سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ پاران پھريون آن لائين براھ راست سنڌي عالمي مشاعرو

'سنڌي شاعري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏8 مارچ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    [JUSTIFY]جڏهن کان اليڪٽرونڪ ميڊيا ترقي ڪئي آهن ان ڏينهن کان آهستي آهستي ادبي سرگرميون گهٽجي ويون آهن ، جنهن ڪري رسالن جو وڪرو به گهٽجي ويو آهي ۽ ڪافي رسالا ان ڪري بند به ٿي ويا آهن۔ جڏهن ته ادبي مشاعرا ، ڪتابن جي مهورت ۽ ٻيا پروگرام پڻ نه ٿيڻ جي برابر آهن۔

    تازو ئي انٽرنيٽ ذريعي فيس بڪ تي وري اهي سڀ شيون نئين نموني متعارف ٿيون آهن۔ فيس بڪ تي هن وقت ادبي پروگرام به عروج تي ٿي رهيا آهن، جيڪو پڻ اسان لاءِ هڪ فائديمند عمل ثابت ٿي رهيو آهي. تازو ئي فيس بڪ تي جديد سنڌي ادب جي تاريخ ۾ ھڪ منفرد ۽ ڪامياب پھريون آن لائين براھ راست سنڌي عالمي مشاعروڪوٺايو ويو۔

    امن محبت زندھ باد جي عنوان تحت سنڌي ادبي اسوسيئيشن (صاف) طرفان14 فيبروري تي ويلنٽائين ڏھاڙي جي مناسبت سان پاڪستاني وقت رات 9 بجي کان12 بجي تائين ھي مشاعرو ڪوٺايو ويو۔ فيس بڪ جي استعمال ڪندڙن سڄي دنيا جي سنڌي اديبن جي تمام وڏي انگ ھن مشاعري ۾ شرڪت ڪئي، صاف ھن مشاعري جو انتظام ڪيو ھو، جيتوڻيڪ ھي ادب جي تاريخ ۾ پھريون تجربو ھو۔ ھن منفرد مشاعري جي انفراديت ھن ڪري به ھئي ته ادب ۽ شاعري سان ذوق رکندڙ سنڌين وڏي انگ ۾ پنھنجي گھر جي ڪمرن مان ويھي شرڪت ڪئي ۽ مشاعري ۾ حصو ورتو.

    ھي مشاعرو ذوالفقار بھڻ ڊزائين ڪيو ھو، مشاعرو ڊزائين ڪندڙ جو چوڻ ھو ته ھن مشاعري تي ڪو به خرچ نه آيو آھي۔ مشاعري کي ظابطي ۾ رکڻ لاءِ تقريبن 10 ڄڻن تي مشتمل ڪميٽي جوڙي وئي ھئي.جن جو تعلق مختلف ملڪن سان ھو۔ ھن مشاعري جي مڪمل ڪاروائي سعودي عرب مان نئين شاعر ۽ پراڻي نثر نويس محترم نثار احمد ابڙو ۽ ڪراچي مان محمد سليمان وساڻ ھلائي رھيا ھئا۔

    ھن منفرد عالمي مشاعري جي صدارت لاءِ چار نالن جو اعلان ڪيو ويو ھو جن ۾ سنڌ مان شاعرشمشيرالحيدري ۽ ھدايت بلوچ جڏھن ته ھند مان اندرا شبنم پوناوالا ۽ ومي سدرآگناڻي پر مشاعري جي ٻن شاعرن ھند مان اندرا شبنم پوناوالا ۽ سنڌ مان شاعرھدايت بلوچ صدارت ڪئي. مشاعري ۾ شرڪت ڪندڙن ھن قسم جي مشاعري جي تمام گھڻي واکاڻ ڪئي.

    جن شاعرن پنھنجي شاعري پيش ڪئي انھن ۾ ڪجه نالا هي آهن:

    اندراشبنم پوناوالا ، ھدايت بلوچ، امر پير زادو، نثار احمد ناز، رخسانه پريت چنڙ، رضوان گل، ذوالفقار بهڻ، امداد سهتو، نند ڪُمار سنمُکاڻي، نرمل کونهارو، جبار بوزدار، ساجد سنڌي، آغا مشتاق ، شبير ڪنڀر، ملهار چانڊيو، وفا سومرو، رئوف پارس دايو، حسين سارنگ، مختيار جاگيراڻي، عرفان رڪ، وشنو جمراڻي ، فهد ملڪ، محمد سليم دايو، مدثر نور ، ماجد سمون، فدا حسين شاه، ابراهيم صالح محمد، جاويد نواز ۽ ٻيا ڪافي دوست به آن لائين ٿيا هئا، جن پنھنجي شاعري پيش ڪئي[/JUSTIFY]۔



    [​IMG]
     
  2. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ پاران پھريون آن لائين براھ راست سنڌي عالمي مشاعرو

    ادا سليمان سٺي ڪوشش ڪئي وئي آهي ، پر يار الائي ڇو مونکي جيڪي پروگرام حقيقي سطح سان ٿين ٿا هن جي ڀيٽ، نيٽ تي اهڙو مزو ڪون ٿو اچي ۔ بهر حال اهو ته منهجو حال آهي ضروري ناهي ته سڀنن جو مون جهڙو حال هجي ،

    دعا آهي ته شل اهو سلسلو ڪامياب ٿئي ، مهرباني اهڙي ونڊ لا
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ پاران پھريون آن لائين براھ راست سنڌي عالمي مشاعرو

    سائين مهرباني

    اوهان جي ڳاله سان بلڪل متفق آهيان پر گهڻي مصروفيتن ۽ گهٽ خرچ ۽ ٻاهر رهندڙ دوستن کي پاڻ سان گڏ رکي هن قسم جو مشاعرو ڪرڻ به هڪ اهميت رکي ٿو۔ باقي جيڪا شاعري سامهون موجود ماڻهن جي اڳيان پيش ڪجي ۽ ان جو داد ملي ان جي ته هڪ پنهنجي حيثيت آهي۔
     
  4. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ پاران پھريون آن لائين براھ راست سنڌي عالمي مشاعرو

    ادا ان گروپ جو لنڪ به ڏيو ها ته ڀلو ٿئي ها
     
  5. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ پاران پھريون آن لائين براھ راست سنڌي عالمي مشاعرو

    جي ها اهڙن دوستن لا واقعي اها سائيٽ يقينن ڪارائتي ثابت ٿيندي ،


    ادا عرس تصوير کي ٿورو غور سان ڏسو ها ته اوهان کي لنڪ جو نالو نظر اچي وڃي ها ، صاف <saaf> مان مراد آهي سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ يعني sindhi adabi assiociation facebook (saaf)

    هاڻي دير ڇا جي پهرين فرست ۾ سائيٽ جو ديدار ڪيو اوهان کي ضرور مزو ايندو ، مهرباني
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ پاران پھريون آن لائين براھ راست سنڌي عالمي مشاعرو

    [justify]ادا محمد سليمان وساڻ يار شابس ته سائين نثارابڙو ۽ سانئڻ اندرا کي هُجي جن سڄا سارا پنج ڇهه ڪلاڪ انهي اهم ترين مشاعري کي سنڀاليو، اتي مون هڪڙي تجويز ڏني هُئي ته اهڙي قسم جا مشاعرا جديد ٽيڪنيڪي انداز سان ڪيا وڃن جيئن هرڪو ميمبر باقائده هر ميمبر جي شاعري ٻُڌي اتي جو اتي ان شاعر کي داد ڏئي سگهي اهڙي تجويز ۾ سردست اسڪائپي واري ٽيڪنيڪ کي به آزمائڻ جو چيو هُئم ، منهنجي خيال ۾ دوستن ان تجويز کي عملي جامون پهرائڻ لا اسڪائپي واري ٽيڪنيڪ تي به آغاز ڪيو آهي هاڻي ڏسون ٿا اهي اديب دوست پهريون ڀيرو حقيقي طور تي اسڪائپي آن لائن مشاعرو ڪڏهن ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿا ٿين۔ شل منهنجي سنڌ جا سمورا شاعر ۽ شاعرائون سدائين سنڌ ڌرتي جي خدمت ڪندا رهن آمين۔[/justify]
     
  7. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ پاران پھريون آن لائين براھ راست سنڌي عالمي مشاعرو

    سائين سليمان وساڻ صاحب۔
    دوستن جي سٺي۔۔۔ڪوشش آهي
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ پاران پھريون آن لائين براھ راست سنڌي عالمي مشاعرو

    سائين مهربانيون سهڻيون صلاحون ڏيڻ جون

    بلڪل اسڪائپي واري اوهان جي صلاح تي عمل پيو ٿئي ۽ جلد هڪ ٻيو مشاعرو سڏايو ويندو۔ اوهان دوستن جون مهربانيون جن حصو ورتو۔ خاص ٿورا سائين نثار ابڙو جا جن پنهنجي دل تي شاعرن جي شاعري سهي به ٽي ڪلاڪ لاڳيتو ويٺا رهيا ۽ سائئڻ اندرا جون مهربانيون جن هندستان مان هن مشاعري جي صدارت ڪئي۔
     
  9. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ پاران پھريون آن لائين براھ راست سنڌي عالمي مشاعرو

    ادا جي هاڻي وري مشاعرو ٿي ته اسان کي به ٻڌائجو اسان به ڪنن ۾ ڪپه وجهي مشاعرو پرهندا سي ۔۔۔۔

    پر ادا لنڪ به لکو صاف صاف ته اڃا به بهتري ٿيندو ۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  10. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ پاران پھريون آن لائين براھ راست سنڌي عالمي مشاعرو

    ذبردست۔۔۔
    تمام بهترين
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ پاران پھريون آن لائين براھ راست سنڌي عالمي مشاعرو


    يار علي لڳي ٿو جوانيء ۾ ئي جهونو جهونو سڏرائي واقعي به جهونو ٿي ويو آهي۔ صاف جي لوگو تي ڪلڪ ڪر ته سڌو وڃين سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ جي لنڪ تي پهچندين۔

    باقي يار اوهان ته شاعر آهيو۔۔۔۔۔۔۔۔ يار جي مان اهي ڳالهيون ڪيان ته ٻي ڳالھ آهي پر شاعر کي ته شاعري ٻڌڻ کپي۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  12. ذوالفقار بھڻ

    ذوالفقار بھڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2010
    تحريرون:
    20
    ورتل پسنديدگيون:
    22
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    203
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi ڪراچي
    جواب: سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ پاران پھريون آن لائين براھ راست سنڌي عالمي مشاعرو

    دوستن کي سلام

    محترم سليمان وساڻ صاحب اوھان تمام خوبصورت انداز ۾ ھن پھرئين آن لائين براھ راست سنڌي عالمي مشاعري جي رپورٽ سنڌ سلامت جي اڱڻ تي ونڊي تمام سٺو ڪم ڪيو آھي. رپورٽ ۾ جيڪر مشاعري ۾ شاعري پيش ڪندڙن جي شاعري جو حوالو به ھجي ھا ته اصل واھ واھ ٿي وڃي ھا، تنھن ھوندي به اوھانجي ڪوشش، جذبي ۽ محنت کي سلام آھي۔

    ھن مشاعري کي جنھن انداذ ۾ دوست نثار ابڙو منزل تي پھچايو اھو به ڪنھن تعريف کان گھٽ ناھي۔ نثار ناز جي تجويز تي عمل ڪندي ساٿين جو ھڪ گروپ ساڳي نالي سان يعني سنڌي ادبي ايسوسيشن فيس بڪ اسڪائيپ تي پڻ پنھنجون سرگرميون شروع ڪري ڏنيون آھن، ايندڙ ڪجھ ڏينھن ۾ ھن قسم جي پروگرام ۾ ڪافي مددگار ثابت ٿيندو۔
     
  13. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ پاران پھريون آن لائين براھ راست سنڌي عالمي مشاعرو

    ادا تمام سٺي ونڊ آهي .
     
  14. جاويد نواز

    جاويد نواز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    386
    ورتل پسنديدگيون:
    91
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ پاران پھريون آن لائين براھ راست سنڌي عالمي مشاعرو

    ادا سليمان مون به انهي مُشاعري ۾ حصو ورتو هو
    ادا بيهڻ مونکي به سٺي داد ڏني هُئي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو