نامياري بانسري ۽الغوزي نواز غوث بخش بروهي سان ڳالهه ٻولهه

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏1 نومبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    نامياري بانسري ۽الغوزي نواز غوث بخش بروهي سان ڳالهه ٻولهه​

    [​IMG]
    انٽرويو: گلزار ڪلهوڙو پاٽائي
    سر زمين سنڌ تي ڪيترن ئي فنڪارن پنهنجي فن جي ذريعي پنهنجو پاڻ مڃرايو آهي. اهڙن ئي فنڪارن مان غوث بخش بروهي به هڪ آهي، جنهن سنڌ جو قديمي ساز الغوزو ۽ بانسري وڄائي پنهنجي فن ۾ مهارت حاصل ڪئي آهي ۽ کيس عالمي سطح تي شهرت نصيب ٿي آهي. پڙهندڙن لاءِ سندس خاص انٽرويو هتي پيش ڪجي ٿو.
    س: سڀ کان پهرين اوهان پنهنجو مڪمل تعارف ڪرايو؟
    ج: منهنجو نالو غوث بخش ولد عطا محمد بروهي آهي، اسان جو اصل ڳوٺ سرهاڙي آهي ۽ اتان لڏي ضلعي سانگهڙ جي کڏڙو شهر ۾ رهائش آهي، منهنجو جنم 1943ع ۾ ٿيو ۽ تعليم صرف پرائمري جا ٽي درجا آهي.
    س: توهان هن فن جي شروعات ڪڏهن کان ڪئي ۽ اوهان جو استاد ڪير آهي؟
    ج: هن فن جي شروعات مون 1965ع کان ڪئي ۽ منهنجو پهريون استاد محمد صالح بروهي هو، جيڪو منهنجو ماروٽ پڻ هو ان کان بانسري وڄائڻ سکيس ۽ ان کان پوءِ استاد مصري خان جملي جي شاگرد استاد حاجي خان چانڊيو کان باقاعده لئه ۽ سر جي ڄاڻ حاصل ٿي ۽ پوءِ الغوزو ۽ بانسري وڄائڻ لڳس ۽ هن فن سان مون کي ننڍپڻ کان ئي لڳاءُ هو.
    س: الغوزي جا ڪهڙا قسم ٿين ٿا ۽ ان مان مختلف سُرَ ڪيئن نڪرن ٿا؟
    ج: الغوزي ۾ ٽنرو،-ٽانپرو ۽ جوڙيءَ وارا قسم ٿين ٿا جيڪي ڦوڪ جي مدد سان وڄن ٿا ۽ آڱرين رکڻ سان انهن مان مختلف سُرَ ۽ طرزون پيدا ٿين ٿيون. الحمد الله آءُ ڪلاسيڪي موسيقي جي بنيادي ڄاڻ رکان ٿو ۽ سڀني سُرن تي عبور حاصل آهي.
    س: هي فن ڏکيو آهي يا سولو؟
    ج: فن ڪو به ڏکيو نه هوندو آهي، صرف ان سان محنت ۽ سچائي شامل هجي ۽ اسادن جي رهنمائي هجي ته پوءِ بلڪل سولائي آهي.
    س: ڇا هن فن مان اوهان جو پيٽ گذر ٿي وڃي ٿو؟
    ج: الغوزي يا بانسري واري فن کي پراڻي زماني جا ماڻهو ته اڄ به پسند ڪن ٿا پر نوجوان نسل جو ان طرف گهٽ ڌيان آهي ان ڪري هن جي ٻڌڻ وارن جو تمام گهٽ تعداد آهي، جتي جتي هن فن سان دلچسپي رکندڙ ماڻهو مون کي گهرائيندا آهن آءُ اتي ويندو آهيان پوءِ جيڪو نصيب هوندو آهي، اهو ملندو آهي.
    س: سرڪار پاران اوهان جي ڪيتري پرگهور ڪئي وئي آهي؟
    ج: ڏک اهو آهي ته هتي فنڪارن جو ڪو به قدر نٿو ڪيو وڃي ۽ مون جهڙن غريب مسڪين فنڪارن جي مالي حالت تمام خراب آهي، جيڪڏهن سرڪار سڳوري سنڌ جي بي وس فنڪارن تي رحم جي نظر ڪندي ته ڪو به تڙپي تڙپي نه مرندو، جيستائين منهنجي پر گهور لهڻ جي حوالي سان اوهان سوال ڪيو آهي ان لاءِ جواب اهو آهي ته مختلف حڪومتن ۾ ڪي اهڙا ماڻهو به مليا جن تمام گهڻو ايذايو ۽ ڪي ته اهڙا قدردان به مليا جن جي ملڻ سان ڏک سور ئي ختم ٿيو وڃن.
    س: ريڊيو ۽ ٽي وي تي اوهان کي ڪنهن متعارف ڪرايو؟
    ج: جيئن ته آءُ نجي محفلن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندو هئس هڪ محفل ۾ ريڊيو آفيسر بشير احمد چانڊيو صاحب مون کي ٻڌو ۽ پوءِ ان صاحب جي ئي مهرباني سان ريڊيو تي مون کي موقعو مليو ۽ ڪجهه مشهور ٿيڻ بعد ٽيليويزن وارن گهرايو.
    س: اوهان کي اولاد ڪيترو آهي، ڇا انهن مان ڪنهن کي هن فن سان دلچسپي آهي؟
    ج: مون کي اولاد ۾ 4 نياڻيون ۽ 4 پٽ آهن، انهن ۾ منهنجو ننڍو پٽ عرفان علي هي فن سکي پيو ۽ چوندو آهي ته بابا آءُ توهان جي فن کي زنده رکندس.
    س: اوهان ڪٿي ڪٿي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪا آهيو؟
    ج: پنهنجي ملڪ جي چئني صوبن کان علاوه ٻاهرين ملڪن ڪوريا، لنڊن، اٽلي، فلپائين، جرمني ۽ هالينڊ ويو آهيان.
    س: اوهان کي ڪهڙا ڪهڙا ايوارڊ مليا آهن؟
    ج: 1984 ۾ شهباز گولڊ ميڊيل ۽ 1995 ۾ لطيف ايوارڊ مليو ۽ ان کان علاوه ٻيا به کوڙ ايوارڊ مليل آهن.
    س: اوهان جي ڪا اهڙي خواهش جيڪا پوري نه ٿي هجي؟
    ج: جيئن ته منهنجي نظر تمام گهڻي ڪمزور ٿي وئي آهي ان لاءِ سٺن ڊاڪٽرن کان علاج ڪرايو وڃي ۽ اولاد کي نوڪري ڏني وڃي.
    س: اوهان پنهنجي پسند بابت ٻڌايو؟
    ج: لباس ۾ سائو ۽ نيرو وڳو، پٽڪو، صدري ۽ اجرڪ، کاڌو جيڪو مولا کارائي، فنڪارن ۽ محدم يوسف ۽ عابده پروين، شاعرن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي پسند اٿم.
    س: آخر ۾ ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهيندو؟
    ج: سنڌ جي ثقافت کي بچائڻ ۾ وڌ کان وڌ ڪردار ادا ڪريو.


    بشڪريه عوامي آواز

    http://www.youtube.com/watch?v=jdF52hgNKXY&p=B29E641FF6CF486A&playnext=1&index=13
    http://www.youtube.com/watch?v=g2Hl8JND-EU
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: نامياري بانسري ۽الغوزي نواز غوث بخش بروهي سان ڳالهه ٻولهه

    ادا سٺي ونڊ آهي. مهرباني اوهان جي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو