سمير سنديلو
آخري سرگرمي:
‏30 ڊسمبر 2012
شموليت:
‏30 ڊسمبر 2012
تحريرون:
0
ورتل پسنديدگيون:
0
ايوارڊ جون پوائينٽون:
0

ساٿ نڀائيندڙ 2

جنس:
مرد
سالگراه:
‏16 مئي 1989 (عمر: 34)

هن صفحي کي مشهور ڪريو

مالي سھائتا ڪندڙ

سمير سنديلو

نئون رڪن
, مرد, 34

آخري دفعو سمير سنديلو کي ڏٺو ويو:
‏30 ڊسمبر 2012
    1. سمير سنديلو جي پروفائيل تي في الحال ڪوبه پيغام موجود نه آهي.
  • لوڊنگ ٿي رهي آهي...
  • لوڊنگ ٿي رهي آهي...
  • بابت

    جنس:
    مرد
    سالگراه:
    ‏16 مئي 1989 (عمر: 34)
    سنڌ جو هو سرواڻ سچو ۽ معتبر انسان هُيو
    سمير سنديلو
    شهيد بشير خان قريشي هڪ سچو، ڏاهو،سادو ۽ محبتي ماڻهو هيو، هن جي سادگي ۽ نوڙت سنڌ جي ماروئڙن جي دلين ۾ بيشمار محبت ڪري ڇڏي، شهيد بشير خان قريشي پنهنجي سموري حياتي سنڌ امڙ جي آزاديءَ لاءِ جاکوڙيندي گذاري ۽ سائين جي ايم سيد جي فلفسي کي جهر جهنگ پهچايو. سائين جي ايم سيد کان پوءِ ڪيترن ئي ماڻهن جي ذهنن ۾ اهي خيال اڀري پيا ته جيئي سنڌ قومي محاذ پارٽي پوري طرح ٽُٽي چڪي آهي، پر ٿوري ئي وقت ۾ بشير خان قريشي جهڙي سنڌ جي ڪونڌر پُٽ پنهنجي پارٽيءَ کي مضبوط ڪيو ۽ بشير خان قريشي سائين جي ايم سيد جو پيغام کڻي جهر جهنگ، وسيتن واهڻين تائين وڃي پهچايو ۽ سنڌي عوام ۾ سجاڳي پيدا ڪئي.
    بشير خان قريشي جو هميشه اهيو خواب رهيو هو ته سنڌ ۾ امن قائم ٿئي، قبيلائي تڪرار ختم ٿين، سنڌ کي پنهنجا حق ملن، ماروئڙن کي روزگار ملي، ڪارو ڪاري جهڙي ڪڍي رسم رسم جڙ کان ختم ٿئي، بشير خان قريشي پنهنجي سموري حياتي محبت ونڊيندي امن جو پيغام پهچائيندي ماروئڙن جي حقن لاءِ جاکوڙيندو رهيو، هن جي چهري تي هميشه چنڊ جيان نور چمڪندو رهيو سندس چهرو مسڪراهٽ سان هميشه مهڪندو رهيو. هن ڪڏهن به نفرت جي واٽ نه ورتي نه ئي ڪنهن سان نفرت جو رشتو رکيو. هن جي جنگ صرف انهن قوتن سان هئي جيڪي سنڌ جي حقن تي ڌاڙا هڻي رهيا آهن، جيڪي سنڌ ٽوڙڻ جون سازشون ڪري رهيا آهن، جيڪي سنڌ ۾ نفرت ۽ منشيات ڦهلائي رهيا آهن.
    حالانڪه بشير خان قريشي جسقم جو چيئرمين هيو تنهن هوندي به هن سڀ ڪنهن سان نوڙت ۽ محبت جي واٽ رکي وستين واهڻين وڃي غريب ماروئڙن سان محبت ونڊي ننڍڙن معصوم ٻارن سان زمين تي ويهي هن هميشه اهيو درس ڏنو ته اسان سنڌ امڙ جي اولاد آهيون اسان سنڌ امڙ جي هنج ۾ راحت محسوس ڪريون ٿا اسان سنڌ ماءُ جي هنج ۾ رهڻ پسند ڪندا آهيون اسان کي اقتدار جي لالچ ناهي اسان کي سنڌ امڙ آزاد گهرجي، بشير خان قريشيءَ جي محبت آهستي آهستي ڦڙي ڦڙي ٿي آخرڪار تلاءُ بڻجي وئي جو سنڌ جو ٻچو ٻچو بشير خان قريشي ۽ سندس جي جسقم پارٽيءَ سان محبت ڪرڻ لڳو. مان سمجهان ٿو ته شايد سنڌ ۾ ٻي اهڙي ڪا به قومپرست پارٽي ڪونهي جيڪا هر سنڌي ماڻهوءَ جي دل ۾ دڙڪي رهي هجي جيڪا هر سنڌي ماڻهوءِ جي دل جي دڙڪن بڻجي چڪي هجي، جسقم پارٽي اها واحد پارٽي آهي جيڪا سنڌي عوام جي دلين ۾ دڙڪي رهي آهي.
    بشير خان قريشيءَ کي هن راه تان هٽائڻ لاءِ ڪيئي ڀيرا گرفتار ڪري جيل اماڻيو ويو اتي ٽارچر به ڪيو ويو پر سنڌ جو سچو پُٽ هنن آڏو ڪڏهن ڪو نه جهڪيو ۽ هو پنهنجي راه تان نه هٽيو، وقت جيئن جيئن گذرندو رهيو تيئن تيئن سنڌي قوم جسقم پارٽي ڏانهن لاڙو ڪندي رهي، پهريان سَون جي تعداد ۾ ماڻهو بشير خان سان گڏ بيٺا رهيا پوءِ سَون مان هزارن جي تعداد ۾ قافلو ٺهيو ۽ آخر ڪار جسقم چيئرمين بشير خان قريشي پاران تاريخي فريڊم مارچ ڪيو جنهن ۾ لکن جي تعداد ۾ سنڌي ماڻهو گڏ ٿي ڪراچي شهر سنڌ جي تختگاهه تي سنڌ جي مالڪي جي دعوا ڪري رهيا هئا ۽ سنڌ گهري ٿي آزادي جا نعرا هڻي رهيا. هُن تاريخي فريڊم مارچ ڪجهه قوتن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون، (سنڌ دشمن قوتون اهيو سوچي ڪيٻائي ويون ته بشير خان قريشي اڄ لکين سنڌي گڏ ڪيا آهن ڪلهه اگر هن سنڌ جي آزادي لاءِ ڪا گهر ڪئي ته هنن جا سمورا سنڌ دشمن منصوبا ٽٽي ويندا) اڃان سنڌي عوام ۾ جوش جاڳيو ئي مس هيو ته فريڊم مارچ کان پوءِ اسان کي سنڌ جي آزادي گهرڻ جي تحفي ۾ شهيد بشير خان قريشي جو لاش ڏنو ويو، سموري سنڌ ۾ موت جو راڪاس ڇانئجي ويو هر گهر ۾ ماتم مچي ويو سنڌ امڙ به پنهنجي هڪ ٻي موندر پُت مٿان ڳوڙها ڳاڙيا ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪجهه سنڌ دشمن قوتن کي اها پڪ ٿي وئي ته هن ڀيري شهيد بشير خان قريشي کان پوءِ جيئي سنڌ قومي محاذ پارٽي ٽُٽي چڪي آهي ۽ جيڪڏهن هن پارٽيءَ کي ڪو مضبوط به ڪندو ته به ان کي ڪيئي سال لڳي ويندا ۽ سنڌ دشمن قوتون پنهنجا مقصد پورا ڪري وٺندا.
    پر شهيد بشير خان قريشي جي وڇوڙي سنڌي عوام ۾ هڪ نئين انقلابي دور جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، شهيد کان پوءِ جسقم جي وقتي چيئرمين نياز ڪالاڻي صاحب جهڙي دليري سان جسقم پارٽي کي مضبوط ڪيو تنهن تي هن کي سلام پيش ڪيون ٿا، شهيد بشير خان قريشي جي اوچتي وڇوڙي کان پوءِ سنڌي عوام جي دلين ۾ ڄڻ لکين بشير پيدا ٿي چڪي جو ڪيترائي سنڌي نوجوان جسقم پارٽي جوائن ڪري چڪا آهن ۽ شهيد جي ڇڏيل مشن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات جاکوڙي رهيا آهن ۽ جسقم قيادت شهيد جي وڇوڙي کان پوءِ پنهنجي پارٽي کي ائين ئي مضبوط ڪري ڏيکاريو جيئن سائين جي ايم سيد کان پوءِ بشير خان قريشي جيئي سنڌ قومي محاذ کي مضبوط ڪيو هو.
    شهيد بشير خان قريشي ڪيئي صديون سنڌي عوام جي دلين ۾ جيئرو رهندو، هن جون سنڌ امڙ لاءِ ڪيل خدمتون وسارڻ جهڙيون ناهن، هن جي محبت هميشه سنڌي عوام ياد رکندو ۽ شهيد بشير خان قريشي جي وڇوڙي جو سوڳ هر سنڌي تاحيات ملهائيندو رهندو.