري: ڏس، پاڻ کي گهٽ ۾ گهٽ اٽو وٺڻ لاءِ قطار ۾ ته بيهڻو ڪونه ٿو پوي!

    ٻڪرو: پوءِ اي ڪاش ...آئون اٺ هجان ها!

    ٻڪري: اهو به صحيح ناهي...اٺ وري اهو جانور آهي جنهن کي ٻارَ به اُٺ چوندا آهن!

    ٻڪرو: پوءِ اُٺڙيون پنهنجن مڙسن کي ڪيئن ڪري سڏينديون هونديون؟

    ٻڪري: شايد هن طرح ته، ”آ، اُٺ....صبح جا ٿيا اٿئي اَٺَ....ڇا، آفيس ڪونه اٿئي وڃڻو؟ مونکي ياد آهي، هڪ اٺڙيءَ پنهنجي مڙس کي چيو، ”هيڏو سارو اٺ ٿيو آهين...گٽر ۾ ڌڪو کائي آيو آهين؟“

    ٻڪرو: ڇا،تنهنجو مالڪ عيد جي ڏينهن گوشت پنڻ ويندو آهي؟

    ٻڪري: ها، منهنجو مالڪ ته عيد جي ڏينهن ڄڻ گوشت گڏ ڪرڻ واري مقابلي لاءِ نڪري پوندو آهي...جيرانڊين کي ته ائين گڏ ڪندو ڄڻ انهي مان ڪڊني سينٽر کوليندو!

    ان ئي مهل هڪڙو سياستدان اچي ٿو ۽ مالڪ سان ڳالهائي ٿو. مالڪ هن کي ٻڪرو ڏيکاريندي چوي ٿو:

    مالڪ: سائين، پوري هڪ سال جو آهي، اڃا ڪالهه هن جي برٿ ڊي ملهائي اٿئون!

    سياستدان: چڱو، سالگرهه جي ڪيڪ جي قيمت سميت ٻڌاءِ ته هن جو گهڻو وٺندين...؟

    مالڪ: صرف سٺ هزار رپيا!

    سياستدان: ايترو مهانگو...مونکي هيءُ قربانيءَ لاءِکپي..مونکي هن کان حڪومت خلافت ريلي ڪانهي ڪڍائڻي...!

    مالڪ: سائين، هن ۾ وڏيون خوبيون آهن؟

    سياستدان: ڪهڙيون؟

    مالڪ: هن تي نيب جو هڪڙو به ڪيس ڪونهي!

    سياستدان: ٻي خوبي؟

    مالڪ: هي هڪڙي ئي رنڀ ۾ ايترو آواز ٿو ڪڍي ڄڻ اسيمبليءَ ۾ پنجاهه ميمبر گڏجي ڊيسڪون وڄائي رهيا هجن!

    سياستدان: ٻي ڪهڙي خوبي آهي؟

    مالڪ: هن جي قرباني ڪرڻ کانپوءِ توهان اهو به چئي سگهو ٿا ته توهان پارٽيءَ لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن!

    سياستدان: ٺيڪ آهي...هيءُ ٻڪرو ٿيو منهنجو!

    مالڪ: پر مهرباني ڪري ٻڪري کي ائين زوريءَ ڪن کان نه ڇڪيو...!

    سياستدان: ٻيو...ٻڪري کي آئون درخواست لکان ته بخدمت ۾ جناب ٻڪرا صاحب...سائين جن کي نيڪ روشن هجي ته مون توهان کي خريد ڪيو آهي انڪري مهرباني ڪري مونسان گڏ هلو!

    مالڪ: جي نه ...دراصل ائين ٻڪرو احساس ڪمتريءَ جو شڪار ٿيندو!

    سياستدان: ٺيڪ آهي، هيءُ ٻڪرو ٿيو منهنجو...آئون هن کي دهل ۽ توتارين سان ائين ٿو وٺي وڃان ڄڻ مون پنجاهه هزارن جي لِيڊ تان اليڪشن کٽي هجي!

    abro-imtiaz@hotmail.com
     
  11. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب امتياز ابڙو جي لکين ڪالمن جو مجموعو

    پراڻو سال مبارڪ!




    جمع 1 جنوري 2010ع



    ● ڪريو خبر چار....هيءُ سال ڪيئن گذريو؟

    ◊ اهو پڇو ته اسين انهي سال وٽان ڪيئن گذرياسين...

    ● توهانجي نظر ۾ سال جي بهترين شخصيت ڪهڙي رهي؟

    ◊ جيتري آساني بري ماڻهو ڳولڻ ۾ هوندي آهي، اوتري ئي ڏکيائي وري سٺي ماڻهوءَ کي ڳولڻ ۾ ٿئي ٿي...سو سال جو بهترين ماڻهو رڳو ماڻهو پنهنجو پاڻ کي سمجهندو آهي، کڻي هوندو ڪونهي!

    ● ڀلا، سال جو صحيح ماڻهو ڪير ثابت ٿيو؟

    ◊ ڏسو...دنيا ۾ ايترا ته ماڻهو آهن، جو صحيح ماڻهو ڳولجي ٿو ته سال لڳيو وڃن...۽ ان صحيح ماڻهوءَ کي صحيح ثابت ڪرڻ ۾ وري ٻيا سال لڳيو وڃن...ان ڪري سال جو صحيح ماڻهو رڳو اهو هوندو آهي جيڪو پنهنجو پاڻ کي صحيح سمجهندو آهي، کڻي هوندو ڪونهي!

    ● توهان جي نظر ۾سال جي بهترين وزارت ڪهڙي رهي؟

    ◊ جنهن سڀني کان وڌيڪ ڪجهه نه ڪيو....هونئن ڪيو ته ڪنهن به ڪجهه ڪونه....پر جنهن سڀني کان وڌيڪ ڪجهه نه ڪيو، اها وزارت سال جي عظيم وزارت ثابت ٿي!

    ● سال جو بهترين بزنيس ڪهڙو رهيو؟

    ◊ جيڪو ڪنهن به ڪنهن کي ڪونه ٻڌايو!

    ● هن سال واپار کي توهان ڪٿي ڏٺو؟

    ◊ جيتوڻيڪ هن سال ٽيڪسٽائيل کي ڪو به اسٽائيل نه ملي سگهيو،کنڊ جو اگهه انڪري چاڙهيو ويو ته جيئن ملڪ مان شگر جي بيماري ختم ڪري سگهجي...انڪري سنڌ ۾ ڪمند ۽ عقلمند، ٻنهي جي کوٽ رهي...ڪوبه فارمر چڙهي نه سگهيو، ڇو ته هاڻي سنڌ ۾ ڪو به ريفارمر رهيو ئي ناهي!

    ● سال جي اها فلم جيڪا توهان مجبوريءَ ۾ ڏٺي؟

    ◊ ”اب راج ڪري گي خلق خدا....“ هاڻي ماڻهن کي اها فلم ايترا دفعا ڏيکاري ويئي آهي جو فلم پئي هلندي آهي ۽ هر ماڻهو ڀر واري کي پيو چوندو ته، ”فلم پوري ٿئي ته ننڊ مان اٿارجان!“

    ● توهانکي اداڪار ڪهڙو وڻيو؟

    ◊ سٺو اداڪار اهو...جيڪو منهن تي ڪوڙ ڳالهائيندو رهي ۽ اسين ان کي سچ سمجهندا رهون!

    ● دهشتگرديءَ تي ڳالهايو؟

    ◊ ڏسو....آئون رڳو مائيڪ تي ڳالهائيندو آهيان.... جيتوڻيڪ ڪجهه ماڻهو خوامخواهه حق تي ڳالهائيندا آهن!

    ● بي روزگاريءَ لاءِ توهان ڇا ڪيو آهي؟

    ◊ اسان بي روزگاريءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪڙو شاندار پلان جوڙيو آهي...جنهن جو نالو آهي... اين آر او.

    ● پر اين آر او ته ختم ٿي ويو؟

    ◊ ناهي ختم ٿيو...سنڌ ۾ اڃا موجود آهي....اين آر او ...جنهن جي معنيٰ آهي... نو ريٽائرڊ آفيسر.

    ● مطلب؟

    ◊ جيئن ئي ڪو آفيسر ريٽائر ٿو ٿئي، ان کي ڪنهن نه ڪنهن يتيم کاتي ۾ لڳائي اسان سنڌ مان بي روزگاريءَ جي ڪافي روڪ ٿام ڪئي آهي!

    ● پر هو جيڪو پوڙهو، جنهن جو ڪنڌ پيو لڏندو هو، انهي کي توهان ايجوڪيشن ۾ ڇو رکيو آهي؟

    ◊ ڏسو...اسان ڏٺو ته ايجوڪيشن خود پئي لڏي....انهي ڪري ماڻهو ئي اهڙا ٿا رکون جن جا ڀلي پيا ڪنڌ لڏن....ته هن جهوني جا لوڏا اداري جي لوڏن ۾ لڪي ويندا...ائين خبر ئي ڪا نه پوندي ته ادارو پيو لڏي يا صاحب پيو لڏي!

    ● ڇا، اسان اهو چئي سگهون ٿا ته اڄڪلهه علم اها دولت آهي، جيڪا رڳو دولت سان ئي ٿي ملي؟

    ◊ جي ها....اڄڪلهه ڪنهن اسڪول وٽان رڳو لنگهڻ جي في به ٻه سئو رپيا مهينو آهي!

    ● هن سال تعليم کي توهان ڪٿي ڏٺو؟

    ◊ (هيڏانهن هوڏانهن نهاري) ڇا...اچي ويئي!؟....ڏسو....آخري ڀيرو مون جڏهن هن کي ڏٺو هو....هوءَ دريءَ ۾ بيهي وارّ سڪائي رهي هئي!

    ● جناب...آئون اهو پيو پڇان ته هن سال ڪيترا ڊاڪٽر، انجنيئر، سائنسدان پيدا ٿيا ؟

    ◊ ڏسو...توهان مونکان اهڙا سوال هرگز نه پڇو....جن جو جواب آئون انڪار ۾ ڏيئي سگهان!

    ● ڀلا، هن سال صحت کاتو ڪٿي بيٺل هو؟

    ◊ هن سال رڳو اسپتالن مان ٻارّ چوري ڪرڻ جو مقابلو ٿيو...!

    ● توهان جي نظر ۾ سال جو بيڪار ترين قدم ڪهڙو رهيو؟

    ◊ ڏسو...سڀني لون معاف پئي ڪرايا...اسان ڄٽن کي خبر ئي ڪانه پئي ته لون معاف ڪيئن ڪرائبو آهي!

    ● هن سال ڪهڙن ماڻهن سنڌ تي احسان ڪيو؟

    ◊ جن جن شاعري نه ڪئي....انهن جا لک ٿورا....

    ● توهان جي نظر ۾سال جي وڏي شخصيت؟

    ◊ هر اهو شخص وڏو نظر آيو، جنهن کان اسين عمر ۾ ننڍا آهيون!

    ● توهان وٽ سال جو بهترين محاورو؟

    ◊ منهنجي خيال ۾ هڪڙي جهنگ ۾ ٻه شينهن به رهي سگهن ٿا، بشرطيڪه اهي ٻئي ميثاقِ آمريت تي صحيحون ڪن...اهو نه وسارڻ گهرجي ته شينهن رڳو گڏجي ٻڪريون کائڻ لاءِ ڊيل ڪندا آهن...ته ڪجهه ٻڪريون تون کاءُ ...باقي ٻڪريون مونکي کائڻ ڏي!

    ● توهان جي خيال ۾ سال جو بهترين جملو؟

    ◊ جيڪو جنهن به ڳالهايو، شڪر جو ٻئي ڪنهن نه ٻڌو!

    ● توهان کي نيوز چئنل ڪهڙو وڻيو؟

    ◊ جنهن وڌ کان وڌ رانديون ڏيکاريون....

    ● آئون راندين جي نه، سياست جي ڳالهه پيو ڪريان؟

    ◊ آئون به اهو ئي پيو ٻڌايان!

    ● توهانجي نظر ۾ سال جو بهترين نيوز رپورٽر ڪير رهيو؟

    ◊ جنهن هڪڙي بم ڌماڪي کانپوءِ ڪٽيل سسيءَ کان انٽرويو پئي ڪيو...۽ ٽي وي اسڪرين تي اچي چيائين، ”ناظرين ....يه اعزاز بهي هماري چئنل کو جاتا هي که سب سي پهلي کسي کٽي هوئي سّر سي هم ني انٽرويو ليا...“ ڪٽيل سسيءَ کان رپورٽر پڇيو، ”ڪر خبر چار....هاڻي توهانکي ڇا پيو محسوس ٿئي؟“ سسيءَ چيو، ”ٻيو ته ٺيڪ آهي...بس، نڪ تي خارش پئي ٿئي...ڪيئن کنهان؟“

    رپورٽر پڇيس، ”اسانجي ويوئرز لاءِ ڪو ميسيج ؟“ سسيءَ يڪدم رڙ ڪندي چيو، ”خدا جو قسم، مون حملو نه ڪيو هو..آئون ته کنڊ وٺڻ جي لاءِ قطار ۾ بيٺو هوس!“

    abro-imtiaz@hotmail.com
     
  12. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب امتياز ابڙو جي لکين ڪالمن جو مجموعو

    ماستر ۽ لٺيون




    سومر 31 مئي 2010ع



    ڪجهه ڏينهن اڳ توهان ماسترن تي لٺيون وسايون آهن....توهان سمجهو ٿا ته اهو فن توهان ڪٿان سکيو؟

    * سڄي زندگي ماسترن ٻارن تي لٺيون وسايون آهن، هاڻي انهن تي لٺيون وسن ته جيئن انهن کي به خبر پوي ته جن تي لٺيون وسنديون آهن ، انهن جي دل تي ڇا گذرندو آهي!... توهان رڳو اهو ڏسو ته اسان ڪيڏي نه خوبصورتيءَ سان لٺيون وسايون آهن!

    اسان ٻڌو آهي، جيڪا لٺ توهان وسائي آهي، انهيءَ کي ٻه مٿا هئا...؟

    * جي نه...هڪ آمر جي دور ۾ سرڪاري خزاني مان جيڪي لٺيون خريد ڪيون ويون هيون، اسان صرف اهي استعمال ڪيون آهن...مونکي پنهنجي ڳوٺ جي وڏيري جو قسم ته اسان جمهوري ماڻهو آهيون!

    منهنجي سوال جو مطلب آهي ته ڪي ماڻهو چون ٿا ته توهان هاڻي ڏاهي جي لٺ خريد ڪري ورتي آهي؟

    * ڏسو...اها ڏاهي جي نه پر ڏائي جي لٺ هئي... اسان صرف ڏائي هٿ سان لٺ وسائي آهي... ڇا اهو ڪمال ناهي! احتجاج ۾ ڪجهه ماستر گنجا به هئا ... سورهين گريڊ جا پورا سورنهن گنجا مٿا اسان ڳاڙها ڪيا آهن ؟... ڇا، اهو اسان لاءِ اعزاز ناهي!

    ياد رکو، احتجاج ڪرڻ جو جمهوري حق صرف اسان جي پارٽيءَ کي آهي.... ٻين کي اهو ڪوبه حق نٿو پهچي ته اهي رستن روڊن تي بيهي ٽرئفڪ روڪين...!

    انهي ڏينهن ته ٽرئفڪ کليل هئي؟

    * جي نه.... ڇهه ڪلاڪ روڊ بند هو، جنهن جي ڪري ٽي ٻار رڪشائن ۾ پيدا ٿيا، ... جنهن سان اسان کي ڏهه ڏهه لک رپيا في ٻار کي ڏيڻو پيو... هاڻي ته حالت اها آهي ته ڪٿي احتجاج ٿو ٿئي ته احتجاج ڪرڻ وارن کان به پهرين پيٽ سان مايون رڪشائن ۾ چڙهيو پهچيو وڃن!

    اسان ڏٺو آهي ته توهان وَجد ۾ اچي ماسترن خلاف اهڙا اهڙا لفظ چوڻ شروع ڪندا آهيو، جيڪي ماڻهو صرف واپڊا وارن لاءِ ان وقت استعمال ڪندا آهن، جنهن وقت بجلي هلي ويندي آهي!

    * ڏسو...هنن اسانکي تنگ به ايترو ڪيو آهي جو روز روز مطالبن جون لسٽون کڻيو ٿا اچن!

    انهن جا مطالبا آهن ڪهڙا؟

    * ادا، هڪڙو مطالبو هنن اهو ڪيو ته ماسترن لاءِ هڪڙي’’ اسپيشل ميٽرنٽي ليوِ ‘‘ مقرر ڪئي وڃي! چيوسين ، ’’ ميٽرنٽي ليوِ‘‘ ته عورتن لاءِ هوندي آهي! چيائون ، انهن لاءِ نون مهينن لاءِ هوندي آهي...مردن کي صرف ٽن مهينن لاءِ ڏيو... زال ٻار ڄڻيندي آهي ته گهر جو سڄو ڪم ڪار مرد کي ڪرڻو ٿو پوي....انهيءَ ڪري اها موڪل مردن جي لاءِ به هجي! چيم، ’’ توهان ڪهڙا ٻار ٿا ڄڻيو؟‘‘ چيائون، ’’ ٻار ته زالون ٿيون ڄڻين پر نوَ مهينا لوڙهڻو ته اسان کي ٿو پوي. ‘‘!

    ٻيو ڪهڙو مطالبو هو؟

    * ٻيو اهو مطالبو هو ته هر ماستر کي ٻارن جي حساب سان ماسترين جا آرڊر ڏيو ... ائين ته هڪڙو ماستر آئون سڃاڻان، انهيءَ کي يارنهن ٻار آهن .....جيڪڏهن يارنهن آرڊر انهيءَ کي ڏناسين ته اسان جا مٽ مائٽ وري ڪيڏانهن ويندا...؟

    سر، هي چون ٿا اسانکي ’’ ٽائيم اسڪيل‘‘ ڏيو!...اهو ڇا آهي؟

    * ٽائيم اسڪيل معنيٰ اهو ٽائيم، جنهن تي هي ماستر اسڪول ۾ وڃن ته هڪڙو به ٻار نه هجي...۽ هي جلد گهر موٽي اچن!

    هي چون ٿا ته توهان جي حڪومت پاور ۾ هوندي به پاور ليس آهي ؟

    * ڏسو ، اسين جيئن ئي پاور ۾ آياسين ته خبر پئي ته ملڪ ۾ خود به پاور جي کوٽ هئي... سڄو ملڪ لوڊ شيڊنگ تي پيو هلي!

    سائين اهو واپڊا وارو پاور نه….حڪومتي پاور؟؟

    * هيتريون لٺيون هلايون اٿئون…..اڃا ڪهڙو پاور ڏيکاريون؟

    ٻيا ڪهڙا مطالبا ٿا ڪن؟

    * آئون توهان کي ٻڌايان ٿو ته جيئن تيئن ڪري مون هڪڙو قانون منظور ڪرايو آهي ته ماسترياڻين کي اسڪول ۾ مئڪ اپ ڪري اچڻ جي سخت منع آهي.

    پر سائين انهيءَ سان ته ٻارن ۾ خوف جو عنصر وڌندو....مئڪ اپ ۾ هونديون ته ٻارن کي به ڊپ جو احساس ڪونه ٿيندو.... توهان اهو قانون ڇو پيا آڻيو؟

    * ڇو ته هنن جون تنظيمون زور پيون ڀرين ته ايندڙ بجيٽ ۾ هاڻي ماستراڻين لاءِ ’’مئڪ اپ الائونس‘‘ رکو...انهيءَ لاءِ خود اسان هڪڙو سيمينار به ڪرايو، جنهن جو عنوان هو، ’’ تعليم جي ڦهلاءَ ۾ مئڪ اپ جو ڪردار!‘‘ اتي جيڪي به ماسترياڻيون پيپر پڙهڻ آيون، سڀ اهڙو مئڪ اپ ڪري آيون جو مون ان وقت ئي پڪو پهه ڪيو ته جيڪڏهن هي ماستراڻيون مئڪ اپ نه ڪري اچن ها ته خود اسانجا هانءَ ڦاٽي پون ها....ٻار ته ويچارا معصوم آهن، انهن جو ڇا ٿئي ها!

    سيمينار ۾ ڪنهن مخالفت ڪئي؟

    * بلڪل به نه...پاڻ هڪڙي ماسترياڻيءَ چيو ته عورتن جون جتيون ايتريون مهانگيون ٿي ويون آهن جو حڪومت کي انهي لاءِ ’’جي پي فند ‘‘وانگر هڪڙو ’’ جُتي فنڊ ‘‘ مقرر ڪرڻ گهرجي، جنهن مان ماسترياڻيون کڙين واريون جتيون وٺي سگهن .... ڇو ته ماسترياڻين کي ڪابه سيفٽي ڪانهي .... اهو کڙيءَ وارو سينڊل ماسترياڻين جو واحد هٿيار آهي، جيڪو آئيءَ ويل ڪم اچي سگهي ٿو.... اڄڪلهه ملڪي حالتون ۽ مردن جون نيتون صحيح ڪونه آهن!

    پوءِ توهان انهيءَ جي لاءِ ڇا ڪيو آهي؟

    * توهان کي خبر آهي ته اسان پاڻ ته ڪجهه ڪونه ڪندا آهيون... انهي لاءِ به اسان ورلڊ بئنڪ جي جتين واري ڊپارٽمينٽ کي خط لکيو هو، جن هر سال ويهه هزار سنهي کڙيءَ وارا سينڊل ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي.... جيڪي اسان پاڻ پنهنجن هٿن سان ماستراڻين ۾ وڃي ورهائينداسين!

    سائين بس رڳو ٿورو خيال سان ورهائجو...!

    * تون ڇو ماسترن جو پاسو پيو کڻين؟

    سائين مجبوري آهي!

    * ڇا، تون JST آهين ؟

    نه ...آئون GST آهيان!

    * معنيٰ...؟

    معنيٰ ...گوسڙو اسڪول ٽيچر! ...جيڪڏهن آئون هنن جو پاسو نه کڻندس ته مونکي روزانو اسڪول وڃڻو پوندو!

    * توهان کي خبر ڪانهي، ايجوڪيشن ڪيترو ڏکيو قلمدان آهي!

    ڪنهن چيو هو ته ايجوڪيشن جهڙو ڏکيو قلمدان ڪنهن عورت کي ڏبو ته اهو گلدان ٿي پوندو؟

    * اهو ڪيئن؟

    ڇو ته ايجوڪيشن جو خود لفظ ئي مئونث آهي؟

    * اڳي به ته هڪڙي مئونث هئي...

    سر، ايجوڪيشن گلدان ٿي سگهي ٿي...هاڻي اهو توهان تي منحصر آهي ته توهان انهيءَ ۾گوبيءَ جو گل ٿا وجهو يا گلاب جو گل؟

    * انهي ٿيوريءَ جو ڪو ٻيو مضبوط دليل ڏي!

    سر، عورت جي هٿن ۾ شفقت هوندي آهي!

    * پر آئون شفقت سان بلڪل ڪونه ٺهان!...۽ نه مونکي اهو وڻي!

    سر، ماسترن لاءِ ڪو پيغام ڏيڻ چاهيندا؟

    * پيغام ڏبو آهي آخر ۾.... اڃا ته منهنجي شروعات به ڪانه آئي آهي!

    سر، توهان جي وڏي مهرباني جو توهان ٽائيم ڏنو؟

    · ها ...پر جيڪڏهن ٽائيم اسڪيل گهرين ها ته اهو ڪونه ملنئي ها!

    abro-imtiaz@hotmail.com
     
  13. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب امتياز ابڙو جي لکين ڪالمن جو مجموعو

    ننڊ ڪرڻ



    اربع پهرين آگسٽ 2007ع

    هزارين سالن کان ماڻهو ننڊ ڪري رهيا آهن...ڪن ماڻهن جو ته ننڊ ڪرڻ مشغلو هوندو آهي، رڳو بَسِ ۾ چڙهندا ته ٿوري دير کانپوءِ کونگهرا هڻڻ لڳندا ڄڻ کونگهرن تي اڌ ڀاڙو معاف ٿي ويندو...اسان جو دوست پروفيسر وسيم ته رڳو ان وقت سمهندو آهي، جنهن مهل ڪنڊيڪٽر ويجهو ايندو ۽ پوءِ جڏهن دوست ڀاڙو ڏيئي ڇڏيندو، ته يڪدم اٿي ويهي رهندو...پڇيوسين، ”ڇا تنهنجا دوست به بس ۾ ننڊ ڪندا آهن؟“ چيائين، ها، باقي جيڪو منهنجو ڀاڙو ڀريندو آهي، انهي کيِ مون ڪڏهن سُتل ناهي ڏٺو!“

    سفر ۾ ائين ننڊ ڪرڻ جو رجحان ڪجهه اهڙو آهي جو ڪجهه ماڻهو بسن ۾ ستا پيا هوندا ۽ بس اونڌي ٿي ويندي ته به ڪونه اٿندا...جيئن پنهنجي هڪ دوست کان پڇيم، ”تو وٽ ته پنهنجي ڪار آهي، پوءِ تون بس ۾ چڙهي ڪيڏانهن پيو وڃين؟“ چيائين، ”ڪيڏانهن نه...بس، ڊاڪٽر چيو آهي ته ننڊ نه اچئي...ته ڪنهن بَس ۾ چڙهي وڃي ويهُه.“

    اسان ته رات جو انتظار ڪندا آهيون ته جيئن جاڳي سگهون...اسان جي سمهڻ جو وقت وري ڪجهه هن طرح آهي ته جنهن مهل چوڪيدار جو آواز ”جاڳندا رهو“ اچڻ بند ٿي ويندو آهي ته سوچيندا آهيون ته، هاڻي ته چوڪيدار به سمهي رهيو هوندو، ان ڪري هاڻي اسان کي به سمهڻ گهرجي...صبح جو ان مهل اٿنداسين جنهن مهل اڃا صبح نه ٿيو هوندو...ان ڪري اٿي، وري سمهي رهنداسين...جيئن اسان جو هڪڙو دوست ته صبح جو سوير اٿي زال سان وڙهندو...زال گهر ۾ نه هوندي ته زال جو فوٽو اڳيان رکي انهيءَ سان وڙهندو...پهرئين خود پاڻ ڪڪڙ جي ٻانگ تي اٿندو هو، هاڻي رڙيون ايتريون ڪندو آهي جو ڪُڪڙَ هن جي رڙين تي اٿندا آهن!

    کير وارا ته ٺاهيا ئي ان ڪري ويا آهن ته جيئن صبح جو سوير اچي ننڊ ڦٽائين...۽ چوڪيدار وري ”جاڳندا رهو“ ان ڪري چوندا آهن ته جيئن چورن کي چوري ڪرڻ کانپوءِ ڀڄڻ ۾ سولائي ٿئي ته فلاڻي گهٽيءَ مان چوڪيدار اچي پيو، تنهن ڪري ٻي گهٽيءَ مان ڀڄڻ گهرجي...جيئن اسان واري چوڪيدار هڪ ڪتو پاليو، رڳو ان ڪري ته جيڪڏهن کيس ننڊ اچي وڃي ته ڪتو ڀئونڪي کيس جاڳائي...!

    ننڊ ڪرڻ ۾ ويهاڻي جو ڪردار ائين آهي جو ڪجهه ماڻهو ويهاڻن مٿان سمهندا، پر ننڊ مان اٿندا ته ويهاڻو انهن جي مٿان هوندو...ڪي ماڻهو ويهاڻي جي بغير نه سمهي سگهندا آهن ۽ ويهاڻي کي ائين قابو ڪري سمهندا جو سڄو ويهاڻو ويچارو نپوڙجي ويندو...جيئن اسان جو هڪ ٿلهو دوست جنهن ويهاڻي مٿان سمهندو آهي، اهو صبح جو ويهاڻو نه هوندو آهي بلڪه انهيءَ مان ٻه ويهاڻا ٿيا پيا هوندا آهن، خود ويهاڻو ڀٽائيءَ کان پيو سکائون گهرندو ته، ”هن کان بچيس ته اچي سوا پاءُ مٺائي ورهائيندس!“

    ڪجهه ماڻهو ته ايستائين ڪونه سمهي سگهندا آهن، جيستائين انهن کي پنهنجي پسند جو ويهاڻو نه ملي. اسان جو هڪ دوست جيڪو هڪ اين جي او ۾ ڊائريڪٽر آهي، اهو وري پنهنجي چوڌاري ايترا ويهاڻا رکي سمهندو، ڄڻ ويهاڻن جي آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائي اٿس...“

    دنيا جو ڏکئي ۾ ڏکيو ڪم ٻار سمهارڻ آهي...ڪي ٻار ته سمهندا ئي نه آهن، نيٺ مائيٽ ڪمري ۾ جيت مار اسپري ڪندا، تڏهن وڃي ٻار سمهندا...ڪن ٻارن کي سمهارڻ لاءِ منٿون ڪرڻيون پونديون آهن تڏهن وڃي مائيٽن جي چيلهه سڌي ٿيندي...جن جاين تي پيءُ ٻارن کي سمهاريندا آهن، اهي ٻارن کي خوش ڪرڻ لاءِ نه پر انهن جي مائرن کي خوش ڪرڻ جي چڪر ۾ هوندا آهن، ته جيئن اڳيان هلي انهن کي ڪا خوشي ملي...ٻار سمهارڻ اهو پورهيو آهي جنهن جي پائي به ڪانه ٿي ملي...جيئن ڪجهه ٻارن کي ته مائرون ائين سمهارينديون جو مائرون پاڻ سمهي رهنديون ۽ ٻار پيا جاڳندا...!

    ماسترن کي ڪلاس ۾ ڪرسي ان ڪري رکي ڏني ويندي آهي جو انسانن ۾ ماستر ئي اها ڪيٽيگري آهي جيڪو ڪرسيءَ تي ويٺي ويٺي به پنهنجي ننڊ مڪمل ڪري سگهي ٿو...جيتوڻيڪ اها به ماستر ۾ ئي صلاحيت هوندي آهي ته هو پنهنجي آواز سان پوري ڪلاس کي اوٻاسين ڏيڻ تي مجبور ڪري ڇڏي...جيئن هڪڙو هيڊ ماستر اوچتو ڪلاس ۾ داخل ٿيو ته ستل ماستر ڇرڪ ڀري جاڳي پيو ۽ هيڊ ماستر کي ڪاوڙيل ڏسي چيائين، ”صاحب، توهان جي تعريف پئي ڪيم ۽ شاگردن کي پئي ٻڌايم ته اڳيون هيڊ ماستر پنهنجي آفيس ۾ ڪيئن سمهندو هو!“

    ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ سيمينار ۾ هڪ ڊاڪٽر چئي رهيو هو، ”ننڊ مان تمام گهڻا فائدا آهن ۽ ايترا فائدا آهن جو هينئر هڪڙو به ياد ڪونه پيو اچي!“ چيائين، ”ننڊ ڪرڻ سان نظر به گهٽ ڪانه ٿي ٿئي!“...ظاهر آهي ماڻهو ڏسندو ئي ڪونه، ته نظر ڪٿان گهٽ ٿيندي...چيائين، ”ننڊ سان ڪاوڙ تي به ڪنٽرول رهي ٿو!“...پر اها اسان کي ٿيوري غلط لڳي..ڇو ته اسان ڪيترن ئي دوستن کي ننڊ ۾ بڙ بڙائيندي ڏٺو آهي...!ڊاڪٽر چيو، ”ننڊ ڪندا ڪريو!“ اسان اٿي بيهي پڇيو، ”ڇا، ننڊ ڪرڻ سان جراثيم مري ويندا؟“ چيائين، ”نه دراصل توهان ننڊ ڪندا، ته جراثيم به سمهي رهندا!“

    اسان جي ملڪ ۾ رات جي شفٽ ان ڪري ٺاهي ويئي آهي ته جيئن جن کي نوڪري ڪرڻي آهي، اهي نوڪري ڪن ۽ جن کي ننڊ ڪرڻي آهي، اهي ننڊ ڪن...اهڙي ئي هڪ ناظم کي اسين سڃاڻون، جيڪو ڏينهن جو به بنا گورين جي ائين ننڊ ڪندو آهي، جهڙي ننڊ ماڻهو رات جو گوريون کائڻ کانپوءِ ڪندا آهن...آفيس ۾ ان ڪري ڪونه ويهندو، جو بقول هن جي ته ننڊ ڪرڻ لاءِ ٻيون به ڪيتريون ئي جايون بهترين آهن...ميٽنگن کان ايتري نفرت، جو ميٽنگ شروع ٿيندي، ته هن جي ننڊ شروع ٿيندي...ننڊ ايتري ڪندو آهي جو هڪ دوست چيس، ”توهان کي ايتري ته ننڊ آهي، جو توهان ننڊ کي بوتلن ۾ وجهي وڪڻو!“

    طبيعت جو وري ايترو نازڪ، جو رڳو کونگهرا پيو هڻندو ته به لڳندو، ڄڻ ڪير هن تي تشدد پيو ڪري! پڇيوسين، ”ننڊ ڪرڻ جو فن توهان ڪٿان سکيو؟“ چيائين، ”اهو اسان وٽ نسلن کان آهي...اهو منهنجي پڙ ڏاڏي جو تڙ ڏاڏو ئي هو، جنهن سڀ کان پهرئين نواب سراج الدوله کي ننڊ مان جاڳائي ٻڌايو هو ته، سائين...توهان جي چاليهه هزار فوج، انگريزن جي صرف چار هزار فوج کان پلاسيءَ جي جنگ هارائي چڪي آهي...ان ڪري هاڻي ننڊ مان اٿو ته ڀڄڻ جي ڪريون!“ پڇيوسين، ”ڇا، توهان جا ابا ڏاڏا محل ۾ ملازم هئا؟“ چيائين، ”ها...اهي نوابن جي سمهڻ لاءِ ويهاڻا ٺاهيندا هئا...۽ اهو منهنجو پڙ ڏاڏي جو تڙ ڏاڏو ئي هو، جنهن سڀ کان پهرئين تُول ويهاڻو ايجاد ڪيو!“

    ڪو ڪم چئبس ته چوندو، ”ايترو ته مصروف آهيان جو جاڳڻ جو به ٽائيم ڪونه ٿو ملي!“ ننڊ مان ان وقت اٿندو جو پوءِ جنهن کي پاڻ ناشتو پيو چوندو، ان کي ٻيا ماڻهو وري لنچ پيا سڏيندا...ان ڪري صبح جو هن جي پيٽ تي جهرڪيون اچي ويهنديون ته به ڪونه اٿندو...برسات پوندي ته رڳو پاسو ورائي منهن تي رَلي وجهي ڇڏيندو...هڪ دفعي ته هن جي مٿان کنوڻ اچي ڪري، مرندي مري ويو، پر ننڊ مان ڪونه اٿيو!

    abro_Imtiaz@hotmail.com
     
  14. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب امتياز ابڙو جي لکين ڪالمن جو مجموعو

    صحافي




    اڱارو 3 آگسٽ 2010ع



    اسانجي ملڪ کي جيڪي بيماريون لڳل آهن، انهن ۾ صحافت به هڪ آهي. جيتوڻيڪ هتان ڪجهه خوشنصيب چاڪ چڱا ڀلا به ٿي ويندا آهن...پر انهيءَ کانپوءِ وري ڪٿي ڏسڻ ۾ ئي نه ايندا آهن!

    صحافي ٿيڻ لاءِ ذهن جو هئڻ ضروري نه آهي.... بس جيئن ئي صحافي ٿي وڃبو آهي ته ذهن به اچي ويندو آهي! جيئن اسانجو هڪڙو صحافي دوست آهي، هن وٽ ڏهه سال اڳ به هڪ گاڏي، هڪ زال ۽ اهو ئي منهن هو ته هاڻي به ساڳي گاڏي، ساڳيو منهن ۽ ساڳي زال اٿس، البته ٻار پهرين ايترا هئس جو ٻار آڱرين تي ڳڻيندو هو، هاڻي آڱريون ٻارن تي رکي ڳڻيندو آهي... حرام جو ڪتاب ڪنهن کي پڙهڻ لاءِ ڏئي، دوستن کي ڏسي ڪتاب جهٽ پٽ ۾ ائين لڪائي ڇڏيندو، ڄڻ اهو ڪتاب’’ پلي بواءِ ‘‘ جو هجي. چوندو، ’’منهنجو خود دڪان تان کنيل آهي!‘‘ ۽ ائين لڪائيندو جو ڏسڻ وارو سمجهندو ته اهو ڪتاب ڪونهي پر ڪتاب اندر ڪو ٻيو ڪتاب آهي! چهري تي هر وقت اهڙو رنگ ٺاهيو پيو هلندو جو موبائيل تي ڪو ايس ايم ايس پيو پڙهندو ته به لڳندو ڄڻ ڪنهن کي چندي ڏيڻ جي اَپيل پيو ڪري.... هڪڙي ڏينهن ڪنهن دوست وٽ گهمڻ ويو ته ان چيس، ’’اڄ ڪيئن رستو ڀلجي آيا آهيو؟‘‘ جواب ڏنائين، ’’ صحافي ڪڏهن به رستو ڪونه ڀلجندو آهي... هُو صرف هڪڙي جاءِ تي ڀلجي پهچندو آهي ۽ اهو هوندو آهي .....هن جو گهر..‘‘!

    جيئن هڪڙو ٻيو به اسانجو صحافي دوست آهي... جيڪو هر خبر تي نظر ته رکندو، پر انهيءَ سان گڏ هر ملازم تي به نظر رکندو ته ڪيڏانهن ٿو وڃي ۽ ڪنهن سان ٿو وڃي ۽ ڪيتري دير لاءِ ٿو وڃي. هن کي جاسوس ايڊيٽر چيو ويندو آهي... رنگ جو گهڻو ته نه پر ايترو ڪارو ضرور آهي جو لڳندو آهي پريس مان نڪرڻ مهل ڪاري مس ڪجهه زياده لڳي ويئي هئس... انڪري طبيعت به اهڙي ئي اٿس، جهڙو رنگ... هن جي زندگيءَ ۾ ايتري صحافت آهي جو ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ ويندو ته ان کي به چوندو ته، ’’دوائون ٻه ڪالميون لکي ڏي!‘‘. مانيءَ مهل ڪنهن کي ڪوڙي صلاح به ڪونه ڪندو ۽ ماني کائڻ مهل جيڪڏهن ڪير سندس ويجهو به ايندو ته ان ڏي ائين نهاريندو جيئن وئايل ٻلي انهن ماڻهن ۾ نهاريندي آهي، جيڪي هن جي پونگڙن ۾ اچي هٿ وجهندا آهن!

    هونئن اسانجي خيال ۾ بهترين صحافت اڄڪلهه صرف اها ئي آهي، جنهن کي ڪير به بهترين نه چوي. جيئن اسانجو هڪ ٻيو صحافي دوست آهي، هن جيتري ترقي صحافت ۾ ڪئي آهي، اوتري ترقي رڳو صحافت ۾ ئي ڪري سگهجي ٿي. گلائون ڪرڻ هن جي پسند جي ڊش آهي.... جنهن ڏينهن ڪنهن ٻئي جي گلا نه ڪندو آهي، انهيءَ ڏينهن مجبوريءَ ۾ هن کي هاضمي جون گوريون کائڻيون پونديون آهن. ڊاڪٽر هن کي آرسي ڏسڻ کان منع ڪندا آهن، پر پوءِ به هي ڏسندو آهي، انڪري سدائين بيمار رهندو آهي.... هن پنهنجي گهر ۾ اخبارن واري الماڙيءَ تي لکائي ڇڏيو آهي ته، ’’سڀ اخبارون زال جي پهچ کان پري رکو! (نه ته اهي پڪوڙن واري وٽ هونديون).صحافت ادارن جي ڪنجي آهي... جيڪڏهن توهان وٽ اها ڪنجي آهي ته پوءِ ست هزار پاڪستاني رشوت خورن کي مفت ديڳ جو ڀت کارائڻ جيترو ثواب به توهان کي ملي سگهي ٿو.... جيئن ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ اهو نوٽيفڪيشن ڪڍيو ته، ’’صحافين کي پنهنجين آفيسن ۾ داخل ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ دروازن، درين ۽ روشن دانن تي ڄاريون لڳايو....!‘‘ ائين ئي هڪڙو منسٽر ڪاوڙ ۾ چئي رهيو هو ته، ’’صحافين جي ڪري مليريا پکڙي آهي...‘‘ ڪنهن پڇيو، ’’ڇا ڪنهن صحافيءَ جي چڪ سان پکڙي آهي...؟‘‘چيائين، ’’ نه...اسان مليريا جي خلاف واڪ پئي ڪئي، پر ڪنهن به صحافيءَ ان جي خبر نه ڏني. نتيجي ۾جيڪا مليريا پکڙي، اها صحافين جي ڪري پکڙي‘‘!

    ’’سب ايڊيٽر‘‘ وري اهڙي پوسٽ آهي جو هڪڙي ڪرسي ڇڏي، جنهن ٻي ڪرسيءَ تي اچي ويهندو ته اتي به اهڙو ئي لڳندو جهڙو پهرين ڪرسيءَ تي هو.... جيئن اسانجو هڪڙو سب ايڊيٽر دوست، جيڪو آفيس جو هر اهو ڪم ڪندو آهي، جيڪو هن کان ٿي سگهي ٿو.... انڪري اسين هن کي ’’سڀ ايڊيٽر‘‘ چوندا آهيون... جو هو آفيس ۾ اهي سڀ ڪم ڪندو آهي، جن کي ڪرڻ لاءِ سڀ ڪجهه سهڻو پوندو آهي.... آخر ۾ نيوز ايڊيٽر جا ٻار اسڪول مان وٺي گهر به ڇڏي ايندو آهي، نتيجي ۾ ڪير هن سان ڀوڳ ڪندو ته سڀني کي چوندو، ’’مون سان مذاق نه ڪريو، ڇو ته منهنجا سڀني جا گهر ڏٺل آهن ‘‘!

    جيڪي صحافي گٽڪو کائيندا آهن، توهان انهن جي آواز لاءِ پيا سڪندئو، ڇو ته انهن جي وات ۾ گٽڪو ايترو وقت رهندو آهي، جيئن آمريڪا جون فوجون افغانستان ۾ ويهي رهيون آهن.... انهن جون زالون به ڪيترا ڪيترا ڏينهن پنهنجي مڙس جو آواز نه ٻڌي سگهنديون آهن.... جيڪي صحافي سمجهندا آهن ته انهيءَ سان ڪم جو بار لهندو آهي ته بيشڪ پر انهيءَ سان وري گٽڪي جي پڙين جو بار وڌندو آهي. نيٺ هڪڙو ڏينهن اهڙو ايندو آهي، توهان رڳو هڪڙو ڳاڙهو ڊرم پيا ڏسندئو... پوءِ انهيءَ تي شاور ڪندئو ته اندران صحافي صاحب نڪرندو!... جيئن اسانجو هڪڙو دوست گٽڪي جون پڙيون کيسي ۾ ايتريون رکندو آهي جو چانهه واري کي پئسا ڏيڻ لاءِ کيسي ۾ هٿ وجهندو ته پهرين ته پيون رڳو پڙيون نڪرنديون... آخر ۾ جيڪو نوٽ نڪرندو، انهيءَ ۾ به نوٽ ايترو ڳاڙهو هوندو جو چانهه وارو پيو پڇندو ته، ’’سائين، هي نوٽ ته آهي، پر اها خبر نٿي پوي ته گهڻن رپين وارو نوٽ آهي.....‘‘!

    abro-imtiaz@hotmail.com
     
  15. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: محترم جناب امتياز ابڙو جي لکين ڪالمن جو مجموعو

    ادا عبدو، يار لک ٿورا جو اڄ اوهان امتياز ابڙي صاحب جا ڪالم ايترا ته ونڊ ڪيا آهن جو هڪ ڪتاب ٺهي تيار ٿي وڃي ۔۔۔ ڪالم آهن مزيدار، هڪ هڪ ڪري پڙهبا، لکڻ جو انداز مزاحيه، تنقيدي ۽ اصلاحي آهي، جيئن هيٺ وارو ٽڪڙو ۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔
     
  16. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب امتياز ابڙو جي لکين ڪالمن جو مجموعو

    سائين منهنجا پسند ڪرڻ جي مهرباني۔۔۔۔
     
  17. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: محترم جناب امتياز ابڙو جي لکين ڪالمن جو مجموعو

    ادا تمام بهترين معلومات آهي مهرباني.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو