ڊاڪٽر شمس عباسي جي شخصيت

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏3 مارچ 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڊاڪٽر شمس عباسي جي شخصيت
    ۔
    [​IMG]

    ۔ ڊاڪٽر شمس عباسي پاڪستان جي نالي واري شخصيت آهي ۽ سنڌ ۾ عورتن جي تعليم ۾ پنهنجون ڪوششون وٺڻ تي کيس عالمي سطح تي به سڃاتو وڃي ٿو. محترمه شمس عباسي سنڌ جي قاضي خاندان سان لاڳاپو رکي ٿي.
    سندس والد قاضي عبدالقيوم ۽ چاچي فتح محمد سيوهاڻي پاڪستان جي قيام واري جدوجهد ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيو. آپا شمس عباسي جي والد جي لاڏاڻي کانپوءِ کيس امڙ سنڀاليو ۽ اعليٰ تعليم ڏياري، قاضي عبدالقيوم جا 4 پٽ ۽ 2 نياڻيون هيون. جن ۾ قاضي محمد اڪبر، قاضي عبدالمجيد عابد، قاضي اڪرم، قاضي محمد اعظم، آپا شمس ۽ هڪ ٻي ڀيڻ شامل آهن. جنهن کي سندن ماءُ پاليو ۽ تعليم ڏياري، ماءُ پنهنجن پٽن ۽ نياڻين کي هڪجهڙي تعليم ڏياري ۽ انهي ۾ ڪوبه فرق نه رکيو.

    ڊاڪٽر شمس عباسي پهرين جنوري 1924ع ۾ حيدرآباد ۾ جنم ورتو.، آپا شمس عباسي ميٽرڪ ۽ بي اي مبمئي يونيورسٽي مان پاس ڪئي.
    هن بي ٽي ۽ ايم اي سنڌ يونيورسٽي مان ڪئي. سنڌي لٽريچر ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. آپا شمس عباسي پنهنجي ڪيريئر جي شروعات 1944ع ۾ اسڪول ٽيچر طور ڪئي ۽ 1947ع تائين مدرست النبات ۾ ماسترياڻي رهي.

    1948ع ۾ گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول هيرآباد ۾ هيڊمسٽريس جون خدمتون سنڀاليون ۽ انهي پوسٽ تي 1955ع تائين پنهنجا فرض سرانجام ڏنا.
    کيس 1955ع کان 70 تائين گورنمينٽ ڪاليج جي پرنسپال جي اضافي ذميواري به ڏني وئي. 1972ع کان 1973ع تائين ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪاليجز جون ذميواريون به سنڀاليون. 1973ع کان 1984ع تائين ڊائريڪٽر ايجوڪيشن
    سرفراز وسطڙو ايڪٽينشن اينڊ بيورو آف ڪرڪيولم جون ذميواريون به نڀايون ۽ بعد ۾ رٽائرمينٽ حاصل ڪئي.
    آپا شمس عباس 1993ع ۾ محسن ميموريل سوسائٽي قائم ڪئي ۽ هوءَ پنهنجي نگراني ۾ 2 نجي اسڪول به هلائي رهي آهي.
    آپا شمس عباسي سماجي ڪمن ۾ به تمام گهڻو سرگرم رهي آهي.
    هن مختلف تنظيمن جي پليٽ فارم تي عورتن کي بااختيار بنائڻ ۽ ٻارن جي حقن ۾ به وڏي جاکوڙ ڪئي.
    آپا شمس عباسي تعليم ۽ عورتن جي معاملن تي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ سيمينارن ۾ شرڪت ڪئي. آپا شمس عباسي 2 ڪتاب به لکيا آهنجن ۾ هڪ سندس آتم ڪهاڻي آهي. جڏهن ته مختلف اشوز تي کوڙ سارا آرٽيڪل به لکيا آهن. آپا شمس عباسي کي عوامي حقن لاءِ جاکوڙ ڪرڻ، شعور اجاگر ڪرڻ ۽ عورتن لاءِ پاڻ پتوڙڻ تي ڪيترائي ايوارڊ به ماڻيا،
    آپا شمس عباسي سڄي زندگي عوامي جدوجهد واري جاکوڙ ۾ وقف ڪئي. پنهنجي مرحوم پٽ عقيل احمد عباسي جي نالي تي قائم عقيل برائيٽس اڪيڊمي به هلائي رهي آهي. جتي نياڻين ۽ نوجوانن کي معياري تعليم ڏني وڃي ٿي. آپا شمس ڪيترين ئي غريب نياڻين کي پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري تعليم ڏياري ۽ بعد ۾ سندن گهر آباد ڪرايا. هوءَ هن وقت به سنڌ جي نياڻين لاءِ ڇپر ڇانوءَ وانگر آهي. سال سدائين سندن شفقت.
    بشڪريه عوامي آواز






     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏11 جنوري 2014
  2. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڊاڪٽر شمس عباسي جي شخصيت

    تمام بهترين ادا اوهان جي اوهان جي اهي ڪوششون قابل تعريف آهن ۔

    الله تعالى اوهان کي اڃا مزيد توفيق ڏي ، جئين سنڌ جي ماياناز شخصيتن جون اهي ڪڙيون جڙنديون رهن ۔
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ڊاڪٽر شمس عباسي جي شخصيت

    عورتن جي تعليم لاء جاکوڙيندڙ ڊاڪٽر آپا شمس عباسي جو وڇوڙو​


    غلام حسين خاصخيلي
    سنڌ ڌرتي اها ڌرتي آهي، جنهن املهه ماڻڪن جهڙا ماڻهو پيدا ڪيا آهن. انهن املهه ماڻڪن جهڙي هيرن واري شخصيتن ۾ آپا شمس عباسي جو به لازمي شامل آهي. آپا شمس عباسي تعليم جي حوالي سان تمام وڏي خدمت ڪئي. آپا شمس عباسي جهڙيون شخصيتون ڌرتي تي ڪڏهن ڪڏهن جنم وٺنديون آهن. اهڙين شخصيتن جي خدمت تي هر ماڻهو کين سلام پيش ڪري ٿو. اهڙين مهان شخصيتن لاءِ سنڌ جي عظيم شاعر حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي جو هي بيت ذهن ۾ تري اچي ٿو: ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج ،،،،،،،،،ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي ،،،،،،آپا شمس عباسي جو وڇوڙو ڏکائيندڙ آهي سندس وڇوڙي تي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جون هي سٽون کيس ڀيٽا طور پيش ڪري رهيو آهيان. ،،،،،،،اڄ نه اوطاقتن ۾ طالب تنوارين ،،،،،،،،،،آديسي اٿي ويا، مڙهيو مارين ،،،،،،،،،جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا. ،،،،،،،،آپا شمس عباسي تعليم لاءِ رات ڏينهن جدوجهد ڪندي رهي آپا شمس عباسي هر والدين کي اهو چوندي هئي ته پنهنجي نياڻين کي تعليم ڏياريو. جنهن گهر جي نياڻي پڙهيل آهي، سمجهو ته پورو خاندان پڙهيل آهي. نياڻي اڄ مائٽن جي گهر ۾ آهي سڀاڻي ساهرن ڏي ويندي جيڪڏهن نياڻي پڙهيل لکيل هوندي ته اها پنهنجي نئين گهر کي بهتر نموني سان هلائي سگهندي ۽ پنهنجي اولاد جي سٺي نموني سان تربيت ڪندي. آپا شمس عباسي علم جو ڏيئو گهر گهر ٻارڻ لاءِ جدوجهد ڪئي. پاڻ نياڻين جي پڙهائڻ واسطي اسڪول به قائم ڪيا. انهن اسڪولن ۾ جيڪڏهن ڪا غريب نياڻي پڙهڻ لاءِ ايندي هئي ته پاڻ ان کي خوش آمديد چوندي هئي ته جيڪڏهن فيس نه آهي ته اسان توهان جي فيس ادا ڪري ڇڏينداسين پر توهان اسڪولن ۾ علم حاصل ڪرڻ لاءِ اچو. آپا شمس عباسي جا مون زندگي ۾ انٽرويو به ڪيا. مون روزاني عبرت حيدرآباد جي لاءِ سندس تعليمي خدمتن جي حوالي سان ڀرپور نموني سان انٽرويو ڪيا. سندس انٽرويو ۾ به پوري ملڪ جي عوام لاءِ اهو ئي پيغام هوندو هو ته پنهنجين نياڻين کي تعليم ڏياريو. آپا شمس عباسي پهرين جنوري 1924ع ۾ حيدرآباد ۾ جنم ورتو. ميٽرڪ ۽ بي اي بمبئي يونيورسٽي مان پاس ڪئي بي اي ۽ ايم اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان پاس ڪئي. آپا شمس عباسي سنڌي ادب ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري به حاصل ڪئي. آپا شمس عباسي 1944ع ۾ اسڪول جي ماسترياڻي جي حيثيت ۾ نوڪري شروع ڪئي. 1947ع ۾ مدرالسته البنات ۾ به ماسترياڻي جي حيثيت سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. جڏهن ته 1948ع ۾ گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول هيرآباد ۾ هيڊ ماسترياڻيءَ جي حيثيت سان پنهنجي خدمت، 1955ع تائين سرانجام ڏني ۽ کيس 1955ع کان گورنمينٽ ڪاليج ۾ پرنسپال جي اضافي چارج به ڏني وئي 1972ع کان 1973ع تائين ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪاليجز جون ذميواريون نڀائيندي رهي. 1984ع ڊائريڪٽر ايجوڪيشن طور خدمت ڪئي. آپا شمس عباسي 1983ع ۾ ميميوريل سوسائٽي به قائم ڪئي. سوسائٽي وسيلي هن ڪيترائي پروگرام ڪرايا. آپا شمس عباسي پنهنجي زندگي جو سمورو سفر جدوجهد ۾ گذاريو. آپا شمس عباسي پنهنجي زندگي جي آخري گهڙي تائين به تعليم جي ميدان ۾ جاکوڙ جاري رکي. آپا شمس عباسي تعليم جي ڏيئي کي وڌيڪ روشن ڪرڻ لاءِ ٻه خانگي اسڪول قائم ڪيا. اسڪول، عقيل برائٽ ڪڊس جي نالي سان قائم ٿيل آهن. انهن اسڪولن ۾ تعليم سان گڏ ٻارن کي خوش رکڻ لاءِ تفريحي پروگرام به ڪرائيندي هئي. آپا شمس عباسي سنڌ ۾ عورتن ۽ ٻارن جي حقن لاءِ به ڀرپور جدوجهد ڪئي. عورتن ۽ ٻارن جي حقن جي لاءِ عملي جدوجهد ڪندي وقت جي حڪومت سان لکپڙهه ڪرڻ سان گڏوگڏ عملي طور تقريبون سيمينار به ڪرايا. آپا شمس عباسي کي عوامي حقن جي جدوجهد ۽ تعليم جو ڏيئو گهر گهر روشن ڪرڻ تي کيس 200 کان وڌيڪ ايوارڊ به مليا. آپا شمس عباسي جي اهڙي جدوجهد کي ساراهيندي کيس عالمي سطح تي به اعزاز مليا. آپا شمس عباسي جي اهڙي جاکوڙ کي ڏسي، ڪيترن ئي ماڻهن پنهنجي نياڻين کي تعيلم ڏيارڻ لاءِ اسڪولن ۾ داخل ڪريو. آپا شمس عباسي سموري زندگي علم جي ڏيئي کي روشن ڪرڻ لاءِ جاکوڙ جاري رکي. سندس اهڙي جاکوڙ کي ڏسي حيدرآباد جي مختلف گهراڻن جي عورتن سندس ساٿ ۾ ساٿ ڏيندي علم جي ڏيئي کي وڌيڪ روشن ڪري ڇڏيو. عورتن ۽ ٻارن جي حقن لاءِ وڌيڪ جدوجهد ڪئي. آپا شمس عباسي ڪاليج جي شاگردياڻين کي تقريري مقابلا ڪرائيندي هئي. جيڪا شاگردياڻي تقريري مقابلي ۾ پهريون نمبر ايندي هئي، انکي اسڪالرشپ ڏيندي هئي. سندس اهڙي همت افزائي کي ڏسي شاگردياڻين ۾ تقرير ڪرڻ جو وڌيڪ جذبو پيدا ٿيندو هو. سندس اسڪول ۽ ڪاليج جون شاگردياڻيون اهڙي جذبي کي ڏسي تقريري مقابلي ۾ انعام کٽنديون هيون. آپا شمس عباسي ملڪ جي مشهور فنڪاره روبنيه قريشي کي ريڊيو پاڪستان تي آندو. آپا شمس عباسي روبينه قريشي کي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي وٺي آئي جتي روبينه قريشي جو آڊيشن ٿيو، اها پاس ٿي وئي ۽ هينئر پاڪستان جي مشهور فنڪاره آهي. آپا شمس عباسي مشهور تعليمي ماهر ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ڪمپيئر مهتاب اڪبر راشدي کي به ريڊيو پاڪستان تي آندو. مهتاب اڪبر راشدي روبينه قريشي سميت سندس ڪيتريون شاگردياڻيون آهن. جيڪي اڄڪلهه وڏن عهدن تي پهتل آهن. آپا شمس عباسي علم جي روشني هئي. پاڻ علم جو ڏيئو روشن ڪيائين. آپا شمس عباسي گذريل رات هي فاني دنيا ڇڏي وئي سندس لاڏاڻي جي خبر پوڻ تي هر ماڻهو ڏکايل آهي آپا شمس عباسي کي سندس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءَ حوالي ڪيو ويو. آپا شمس عباسي جي لاڏاڻي تي سندس ڀاڻيجي قاضي اسد عابد سان ملڪ جي تعليمي ماهرن، سياستدانن، اديبن سميت هر ماڻهو ڏک جو اظهار ڪري رهيو آهي. آپا شمس عباسي ملڪ جي نامياري صحافي، اديب، دانشور روزاني عبرت جي باني قاضي عبدالمجيد عابد مرحوم جي ڀيڻ هئي. آپا شمس عباسي 86 سالن جي ڄمار ۾ اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي وئي آهي هاڻ سندس ڪيل خدمتون علم جا روشن ڪيل ڏيئا اوستائين ٻرندا رهندا. جيستائين هي ڌرتي قائم دائم آهي. آپا شمس عباسي جو وڇوڙو علم جي جاکوڙ واري جدوجهد لاءِ وڏو نقصان آهي سندس وڇوڙي سان جيڪو خال پيدا ٿيو آهي. اهو في الحال ڀرجڻ مشڪل آهي. اسان آپا شمس عباسي جي خاندان سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. بشڪريه عبرت
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو