اظهر امر
آخري سرگرمي:
‏25 سيپٽمبر 2019
شموليت:
‏26 جنوري 2019
تحريرون:
36
ورتل پسنديدگيون:
11
ايوارڊ جون پوائينٽون:
48
جنس:
مرد
سالگراه:
‏2 جنوري 1993 (عمر: 31)

هن صفحي کي مشهور ڪريو

مالي سھائتا ڪندڙ

اظهر امر

فعال رڪن
, مرد, 31

آخري دفعو اظهر امر کي ڏٺو ويو:
‏25 سيپٽمبر 2019
    1. اظهر امر جي پروفائيل تي في الحال ڪوبه پيغام موجود نه آهي.
  • لوڊنگ ٿي رهي آهي...
  • لوڊنگ ٿي رهي آهي...
  • بابت

    جنس:
    مرد
    سالگراه:
    ‏2 جنوري 1993 (عمر: 31)
    بيخود بلوچ جي ڪتاب اعتراض تي هڪ نظر!!!
    ليکڪ اظهر امر
    هوئين ادبي کيتر ۾ هلندي کوڙ ڪتاب پڙهي رهيو آهيان، پر جڏهن ڪتاب اعتراض پڙهيم تي جسم مان سيوکاريون نڪري ويون بيخود جي ڪتاب جو نالو اعتراض به حيرت انگيز آهي. سندس ذهن ۾ اُهو خيال ڪئين پيدا ٿيو تي هو ڪتاب جو نالو ئي اعتراض رکي، سندس شاعري جو هي پنجون ڪتاب آهي پر مون سندس هي پهريون ڪتاب پڙهيو آهي سندس شاعري باھ جي شعلن جيان آهي، جيڪو به پڙهندڙ هن ڪتاب کي پڙهندو تڏهن هن کي دلي طور سيڪ ضرور ايندو. بيخود جو هي ڪتاب رڳو غزل تي اڌاريل آهي، غزل مهاجر صنف هوندي به هاڻ الائي ڇو هاڻ پنهنجي لڳي ٿي جيتوڻڪ ياد رهي غزل صنف اسان جي ناهي هي صنف ٻاهران آيل آهي. پر هي صنف هتي ڪافي استعمال ٿيڻ ڪري هاڻ آباڻي صنف لڳي ٿي.
    انهي سان گڏو گڏ غزل ۾ ڪافي چينجگ پڻ آئي آهي، غزل جي معني محبوب سان ڳالهيون ڪرڻ آهي هن وقت ڪافي غزل مزحمتي غزل به سرجهي چُڪا آهن، جنهن کي نظر ۾ رکندي اُهو اندازو لڳائي سگھجي ٿو تي غزل هاڻ اباڻي صفت ٿي چُڪي آهي. يا منهنجو آئڊيو غلط آهي تڏهن به صحيح انهي ڳاله تي ڪو مطفق ناهي تڏهن به صحيح اوهان کي اگر بيخود بابت تعارف نه ڪرائندس سٺو ڪون لڳو انهي ڪري بيخود بابت اوهان کي ضرور ٻُڌائندو هلان انهي کان پوءَ ئي سندس شاعري تي ڳالهيون ٿا.
    بيخود جو تعلق سکر ضلعي جي شهر پني عاقل سان آهي. سندس جنم 1971ع ۾ ٿيو. هن شاعري لکڻ جي شروعات 1988ع ۾ ڪئي سندس شاعري فني فڪري حوالي سان پڪي ۽ بختي آهي، هو مون جھڙن سيکڙاٽ شاعرن جيان پنهنجون چند سٽون سوشل ميديا تي اپلوڊ ڪري واھ واھ واري راءِ کان به مسلسل پري رهيو آهي سندس غزل جي پنجين ڪتاب اچڻ کان پوءِ ئي منهنجي سڃاڻپ سوشل ميڊيا تان ٿي پر مون اڪثر نوجوانن کي سوشل ميڊيا کي ئي سڃاڻپ جو ذريعو ٿيو آهي پر بيخود جي پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ آهي هن پنهنجو پهريون ڪتاب 1995ع ۾ سرجهائي تيار ڪيو جڏهن منهنجي عمر صرف سال ڏيڍ کن هئي نه موبائيلون هيون نه نيٽ نه وري ڪو بهتر نظام هيو انهي دور ۾ به هُن جي ڪتاب مڃتا ماڻي ۽ ڪتاب مارڪيٽ مان کپي ويو انهي کان پوءَ هن پنهنجو ٻيو ڪتاب ساڳين سال ۾ ڇپرايو جيڪو “ٻوليون ٻوليون ٻارن جون” هيو جنهن پڻ سنڌي ادب ۾ پنهنجو هڪ مقام جوڙيو انهي کان پوءَ هو مسلسل خاموشي اختيار ڪري وهي رهيو جنهن جا کوڙ سبب هئا جيڪو شاعر پنهنجي شاعري توڙي احساسن ۾ ٻُڌائي رهيو آهي اُهو ياد رهي هر ماڻهو کي پنهنجا خفا ۽ پنهنجا ڪم ڪار هوندا آهن. جنهن ڪري هو ڪن شين کي وقت ناهي ڏئي سگھندو.
    اول ڳالھ ڪجي اعتراض جي بيخود کي ڪنهن سان اعتراض هيو هن پنهنجي ڪتاب جو ٽائٽل ئي اعتراض رکي ڇڏيو انهي ساڳين موعوض تي سندس غزل پڻ آهي جيڪو هي آهي.

    مون ڪيو ناهي جفا تي اعتراض،
    هُن کي آ مُنهنجي وفا تي اعتراض.

    هل ڙي سندس هي غزل منهنجي دل مٿان اٽيڪ ڪري رهيو آهي، خبر ناهي اُهو ڪهڙو بدبخت هيو جيڪو بيخود جهڙي دلربا شخص سان به ۽ هن جي وفا تي به اعتراض ڪندو رهيو ۽ هو نازڪ دل ماڻهو سامهون پنهنجي من مستي ڪندو رهيو. ۽ بيخود سندس هر عمل کي ڏسندو ۽ غزل سرجهائندو رهيو.

    مون مخالف کي چيو زنده هُجين،
    هُن ڪيو مُنهنجي دُعا تي اعتراض.

    بيخود پوءِ به سندس لاءَ دعا جا هٿ بلند ڪيا پر هو سندس دعائن تي به اعتراض ڪري بيخود کي دعائون روڪڻ جون صلاحون ڏئي رهيو آهي. پوءِ تڏهن بيخود باھ ۾ پچڻ لاءِ تيار ٿي رهيو آهي.
    تڏهن بيخود لڇي ٿو بس زبان سان ڪُڇي نٿو سندس سرجهايل شاعري سندس من اندر جي ترجماني ڪري رهي آهي پر بيخود تڏهن تي چوي پيو تي.
    اسان جي رات جو گُذرڻ ڏسي ڪوئي،
    لکڻ سوچڻ لُڇڻ ڦٿڪڻ ڏسي ڪوئي.

    ڪمال ڪري ڇڏيو آهي پياري بيخود ڪيڏي نه پياري شاعري آڌاري آهي. حقيقت ۾ بيخود جي شاعري پڙهي مان پاڻ لڇڻ ڦٿڪڻ لڳو آهيان. انهي سوچ ويچار ۾ گم ٿيڻ لڳو آهيان تي آخر بيخود جو لڇڻ ڦٿڪڻ سوچڻ مون وانگيان تي ناهي يا هن جا درد ڏُک اعتراِض مون وارا ساڳيان تي ناهن.
    سندس شاعري سندس شخصيت تي جيترو لکبو اوترو گھٽ هوندو برحال مون سندس شاعري تي جيڪو به لکيو آهي اُهو سندس شاعري جي مطالعي کان پوءِ ئي لکي سگھيو آهيان منهنجي ساڻس روبرو ڪا ملاقات ناهي نه وري ڪڏهن ڪال تي ڪا ڳالھ ٻول ٿي آهي.
    بيخود جي هن ڪتاب کي مون جهڙن سيکڙاٽ شاعرن کي پڙهڻ گھرجي بيخود سندس شاعري جو ڪتاب مون ناچيز ڏي سوکڙي طور پني عاقل کان موڪليو جنهن تي چند لفظ لکڻ منهنجو فرض هيو جيڪو آئون لکي رهيو آهيان. بيخود بلوچ سندس ڪتاب جي ارپنا غزل جي انهن باڪمال تخليقڪارن ۽ سرجڻهارن کي ڪئي آهي، جن هر وقت هن دلربا صنف ۾ ڪئي دلڪش رنگ ڀريا آهن هن کي ڪئي رنگن سان سجايو آهي جيڪو ڏسڻ ۽ هر هر پڙهڻ وٽان آهي. بيخود جي ڪتاب اعتراض تي مهاڳ ناميواري شاعر منهنجي محترم سائين آسي زميني لکيو آهي، سائين آسي زميني بيخود جي شاعر پڙهڻ کان پوءِ سندس هڪ غزل پڻ ارپيو آهي جيڪو هن ڪتاب ۾ سائين جي لکيل مهاڳ سان گڏ آهي. پبليشر نوٽ مرتضي لغاري لکيو آهي جيڪو مرڪ پبليڪيشن جو سرواڻ آهي. بيخود تي ڪتاب تي تاثرات ناميواري ادب صفر ڪلھوڙي لکيو آهي جن ڪتاب جي بيڪ پيج تي پنهنجي راءِ لکي انهن ۾ غزل جي وڏي نانءَ سائين اياز گل، تاجل بيوس، اختر درگاهي، شمشير الحيدري، فرزانه شاهين لکيا آهن. هي ڪتاب مُرڪ پبليڪيشن طرفان ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو آهي. جيڪو هر نوجوان کي پڙهڻ گھرجي. مان وري به دعاڳو رهندس بيخود جي ٻين ڪتاب جيان هي ڪتاب به پنهنجي جاءِ جوڙي ادبي هلڪن ۾ پنهنجو هڪ الڳ مقام جوڙي.