اسلام و عليڪم

'تعارف' فورم ۾ پايس طرفان آندل موضوعَ ‏1 جنوري 2011۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: اسلام و عليڪم

    [justify]دوست پايس، سڀ کان پهريان ته اوهانکي دل جي گهراين سان ڀليڪار ۔۔۔ اوهان هن اوطاق جي مقصد مان ته واقف ٿي ويا هوندا ته سنڌ ۽ سنڌيت اسانجو مقصد به آهي ته منزل به ۔۔۔ اوهان سنڌ سلامت جي رڪن آرزو جي معرفت پهتا آهيو، اهو ته اڃان به ڀلو ٿيو، ڇاڪاڻ ته دوست آرزو هن اوطاق جو سونهون ۽ سهڻو دوست آهي ۔۔۔ آرزو جا ونڊ ٿيل بيت ۽ نثري ٽوٽڪا پنهنجي مٽ پاڻ هوندا آهن ۽ مٿان چترڪاري به ٺاهوڪي هوندي آهي ۔۔۔

    مون ۾ آهين تون ۾ آهيان مان جي مصداق آرزو ۽ اسين بادل ۽ بجلي آهيون ۔۔۔

    دوست پايس، اوهان جو نالو به تمام سهڻو ۽ ڀائجندڙ آهي، پر ان سهڻي نالي کي مڪمل ڪريو ها مقصد ڪا خانداني يا ديني نشاني لڳائڻ به گهرجي، جنهن سان نالو ڪامل ٿي پوندو آهي، خاندان ۽ ذات جو هجڻ نالي کي معتبر ڪري وجهندو آهي، ٻسي ٿيڻ کان بچي ويندو آهي ۔۔۔ وڌيڪ راز جا راڻا آهيو ۔۔۔

    دوستن اوهانجي سٺي آڌرڀا ڪئي آهي، ان مان اوهانکي هِنَ سنڌ دوست اوطاق جي دوستن جي ذهن ۽ نظريي جي به خبر پئي هوندي، اسين دوستاڻي انداز سان اڳتي وڌي رهيا آهيون ۽ اميد آهي ته اوهانجي دوستي به هن اڱڻ تي اضافي روشني مهيا ڪندي ۔۔۔

    آخر ۾ آ اوهانکان هڪ سوال ڪندس، انجو سبب ته اوهين سنڌي ادب ۾ پڙهي رهيا آهيو انڪري هي سوال ڪريانٿو؛

    مثال؛
    اوهان ماڻهن جي هڪ مجموعي ۾ وڃو ۽ اچانڪ وچ ۾ بيهي چئو ته آ پايس آهيان ۽ پنهنجي زبان درست ڪيو ۔۔۔؟

    يا وري اوهان ان مجموعي ۾ وڃو، پنهنجو مڪمل تعرف ڪرائي، دوستو وڌايو، کل ۽ کيڪار ڪيو ۽ انکانپو انهن دوستن جي ٻولي تي اخلاق تي يا ڪردار تي ٽيڪا ٽپڻي ڪيو۔

    انهن ٻنهي صورتن ۾ ڪهڙي صورت وڌيڪ اخلاق ۽ ادب جي ويجهو آهي؟

    اميد ته منهنجو سوال سمجهي ويا هوندا ۽ فراخدلي سان جواب پڻ قبول ڪندا ۔۔۔

    هڪ ٻي ڳالهه ته اسين سڀ ڪي ٻولي جا ماهر ناهيون، يا وري ٻولي ۽ ادب تي ڪي فلاسفر ٿي ويا آهيون، اسين به اوهان جيئان شاگرد آهيون ۽ هڪٻئي جي اصلاح ڪري رهيا آهيون ۽ سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ جي دنيا ۾ اهڙو ميدان مهيا ڪري ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون جنهن ذريعي اسانجا سنڌي سٻاجهڙا لکي پڙهي سگهن، پنهنجن خيالن جو اظهار ڪري سگهن، ڪجهه سور ٻڌائن ۽ ڪجهه سور ٻڌن ۔۔۔

    اچــــو ڙي سورن واريون ڪـــــريون سور پچــــار،
    ڪني ٿورا، ڪني گهڻا، ناهي ڪا سورن ڌار،
    ڏنــــــا جي ڏاتار، ســــــي جهولــــــي پائي جهليــا۔

    اوهان سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪري رهيا آهيو، خوشي ٿي جو اوهانجهڙا سنڌ دوست، ادب جي سفر جا پانڌي اسانجي ساٿ ۾ اچي گڏ ٿيا آهن ۔۔۔

    دوست وڌن ميلا لڳن ۔۔۔ خوشيون گڏ ٿين

    اميد ته هن اڱڻ کي پنهنجو اڱڻ ڪري سمجهندا ۽ ڪجهه ڏيڻ ۽ ڪجهه وٺڻ جي بنياد تي ساٿ چڙهندو لڪئين ۔۔۔

    دعائن ۾ گڏ ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
    [/justify]
     
  2. غلام مرتضى وساڻ

    غلام مرتضى وساڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    191
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: اسلام و عليڪم

    ادا اوهان کي ڀليڪار

    ادا جيڪڏهن اوهان ادب پڙهي رهيا آهيو ته يقينن اوهان کي ادب ۽ بي ادبي واري انداز گفتگو جي بهتر نموني پرک ٿيندي۔ تنهنڪري اوهان پنهنجا ئي لکيل جملا ٻيهر ضرور پڙهو۔

    سنڌ سلامت تي سڀ سکڻ وارا آهن ۔ ڪير به ڪنهن کان اتم ناهي۔ سڀ اسان جا ڀائر آهن۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اسلام و عليڪم

    ادا ۔۔۔ ڀاء ۔۔۔ يار اسان جو ڀاء آهين

    ڪهڙي معافي يار پاڻ دل ۾ ڪونه ڪيون۔ سچائي سچائي ئي هوندي آهي۔ اوهان سچي ڳاله ڪئي اسان بهتري آڻينداسين ۽ آني رهيا آهيون۔ يقينن هتي ڪيترائي دوست آهن جن کي سنڌي ٽائيپنگ گهٽ پئي اچي ، انهن کان لکڻ ۾ غلطيون ٿينديون۔ اسان به سنڌي ٽائيپنگ هاڻي سکي آهي ، ظاهري آهي مشڪل ايندي۔

    منهنجي راء اها آهي ته اوهان پنهنجون لکڻيون اسان سان ونڊ ڪيو۔ توهان جي نڪور لکڻين جو انتظار آهي جيڪي يقينن اسان جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪنديون۔

    هتي سڀ ڀائر آهيون ڪوبه دل ۾ ڪونه ڪندو آهي۔
     
  4. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: اسلام و عليڪم

    سائين نثار مان اوهان سان متفق آهيان۔۔۔۔
    پايس جو رويو بهتر نه آهي۔۔۔
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: اسلام و عليڪم

    ادا پايس ڀلي ڪري آيا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو